Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16 - Muslim Sindhi Bible


آسماني نشانيءَ جي گھُر
( مرقس 8‏:11‏-13 ، لوقا 12‏:54‏-56 )

1 عيسيٰ وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آسماني نشاني ڏيکار.“

2 پر عيسيٰ انهن کي ورندي ڏني تہ ”جڏهن سج لهڻ مهل آسمان ڳاڙهو ٿو ٿئي تہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏاڍي صاف موسم ٿيندي،‘

3 ۽ جڏهن صبح جو آسمان ڳاڙهو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينهن پوندو.‘ اوهان کي آسمان جي نشانين جي تہ خبر پوي ٿي پر هلندڙ وقت جي نشانين جي خبر نہ ٿي پئيوَ.

4 هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ گمراهہ آهن جو مون کان خدائي نشاني ٿا گھرن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ پوءِ هو انهن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.


فريسين ۽ صدوقين جو خمير
( مرقس 8‏:14‏-21 )

5 گليل ڍنڍ جي هُن ڀر وڃڻ وقت عيسيٰ جي شاگردن کان ماني کڻڻ وسري ويئي هئي.

6 هاڻي جڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ٿجو،“

7 تڏهن هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسين ماني ڪونہ کڻي آيا آهيون.“

8 عيسيٰ سندن ڳالهہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوهان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي. ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ ’اسان وٽ ماني ڪونهي‘؟

9 اڃا تائين اوهين نہ ٿا سمجھو؟ ڇا اوهان کي ياد نہ آهي تہ اوهان پنج مانيون پنج هزار ماڻهن ۾ ورهايون هيون؟ ان وقت اوهان بچيل ڳڀن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟

10 يا وري ست مانيون چار هزار ماڻهن ۾ ورهائڻ ياد نہ اٿوَ؟ ان وقت اوهان ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟

11 اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ مون اوهان کي مانيءَ بابت نہ چيو آهي؟ بلڪ ائين چيو اٿم تہ پاڻ کي فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ڪجو.“

12 تڏهن شاگردن سمجھيو تہ هو مانيءَ ۾ ڪم ايندڙ خمير کان خبردار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي تعليم کان هوشيار رهڻ لاءِ پيو چوي.


پطرس جو عيسيٰ مسيح بابت اظهار
( مرقس 8‏:27‏-30 ، لوقا 9‏:18‏-21 )

13 جڏهن عيسيٰ قيصريہ فلپي شهر واري علائقي ۾ پهتو تڏهن پنهنجي شاگردن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو ابنِ آدم بابت ڇا ٿا چون تہ هو ڪير آهي؟“

14 انهن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ يرمياہ نبي يا ٻين نبين مان ڪوبہ هڪ آهيو.“

15 عيسيٰ پڇين تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“

16 تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، زندہ خدا جا فرزند.“

17 عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آهين، ڇاڪاڻ تہ هيءَ حقيقت ڪنهن انسانذات نہ، پر منهنجي پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن تو تي ظاهر ڪئي آهي.

18 آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي ڪليسيا اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي غالب پوندي.

19 آءٌ آسمان جي بادشاهيءَ جون چاٻيون تنهنجي حوالي ڪندس. سو جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي منع ڪندين، تنهن جي عرش عظيم کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي اجازت ڏيندين، تنهن جي عرش عظيم کان بہ اجازت ڏني ويندي.“

20 پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آهيان.“


عيسيٰ مسيح جو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
( مرقس 8‏:31‏–9‏:1 ، لوقا 9‏:22‏-27 )

21 انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃان.“

22 پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهيءَ تي جھڻڪ ڏيندي چيائينس تہ ”اي خداوند! شل اوهين سلامت رهو ۽ اوهان سان ائين نہ ٿئي.“

23 عيسيٰ ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون منهنجي راهہ ۾ رڪاوٽ ٿو بڻجين، ڇاڪاڻ تہ تون خدا جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“

24 پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.

25 ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي جان بچايان،‘ سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندو تنهن کي اها ملندي.

26 ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄي دنيا تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي.

27 ڏسو، ابنِ آدم پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ ملائڪن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب اجر ڏيندو.

28 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو ابنِ آدم کي بادشاهہ جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan