Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

ملاڪيءَ 2 - Muslim Sindhi Bible

1 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ڪاهنؤ! اوهان جي لاءِ هي حڪم آهي،

2 تہ جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏيندا ۽ منهنجي نالي جي تعظيم جي پرواهہ نہ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت موڪليندس ۽ اوهان کي جيڪي فضيلتون ڏنيون اٿم، تن تي بہ لعنت وجھندس. سچ پچ تہ مون اڳي ئي انهن تي لعنت وجھي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.

3 ياد رکو، منهنجي اها لعنت اوهان جي نسلن تائين اوهان تي پوندي رهندي. آءٌ اوهان جي قربان ڪيل جانورن جو اوجھہ اوهان جي منهن تي ملي ڇڏيندس. اوهين انهيءَ ڇيڻي سان گڏ منهنجي حضور کان ٻاهر گند ڪچري واري جاءِ ۾ اڇلايا ويندا.

4 پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون اهو حڪم اوهان کي انهيءَ لاءِ ڏنو هو تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو تہ جيئن منهنجو عهد اوهان لاويءَ جي گھراڻي وارن سان قائم رهي.

5 شروعات ۾ مون پنهنجي عهد ۾ اوهان جي وڏن جون زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ سلامتي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اهي مون کين انهيءَ لاءِ عطا ڪيون تہ جيئن اهي شڪرگذاريءَ سان منهنجي بندگي ڪندا رهن. سچ پچ تہ هنن ائين ئي ڪيو ۽ منهنجي تعظيم بہ ڪيائون.

6 سچائيءَ جي تعليم سندن زبان تي هئي ۽ سندن واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. هو منهنجي واٽن تي صلح ۽ سچائيءَ سان هليا ۽ ماڻهن کي بڇڙائيءَ جي راهہ کان ڦيرائي آندائون.

7 بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“

8 قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر اي ڪاهنؤ! اوهين هاڻ صحيح راهہ کان هٽي ويا آهيو. اوهان جي تعليم سان ماڻهو گمراهہ ٿي ويا آهن. اوهان انهيءَ عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو مون اوهان جي لاوي گھراڻي سان ڪيو هو.

9 تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي سڀني ماڻهن جي نظر ۾ ذليل ۽ حقير ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ جو اوهين منهنجي راهہ تي قائم نہ رهيا آهيو ۽ شرعي معاملن جي پاسخاطري نہ ڪئي اٿوَ.“


خدا سان بي‌اعتقادي

10 ڇا مون ملاڪيءَ جو ۽ اوهان جو هڪڙو ئي پيءُ ناهي؟ ڇا هڪڙي ئي خدا اسان سڀني کي پيدا نہ ڪيو آهي؟ پوءِ ڇو اسين هڪٻئي سان دغا ڪري پنهنجي ابن ڏاڏن جي عهد جي بي‌حرمتي ٿا ڪريون؟

11 اوهان يهوداہ وارن خداوند سان بي‌وفائي ڪندي يروشلم ۾ ڪڌو ڪم ڪيو آهي. هائو، اوهان غير معبودن سان تعلق جوڙي خداوند جي پاڪ ۽ پياري گھر جي بي‌حرمتي ڪئي آهي.

12 خداوند چاهي ٿو تہ هو هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي عهد مان خارج ڪري ڇڏي، جيڪو اهڙو ڪم ڪري، پوءِ اهو کڻي ڪير بہ هجي، توڙي اهو جيڪو قادرِمطلق خداوند لاءِ نذرانو پيش ڪري ٿو.

13 ٻي ڳالهہ اوهين هيءَ بہ ٿا ڪريو جو قربان‌گاهہ وٽ ڏاڍو روئو رڙو ٿا ۽ آهون دانهون ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي نذرانن جو لحاظ نہ ٿو ڪري ۽ نہ ئي وري هو انهن مان راضي ٿو ٿئي.

14 اوهين پڇو ٿا تہ هو راضي ڇو نہ ٿو ٿئي؟ اهو انهيءَ ڪري جو خداوند ڏسي ٿو تہ اوهان پنهنجي زال سان بي‌وفائي ڪئي آهي، جنهن سان اوهان نوجوانيءَ ۾ شادي ڪئي هئي. هوءَ اوهان جي ساٿي آهي جنهن سان خدا آڏو ڪيل وفاداريءَ واري واعدي کي اوهان ٽوڙي ڇڏيو آهي.

15 ڇا خدا اوهان ٻنهي کي انهيءَ واعدي موجب گڏجي هڪ بدن ۽ هڪ روح ٿيڻ لاءِ نہ چيو آهي؟ خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن اوهان مان اهڙا ٻار پيدا ٿين جيڪي خدا جا هجن. سو اوهان کي انهيءَ واعدي جي سنڀال ڪرڻي آهي.

16 خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”آءٌ طلاق کان نفرت ٿو ڪريان، جنهن جي ذريعي اوهين پنهنجي زال سان ظلم ٿا ڪريو. سو اوهان لاءِ اهو ضروري آهي تہ اوهين پنهنجي زال سان ڪيل وفاداريءَ واري واعدي تي قائم رهو.“


عدالت جو ڏينهن

17 اوهان پنهنجين ڳالهين سان خداوند کي بيزار ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ بہ چئو ٿا تہ ”اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ کيس بيزار ڪيو آهي؟“ اوهان خداوند کي انهيءَ ڳالهہ ۾ بيزار ڪيو آهي جو چئو ٿا تہ ”برائي ڪندڙ هر ماڻهو خدا جي نظر ۾ چڱو آهي ۽ خدا انهيءَ مان خوش آهي.“ ٻيو هن ڳالهہ جي ڪري جو چئو ٿا تہ ”اهو خدا ڪٿي آهي جنهن کي عادل خدا سمجھيو ويندو آهي؟“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan