Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ملاڪيءَ 4 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جو ڏينهن

1 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.

2 پر اوهين جيڪي منهنجو خوف ٿا رکو تن جي لاءِ ان ڏينهن منهنجو بچائڻ سج جي روشنيءَ وانگر هوندو، جنهن جو نتيجو چڱائي ۽ ڀلائي هوندو. اوهين انهيءَ ڏينهن تي ائين نچندا ٽپندا جيئن وٿاڻن مان گابا ڇٽي نڪرڻ مهل نچندا ٽپندا آهن.

3 جنهن ڏينهن آءٌ ائين ڪندس تنهن ڏينهن بدڪار اوهان جي پيرن هيٺان لتاڙبا ۽ اوهان جي پيرن جي خاڪ بڻجي ويندا.

4 مون پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي شريعت يعني اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي سينا جبل تي بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن لاءِ ڏنا هئا، تن سڀني تي اوهين عمل ڪريو.

5 پر منهنجي عظيم ۽ ڊيڄاريندڙ ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ اوهان وٽ الياس نبي موڪليندس.

6 هو ماءُ پيءُ ۽ سندن اولاد جون دليون ڦيرائي کين هڪ ڪندو تہ جيئن آءٌ اچي اوهان جو ملڪ برباد نہ ڪريان.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan