Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -


متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12 - Muslim Sindhi Bible


سبت جي ڏينهن بابت سوال
( مرقس 2‏:23‏-28 ، لوقا 6‏:1‏-5 )

1 ڪجھہ ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ سبت جي ڏينهن اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو. جيئن تہ هن جي شاگردن کي بک لڳي هئي، سو اهي اناج جا سنگ پٽي کائڻ لڳا.

2 تڏهن فريسين اهو ڏسي عيسيٰ کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا شاگرد اهو ڪم ڪن ٿا جيڪو سبت جي ڏينهن تي ڪرڻ جائز نہ آهي.“

3 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو ڪين پڙهيو آهي تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي تہ دائود ڇا ڪيو هو؟

4 هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو هو ۽ پوءِ هن ۽ سندس ساٿين نذراني وارا اهي روٽ کاڌا هئا جيڪي هنن کي نہ، بلڪ رڳو ڪاهنن کي کائڻ جائز هئا.

5 ڇا اوهان توريت ۾ نہ پڙهيو آهي تہ هيڪل ۾ توڙي جو ڪاهن سبت جي ڏينهن جي پرهيز نہ ٿا رکن تہ بہ ڏوهي نہ ٿا ليکجن؟

6 پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو بہ آهي جيڪو هيڪل کان بہ وڏو آهي.

7 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’مون کي جانورن جي قرباني نہ، پر رحم پسند آهي.‘ جيڪڏهن اوهين هن جي صحيح معنيٰ سمجھو ها تہ بي‌ڏوهين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو ها.

8 ياد رکو، ابنِ آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“


سڪل هٿ وارو ماڻهو
( مرقس 3‏:1‏-6 ، لوقا 6‏:6‏-11 )

9 تنهن کان پوءِ عيسيٰ اتان روانو ٿي يهودين جي عبادت‌خاني ۾ هليو ويو.

10 اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو هو. ڪي اهڙا فريسي بہ موجود هئا جيڪي چاهين پيا تہ عيسيٰ ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تهمت هڻن. سو انهن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينهن شفا ڏيڻ جائز آهي؟“

11 تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي رڍ سبت جي ڏينهن کڏ ۾ ڪري پوي تہ ڇا اهو ان کي جھلي ٻاهر نہ ڪڍندو؟

12 جڏهن تہ انسان رڍ کان گھڻو وڌيڪ قيمتي آهي، تنهنڪري سبت جي ڏينهن تي چڱو ڪم ڪرڻ جائز آهي.“

13 پوءِ هن انهيءَ ماڻهوءَ کي چيو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ سندس هٿ ٺيڪ ٿي ويو ۽ بلڪل ٻئي هٿ جهڙو ٿي پيس.

14 تڏهن فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.


خدا جو مخصوص ڪيل ٻانهو

15 جڏهن عيسيٰ کي فريسين جي سازشن جي خبر پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن شفا ڏني

16 ۽ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”مون بابت ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو.“

17 اهڙيءَ طرح خدا يسعياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿيو تہ

18 ”ڏسو، هي منهنجو ٻانهو آهي، جنهن کي مون مخصوص ڪيو آهي. هي منهنجو پيارو آهي، ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان. آءٌ هن تي پنهنجو روح نازل ڪندس، ۽ هي هر قوم ۾ منهنجي انصاف جو اعلان ڪندو.

19 هي نہ جھيڙو جھڳڙو ڪندو ۽ نہ هل هنگامو، نڪي وري چونڪن ۾ هن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.

20 هو ڦٿل ڪاني کي بہ ڪين ڀڃندو، ۽ نہ وري اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو. ائين ئي هو ثابت قدم رهندو، ايستائين جو انصاف جي فتح نہ ڪرائي.

21 هن ۾ ئي سڀني قومن جون اميدون هونديون.“


عيسيٰ مسيح ۽ بعل‌زبول
( مرقس 3‏:20‏-30 ، لوقا 11‏:14‏-23 )

22 پوءِ عيسيٰ وٽ هڪڙو ماڻهو آندو ويو جيڪو انڌو هو ۽ ڳالهائي بہ نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ ڀوت هو. عيسيٰ ان کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو، تڏهن هو ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ لڳو.

23 هي ڏسي سڄي خلق حيران ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”ڇا هي اهو تہ نہ آهي جيڪو دائود جي نسل مان اچڻ وارو آهي؟“

24 جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ائين نہ آهي، بلڪ هو ڀوتن جي سردار بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“

25 عيسيٰ انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سا برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي.

26 سو جيڪڏهن شيطان ئي شيطان کي ڪڍندو تہ ڇا سندس بادشاهت ۾ ڏڦيڙ نہ پوندو؟ هائو، پوءِ اها ڪيئن جٽاءُ ڪري سگھندي؟

27 جيڪڏهن آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوهان جا ماڻهو ڪنهن جي مدد سان ٿا ڪڍن؟ پوءِ تہ اهي ئي اوهان کي ڪوڙو ثابت ڪندا.

28 پر جيڪڏهن آءٌ خدا جي روح جي مدد سان ڀوتن کي ڪڍان ٿو، تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏيو تہ خدا جي بادشاهي اوهان وٽ اچي پهتي آهي.

29 ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقتور ماڻهوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان طاقتور ماڻهوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھندو.

30 جيڪو مون سان نہ آهي سو منهنجي خلاف آهي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي.

31 تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ڪنهن بہ گناهہ يا ڪفر جي معافي ملي سگھي ٿي، سواءِ انهيءَ ڪفر جي جيڪو پاڪ روح جي خلاف بڪيو وڃي ٿو. اهو هرگز نہ بخشيو ويندو.

32 جيڪڏهن ڪو ابنِ آدم جي خلاف ڪجھہ ڳالهائي ٿو تہ کيس معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو پاڪ روح جي خلاف ڪجھہ ڳالهائيندو تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ نہ بخشيو ويندو، نہ هن آخري زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾.“


جهڙو وڻ تهڙو ميوو
( لوقا 6‏:43‏-45 )

33 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”هاڻي جيڪڏهن اوهين وڻ کي سٺو چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ سٺو هوندو ۽ جيڪڏهن وڻ کي خراب چئو ٿا تہ ان جو ميوو بہ خراب هوندو، ڇاڪاڻ تہ وڻ کي سندس ميوي مان ئي سڃاڻبو آهي.

34 سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.

35 هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو.

36 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن هر هڪ کي پنهنجي بيڪار ڳالهايل لفظن جو حساب ڏيڻو پوندو.

37 اوهان جا لفظ ئي اوهان کي ڏوهي يا بي‌ڏوهي قرار ڏياريندا.“


ثابتيءَ لاءِ نشانيءَ جي گھُر
( مرقس 8‏:11‏-12 ، لوقا 11‏:29‏-32 )

38 پوءِ ڪن شريعت جي عالمن ۽ فريسين هن کي چيو تہ ”اي استاد! اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا خدائي نشاني ڏيکار.“

39 تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ گمراهہ آهن جو مون کان خدائي نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.

40 جيئن يونس ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابنِ آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.

41 نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يونس جي تبليغ تي ئي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يونس کان بہ عظيم آهي.

42 قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ وڏي پنڌ تان سليمان بادشاهہ جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ عظيم آهي.“


ڀوتن جو موٽڻ
( لوقا 11‏:24‏-26 )

43 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري وڃي ٿو تڏهن اهو ويران هنڌن ۾ ڪا جاءِ لهڻ لاءِ رُلي ٿو، جتي هو آرام ڪري سگھي، پر کيس آرام نہ ٿو ملي.

44 پوءِ هو چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي انهيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو هئس.‘ سو جڏهن هو موٽي اچي ڏسي ٿو تہ گھر خالي، صاف ۽ سينگاريل آهي،

45 تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو. اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ ان جي حالت اڳي کان بہ وڌيڪ بدتر ٿي پوي ٿي. سو هن زماني جي بڇڙن ماڻهن سان بہ ساڳي حالت ٿيندي.“


عيسيٰ مسيح جي ماءُ ۽ ڀائر ڪير؟
( مرقس 3‏:31‏-35 ، لوقا 8‏:19‏-21 )

46 عيسيٰ ميڙ سان اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ سندس ماءُ ۽ ڀائر ٻاهر اچي پهتا ۽ ساڻس ڳالهائڻ ٿي چاهيائون.

47 تنهن تي ماڻهن مان هڪڙي عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اوهان جي ماءُ ۽ ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ڳالهائڻ ٿا چاهين.“

48 عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”ڪير آهي منهنجي ماءُ ۽ ڪير آهن منهنجا ڀائر؟“

49 پوءِ هن پنهنجي شاگردن ڏانهن اشارو ڪري چيو تہ ”ڏسو، منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر هي آهن.

50 هائو، جيڪو بہ منهنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ تي هلي ٿو، سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan