Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13 - Muslim Sindhi Bible


ٻج ڇٽڻ جو مثال
( مرقس 4‏:1‏-9 ، لوقا 8‏:4‏-8 )

1 انهيءَ ساڳئي ڏينهن عيسيٰ گھر مان نڪري ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي تعليم ڏيڻ لاءِ ويٺو.

2 سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ وڃي هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.

3 هو انهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن سان ٻڌائڻ لڳو. هن چيو تہ ”هڪ هاري ٻج ڇٽڻ ويو.

4 ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انهن کي چُڳي ويا.

5 ڪي داڻا ٽڪرائتي زمين تي ڪريا. اتي گھڻي مٽي ڪانہ هئي، سو سلا جلدي اڀريا. پر پوري مٽي نہ هئڻ ڪري

6 جڏهن سج اڀريو تہ لهسجي ويا. جيئن تہ انهن کي پاڙ نہ هئي تنهنڪري اهي سڪي ويا.

7 ڪي داڻا ڪانڊيرن ۾ ڪريا. پر جڏهن ڪانڊيرا مٿي اڀريا تہ انهن کي اُسرڻ نہ ڏنائون.

8 پر ڪي داڻا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ ڦر جھليائون، ڪن ۾ سؤ داڻا ٿيا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيهہ داڻا بہ ڦر هو.“

9 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


مثالن ۾ تعليم ڏيڻ جو مقصد
( مرقس 4‏:10‏-12 ، لوقا 8‏:9‏-10 )

10 پوءِ شاگردن عيسيٰ جي ويجھو اچي کانئس پڇيو تہ ”اوهان انهن سان مثالن ۾ ڇو پئي ڳالهايو؟“

11 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آسمان جي بادشاهيءَ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ،

12 ڇاڪاڻ تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي، تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو تہ وٽس تمام گھڻو ٿي پوندو. پر جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي، تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو هن وٽ آهي.

13 آءٌ انهن سان مثالن ۾ انهيءَ ڪري ڳالهايان ٿو جو اهي ڏسندي بہ نہ ٿا ڏسن ۽ ٻڌندي بہ نہ ٿا ٻڌن، نڪي ڪا کين سمجھہ ٿي پوي.

14 اهڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي ٿو تہ ’”اوهين ٻڌندا تہ رهندا پر سمجھندا هرگز ڪين، اوهين ڏسندا تہ رهندا پر سڃاڻيندا هرگز ڪين.“

15 انهيءَ سبب جو هن قوم جي عقل کي تالو لڳل آهي. اهي ڪنن کان ٻوڙا ٿي پيا آهن، ۽ انهن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، انهيءَ لاءِ تہ متان اهي پنهنجين اکين سان ڏسن، پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پوءِ پنهنجي دماغ سان سوچي سمجھي توبهہ‌تائب ٿين، ۽ آءٌ کين ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريان.‘

16 پر سڀاڳا آهيو اوهين ڇاڪاڻ تہ اوهان جون اکيون ڏسن ٿيون ۽ اوهان جا ڪن ٻڌن ٿا.

17 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ڪيترن ئي نبين ۽ ٻين نيڪن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ڏسو ٿا سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٻڌو ٿا سو هو بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“


ٻج ڇٽڻ جي مثال جي سمجھاڻي
( مرقس 4‏:13‏-20 ، لوقا 8‏:11‏-15 )

18 ”ڌيان سان ٻڌو ۽ ٻج ڇٽڻ جي مثال جو مطلب سمجھو.

19 اهي جيڪي آسمان جي بادشاهيءَ جو پيغام ٻڌن ٿا پر سمجھن نہ ٿا، سي انهيءَ رستي مثل آهن جتي داڻا ڪريا. شيطان اچي انهن جي دل مان اهي پوکيل داڻا ڪڍي ٿو وٺي.

20 ٽڪرائتي زمين جتي داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي پيغام ٻڌي جلدي خوشيءَ سان قبول ڪن ٿا.

21 پر اهو پيغام انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنهنڪري جڏهن پيغام جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا.

22 ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي پيغام تہ ٻڌن ٿا پر هن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب پيغام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.

23 سٺي زمين جتي داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا، ان کي سمجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا، پوءِ ڪن ۾ سؤ داڻا، ڪن ۾ سٺ تہ ڪن ۾ ٽيهہ.“


ڪانڊيرن جو مثال

24 عيسيٰ ميڙ کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جو سٺو ٻج پوکيو.

25 پر هڪڙيءَ رات جڏهن سڀ ماڻهو ستا پيا هئا تہ هن جو هڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي هليو ويو.

26 جڏهن سلا اُڀريا ۽ سنگ نڪرڻ شروع ٿيا تہ ڪانڊيرا بہ ظاهر ٿي پيا.

27 ان ماڻهوءَ جا نوڪر وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ’سائين! اوهان تہ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو هو پر هي ڪانڊيرا ڪٿان آيا؟‘

28 تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ’اهو ڪنهن دشمن جو ڪم آهي.‘ پوءِ انهن کانئس پڇيو تہ ’اسين وڃي ڪانڊيرن کي پٽيون ڇا؟‘

29 هن ورندي ڏنن تہ ’نہ، ڇاڪاڻ تہ جڏهن اوهين ڪانڊيرا پٽيندا تہ متان ڪانڊيرن سان گڏ ڪڻڪ بہ پٽجي اچي.

30 ڇڏيو تہ ڀلي ڪڻڪ ۽ ڪانڊيرا گڏ وڌن، تان جو لاباري جو وقت ٿئي. پوءِ آءٌ لاباري ڪندڙن کي چوندس تہ پهريائين ڪانڊيرا پٽي ٻڌي ڪري باهہ ۾ ساڙين ۽ پوءِ ڪڻڪ گڏ ڪري منهنجي ڀانڊن ۾ رکن.‘“


سرنهن جي داڻي ۽ خمير جا مثال
( مرقس 4‏:30‏-32 ، لوقا 13‏:18‏-19 )

31 عيسيٰ انهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهي سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو کڻي ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو.

32 جيتوڻيڪ هو سڀني ٻجن کان ننڍو آهي، تنهن هوندي بہ جڏهن ڦُٽي ٿو تہ سڀني ٻوٽن کان وڏو ٿي وڃي ٿو. اهو وڌي وڻ وانگر ٿئي ٿو ۽ پکي اچي ان جي ٽارين ۾ واهيرا ڪن ٿا.“

33 عيسيٰ انهن کي هڪڙو ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهي خمير مثل آهي، جيڪو ڪنهن عورت کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“


عيسيٰ مسيح جو مثال ڪم آڻڻ
( مرقس 4‏:33‏-34 )

34 عيسيٰ ميڙن کي هي سڀ ڳالهيون مثالن سان ٻڌائيندو هو ۽ مثالن کان سواءِ انهن کي ڪا ڳالهہ نہ ٻڌائيندو هو،

35 انهيءَ لاءِ تہ جيئن نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالهائيندس ۽ اهي ڳالهيون چوندس، جيڪي دنيا جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آهن.“


ڪانڊيرن جي مثال جي سمجھاڻي

36 پوءِ عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر هليو ويو. سندس شاگرد وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ ٻنيءَ ۾ ڪانڊيرا ڦٽڻ جي مثال جي معنيٰ ڇا آهي؟“

37 تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جنهن سٺو ٻج پوکيو اهو ابنِ آدم آهي

38 ۽ ٻني هيءَ دنيا آهي. سٺو ٻج اهي ماڻهو آهن جيڪي آسمان جي بادشاهيءَ سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اهي ماڻهو آهن جيڪي ابليس سان واسطو رکن ٿا.

39 دشمن جنهن ڪانڊيرا پوکيا سو ابليس آهي. لابارو آهي قيامت جو ڏينهن ۽ لاباري وارا آهن ملائڪ.

40 تنهنڪري جيئن ڪانڊيرا گڏ ڪري باهہ ۾ ساڙيا ويندا آهن تيئن قيامت جي ڏينهن بہ ٿيندو.

41 ابنِ آدم پنهنجي ملائڪن کي موڪليندو ۽ اهي سندس بادشاهيءَ مان انهن سڀني کي گڏ ڪندا جيڪي ٻين کي گمراهہ ٿا ڪن ۽ شريعت جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا.

42 اهي ملائڪ کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.

43 پوءِ سچار پنهنجي پيءُ جي بادشاهيءَ ۾ سج وانگر چمڪندا.“ عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


لڪل خزاني ۽ موتيءَ جا مثال

44 ”آسمان جي بادشاهي انهيءَ خزاني مثل آهي جيڪو ٻنيءَ ۾ لڪل آهي. جڏهن ڪو ماڻهو اهو لهي ٿو تہ هو وري ان کي ڍڪي ڇڏي ٿو ۽ بيحد خوشيءَ وچان وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اها ٻني خريد ڪري ٿو.

45 آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت پڻ آهي تہ موتين جو هڪڙو سوداگر عمدن موتين جي ڳولا ۾ رهي ٿو.

46 جڏهن هو ڪو تمام عمدو موتي لهي ٿو تہ وڃي پنهنجو سڀ ڪجھہ وڪڻي اهو موتي خريد ڪري ٿو.“


ڄار جو مثال

47 ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت پڻ آهي تہ ڪي مهاڻا پنهنجو ڄار ڍنڍ ۾ اڇلائين ٿا، جنهن ۾ هر قسم جي مڇي ڦاسي ٿي.

48 جڏهن اهو ڄار ڀرجي وڃي ٿو تہ مهاڻا ان کي ڇڪي ٻاهر ڪڍي آڻين ٿا ۽ ڪناري تي ويهي ان مان مڇيون ڪڍين ٿا. جيڪا مڇي چڱي آهي سا کاريءَ ۾ وجھن ٿا ۽ ڪني مڇيءَ کي اڇلائي ڇڏين ٿا.

49 ساڳيءَ طرح قيامت جي ڏينهن بہ ٿيندو. ملائڪ وڃي نيڪن کان بڇڙن کي ڌار ڪندا

50 ۽ کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي اهي روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.“


نيون ۽ پراڻيون شيون

51 پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کان پڇيو تہ ”ڇا اوهان هي سڀ ڳالهيون سمجھيون؟“ هنن وراڻيو تہ ”هائو.“

52 تنهن تي هن چين تہ ”جيڪو بہ شريعت جو عالم آسمان جي بادشاهيءَ جو شاگرد ٿئي ٿو، سو پنهنجي علم مان نيون توڙي پراڻيون ڳالهيون ائين ٿو ڪڍي، جيئن ڪو گھر جو مالڪ پنهنجي گھر مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.“


عيسيٰ مسيح کي ناصرت وارن جو قبول نہ ڪرڻ
( مرقس 6‏:1‏-6 ، لوقا 4‏:16‏-30 )

53 جڏهن عيسيٰ اهي مثال ٻڌائي چڪو تہ اتان روانو ٿيو

54 ۽ موٽي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو، جتي سندن عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. جن بہ هن کي ٻڌو تن عجب ۾ پئجي پڇيو تہ ”هن ايڏي سياڻپ ۽ معجزن ڪرڻ جي اهڙي قدرت ڪٿان حاصل ڪئي آهي؟

55 ڇا هي واڍي جو پٽ نہ آهي؟ ڇا هن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آهي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يهوداہ هن جا ڀائر نہ آهن ڇا؟

56 ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟ هن هي سڀ ڪجھہ ڪٿان حاصل ڪيو؟“

57 سو انهن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو. عيسيٰ کين چيو تہ ”هر نبي پنهنجي ديس ۽ پنهنجي خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان پائيندو آهي.“

58 هن اتي گھڻا معجزا نہ ڪيا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي مٿس يقين ئي ڪونہ هو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan