متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11 - Muslim Sindhi Bibleحضرت يحيٰ جا قاصد ( لوقا 7:18-35 ) 1 جڏهن عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي هدايتون ڏيئي چڪو تڏهن هو اتان روانو ٿيو، تہ جيئن ويجھن شهرن ۾ وڃي تعليم ڏئي ۽ تبليغ ڪري. 2 هاڻي جڏهن يحيٰ جيل ۾ مسيح جي ڪمن بابت ٻڌو تہ هن پنهنجا ڪي شاگرد عيسيٰ ڏانهن موڪليا. 3 هنن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“ 4 تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنن تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهين ٻڌو ۽ ڏسو ٿا سو يحيٰ کي وڃي ٻڌايو تہ 5 انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پاڪ صاف ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيئرا ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي. 6 سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“ 7 جڏهن اهي هليا ويا تہ عيسيٰ ميڙ کي يحيٰ بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهين رڻپٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا واءُ سان لڏندڙ ڪنهن ڪاني کي؟ 8 پر آخر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا ڀلا سٺن ڪپڙن واري ڪنهن ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا سي بادشاهن جي محلن ۾ هوندا آهن. 9 پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا هڪ نبيءَ کي؟ ها تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي. 10 بلڪ يحيٰ ئي اهو آهي جنهن بابت پاڪ ڪلام ۾ خدا فرمايو آهي تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجي پيغمبر کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘ 11 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ ماءُ جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ آسمان جي بادشاهيءَ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يحيٰ کان بہ وڏو آهي. 12 يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي تبليغ کان وٺي هن وقت تائين آسمان جي بادشاهيءَ تي ڏاڍائي پئي ٿي آهي ۽ ڏاڍا ماڻهو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. 13 اها ڳالهہ توريت توڙي سڀني نبين جي لکتن ۾ يحيٰ جي وقت تائين اڳڪٿي ڪري ٻڌائي ويئي هئي. 14 جيڪڏهن اوهين اعتبار ڪريو تہ الياس نبي، جيڪو اچڻ وارو هو سو هي يحيٰ ئي اٿوَ. 15 جنهن کي بہ ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“ 16 هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جي ماڻهن کي آءٌ ڪنهن سان ڀيٽيان؟ اهي تہ اهڙن ٻارن وانگر آهن جيڪي بازارن ۾ ويهي هڪٻئي کي سڏ ڪري چون ٿا تہ 17 ’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون، پر اوهين نچيا ئي ڪين. اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا، پر اوهين رنا ئي ڪين.‘ 18 ساڳيءَ طرح جڏهن يحيٰ روزي جي ڪري اڪثر نہ کاڌو ٿي، نہ پيتو ٿي، تڏهن ماڻهن چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘ 19 پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي خدا جي حڪمت سچي ثابت ٿئي ٿي.“ بياعتقاد ماڻهن تي مصيبت ( لوقا 10:13-15 ) 20 جن شهرن ۾ عيسيٰ تمام گھڻا معجزا ڏيکاريا هئا ۽ ان جي باوجود بہ اتي جي ماڻهن پنهنجن گناهن کان توبهہ نہ ڪئي هئي، تن کي ننديندي هن چيو تہ 21 ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيتصيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪن ها. 22 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن اوهين صور ۽ صيدا جي ماڻهن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا. 23 اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آسمان کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم شهر ۾ ڪيا وڃن ها تہ اهو بہ جيڪر اڄ ڏينهن تائين قائم هجي ها. 24 تہ پوءِ آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن اوهين سدوم شهر وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.“ خدا جا احسان مڃڻ ( لوقا 10:21-22 ) 25 انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. 26 هائو، اي بابا! اهو سڀ تنهنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“ 27 شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي. مذهبي فرضن جي ادائگيءَ واري بار کان آرام 28 اي اوهين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آهيو! مون وٽ اچو، آءٌ اوهان کي آرام ڏيندس. 29 منهنجي ئي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان. ائين ڪرڻ سان اوهان کي آرام ملندو، 30 ڇاڪاڻ تہ منهنجي پاڃاري فضل واري آهي ۽ منهنجو بار هلڪو آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society