لوقا 9 - Muslim Sindhi Bibleٻارهن شاگردن کي موڪلڻ ( متي 10:5-15 ، مرقس 6:7-13 ) 1 عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي سڏي کين هيءَ طاقت ۽ اختياري ڏني تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍن ۽ بيمارن کي شفا ڏين. 2 پوءِ انهن کي موڪليائين تہ ”وڃي خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪريو ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريو.“ 3 هن کين اهو تاڪيد بہ ڪيو تہ ”رستي لاءِ ڪجھہ بہ نہ کڻجو، نہ لٺ، نہ ٿيلهو، نہ ماني، نہ پئسا ۽ نہ وري ڪو وڌيڪ وڳو. 4 جتي بہ وڃي ڪنهن گھر ۾ رهو تہ اتي ايستائين رهجو جيستائين ان شهر مان روانا نہ ٿيو. 5 جنهن شهر جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ انهيءَ شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“ 6 تڏهن اهي شاگرد روانا ٿيا ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبري ٻڌائڻ ۽ هر هنڌ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳا. هيروديس جو مونجھڪاري ۾ پوڻ ( متي 14:1-12 ، مرقس 6:14-29 ) 7 جڏهن عيسيٰ بابت سڄو احوال گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جي ڪَن تي پيو تہ هو مونجھڪاري ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ ڪن ماڻهن پئي چيو تہ ”يحيٰ مئلن مان جيئرو ٿيو آهي،“ 8 ڪن پئي چيو تہ ”الياس ظاهر ٿيو آهي“ ۽ وري ٻين پئي چيو تہ ”آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو وري جيئرو ٿيو آهي.“ 9 تنهن تي هيروديس چيو تہ ”يحيٰ جي تہ مون سسي لهرائي ڇڏي هئي. پر هيءُ ڪير آهي جنهن بابت هن طرح جون ڳالهيون ٿا ٻڌون؟“ تڏهن هو عيسيٰ سان ملڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ ( متي 14:13-21 ، مرقس 6:30-44 ، يوحنا 6:1-14 ) 10 اهي ٻارهن رسول جڏهن موٽي آيا، تڏهن عيسيٰ کي اهو سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي هنن ڪيو هو. پوءِ عيسيٰ انهن کي پاڻ سان گڏ نويڪلو وٺي بيتصيدا نالي شهر ڏانهن روانو ٿيو. 11 پر جڏهن ماڻهن جي ميڙن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن اهي بہ عيسيٰ جي پٺيان اچي وٽس پهتا. هو انهن سان خوشيءَ سان مليو ۽ کين خدا جي بادشاهيءَ جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ لڳو، جنهن کي ان جي ضرورت هئي. 12 جڏهن سج لهڻ تي ٿيو تہ انهن ٻارهن شاگردن اچي عيسيٰ کي چيو تہ ”ماڻهن کي موڪل ڏيو تہ اوسيپاسي وارن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي رهن ۽ کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪن، ڇاڪاڻ تہ اسين هِت ويران هنڌ تي آهيون.“ 13 پر عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهين ئي کائڻ لاءِ ڏيونِ.“ تنهن تي شاگردن وراڻيس تہ ”اسان وٽ تہ پنجن مانين ۽ ٻن مڇين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونهي. باقي جيڪڏهن اوهين چئو تہ اسين هيڏي وڏي ميڙ لاءِ وڃي کاڌو خريد ڪري اچون.“ 14 هنن اهو انهيءَ ڪري چيو تہ ميڙ ۾ اٽڪل پنج هزار مرد هئا. تڏهن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”هنن کي پنجاهہ پنجاهہ جي ٽولين ۾ ڪري ويهاريو.“ 15 پوءِ شاگردن عيسيٰ جي چوڻ موجب سڀني کي ويهاري ڇڏيو. 16 تڏهن عيسيٰ اهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون وٺي آسمان ڏانهن نهاري انهن ۾ برڪت گھري. پوءِ اهي ڀڃي هو شاگردن کي ڏيندو ويو تہ ماڻهن جي اڳيان رکندا وڃن. 17 پوءِ تہ سڀني ماڻهن کائي ڍءُ ڪيو ۽ جيڪي ٽڪر ڳڀا بچيا تن جون شاگردن ٻارهن کاريون ڀريون. پطرس جو عيسيٰ مسيح بابت اظهار ( متي 16:13-19 ، مرقس 8:27-29 ) 18 هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رهيو هو ۽ سندس شاگرد ساڻس گڏ هئا، تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ 19 شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ اوهين الياس آهيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوهين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آهيو.“ 20 هن شاگردن کان پڇيو تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس چيس تہ ”تون خدا جو مسيح آهين.“ 21 تڏهن کين تاڪيد ڪندي حڪم ڏنائين تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ عيسيٰ مسيح جو پنهنجي تڪليفن ۽ موت بابت ٻڌائڻ ( متي 16:21-28 ، مرقس 8:31–9:1 ) 22 عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”ابنِ آدم لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي خدا کيس وري جيئرو ڪري اٿاري.“ 23 پوءِ شاگردن سميت سڀني کي چيائين تہ ”جيڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري سو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ هر روز پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي. 24 ڏسو، جيڪو پنهنجي جان بچائڻ چاهيندو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان وڃائيندو، سو انهيءَ کي بچائيندو. 25 جيڪڏهن ماڻهو کڻي سڄي دنيا هٿ ڪري، پر پنهنجي جان وڃائي يا انهيءَ کي برباد ڪري ڇڏي تہ ڪهڙو فائدو ٿيندس؟ 26 ڏسو، جيڪو مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو، تنهن کان ابنِ آدم بہ شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي، پنهنجي ۽ پاڪ ملائڪن جي جلوي ۾ ايندو. 27 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين خدا جي بادشاهيءَ کي نہ ڏسندا.“ عيسيٰ مسيح جو نوراني صورت ۾ ظاهر ٿيڻ ( متي 17:1-8 ، مرقس 9:2-8 ) 28 انهن ڳالهين جي اٽڪل اٺن ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ پاڻ سان گڏ پطرس، يوحنا ۽ يعقوب کي وٺي هڪڙي جبل تي دعا گھرڻ لاءِ ويو. 29 جيئن ئي هو دعا گھري رهيو هو تہ سندس صورت بدلجي پيئي ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي. 30 اتي جو اتي ٻہ شخص عيسيٰ سان ڳالهيون ڪندي نظر آيا. اهي موسيٰ ۽ الياس نبي هئا، 31 جيڪي نوراني صورت ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيا. هنن عيسيٰ جي موت بابت پئي ڳالهايو جيڪو يروشلم ۾ ٿيڻو هو. 32 ان وقت پطرس ۽ سندس ساٿي گَهري ننڊ ۾ هئا ۽ جڏهن جاڳيا، تڏهن عيسيٰ جو جلوو ڏسڻ ۾ آين ۽ ٻہ ماڻهو ساڻس گڏ بيٺل ڏٺائون. 33 جڏهن موسيٰ ۽ الياس عيسيٰ وٽان وڃڻ لڳا تڏهن پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان جا ڀاڳ ڀلا آهن جو اسين هتي آهيون. سو اسين ٽي تنبو کوڙيون، هڪڙو اوهان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون الياس لاءِ.“ پر کيس خبر ئي ڪانہ ٿي پئي تہ ڇا چئي رهيو آهي. 34 اڃا هن ائين چيو ئي پئي تہ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ جڏهن اهي ڪڪر ۾ گھڙڻ لڳا تہ شاگرد ڊڄي ويا. 35 انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو فرزند ۽ منهنجو مخصوص ڪيل آهي، سو اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 36 جڏهن اهو آواز آيو تڏهن عيسيٰ اڪيلو ئي ڏسڻ ۾ آين. پوءِ شاگردن کڻي ماٺ ڪئي ۽ جيڪي ڳالهيون اتي ٿيندي ڏٺيون هئائون تن مان ڪابہ انهن ڏينهن ۾ ڪنهن سان بہ نہ ڪيائون. ڇوڪر مان ڀوت ڪڍڻ ( متي 17:14-18 ، مرقس 9:14-27 ) 37 ٻئي ڏينهن تي عيسيٰ پنهنجي ٽنهي شاگردن سان گڏ جبل تان لٿو تہ هڪ وڏو ميڙ اچي ساڻس مليو. 38-39 تڏهن انهيءَ ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ رڙ ڪري چيو تہ ”اي استاد! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو پٽ جنهن ۾ ڀوت آهي تنهن کي هلي ڏسو، ڇو تہ اهو منهنجو سڪيلڌو پٽ آهي. جڏهن اهو ڀوت اچي ٿو وٺيس، تہ هو اوچتو وٺيو رڙيون ٿو ڪري ۽ ڀوت اهڙو ٿو گھُٽيس جو گِگَ پئي وهيس ۽ ڏاڍا ايذاءَ ڏيندي مس مس ٿو منجھانئس نڪري. 40 مون اوهان جي شاگردن کي بہ عرض ڪندي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو،‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“ 41 تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”اي بييقين ۽ گمراهہ قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان سان هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟“ پوءِ هن ڇوڪري جي پيءُ کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي مون وٽ آڻ.“ 42 جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين. 43 سڀيئي خدا جي ايڏي قدرت ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. جڏهن سڀ ماڻهو عيسيٰ جي ڪمن تي عجب کائي رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي سڀني شاگردن کي چيو تہ ٻيو دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ ( متي 17:22-23 ، مرقس 9:30-32 ) 44 ”هيءَ ڳالهہ پنهنجي هينئين سان هنڊايو تہ ابنِ آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو.“ 45 پر هنن اها ڳالهہ نہ سمجھي. اها ڳالهہ کانئن ڳجھي رکي ويئي هئي تہ جيئن اهي سمجھي نہ سگھن. هو انهيءَ بابت عيسيٰ کان پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي. وڏو ڪير؟ ( متي 18:1-5 ، مرقس 9:33-37 ) 46 هڪ دفعي شاگرد پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”اسان ۾ وڏو ڪير آهي؟“ 47 عيسيٰ سندن دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو هڪڙو ننڍو ٻار کڻي پنهنجي ڀرسان بيهاريائين. 48 پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن خدا کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“ مخالف ۽ طرفدار ڪير؟ ( مرقس 9:38-40 ) 49 پوءِ يوحنا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇو تہ هو اسان سان گڏ اوهان جي پيروي نہ ٿو ڪري.“ 50 پر عيسيٰ چين تہ ”منع نہ ڪريوس، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي خلاف نہ آهي سو اوهان جي پاسي آهي.“ سامرين جو عيسيٰ مسيح کي ڳوٺ ۾ اچڻ کان روڪڻ 51 جڏهن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. 52 هن پاڻ کان اڳ ۾ ڪن قاصدن کي روانو ڪيو. اهي وڃي سامرين جي هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتا تہ جيئن اتي عيسيٰ لاءِ رات گذارڻ جو انتظام ڪرائين. 53 پر اتان جي ماڻهن عيسيٰ جو ڳوٺ ۾ اچڻ قبول نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندس رخ يروشلم ڏانهن هو. 54 تڏهن سندس شاگردن يعقوب ۽ يوحنا هي ڏسي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ اسين حڪم ڪريون تہ آسمان مان باهہ اچي هنن کي ناس ڪري ڇڏي.“ 55 پر عيسيٰ ڦري هنن کي ڇينڀيو 56 ۽ پوءِ هو سڀيئي ٻئي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿي ويا. عيسيٰ مسيح جا پوئلڳ ڪير؟ ( متي 8:19-22 ) 57 جيئن هو واٽ وٺيو پئي ويا تہ هڪڙي ماڻهوءَ عيسيٰ کي چيو تہ ”جيڏانهن اوهين ويندا، اوڏانهن آءٌ بہ اوهان جي پٺيان هلندس.“ 58 عيسيٰ هن کي چيو تہ ”لومڙين کي ڏريون ۽ پکين کي آکيرا آهن، پر ابنِ آدم کي اها جاءِ بہ ڪانهي جتي کڻي مٿو لڪائي آرام ڪري.“ 59 عيسيٰ ٻئي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ پر هن جواب ڏنس تہ ”اي سائين! مون کي تيستائين موڪل ڏيو جيستائين آءٌ پنهنجي پيءُ کي دفنائي اچان.“ 60 تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڇڏ تہ ڀلي مُڙدا وڃي مُڙدن کي دفنائين، پر تون وڃي ماڻهن ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي تبليغ ڪر.“ 61 هڪڙي ٻئي بہ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي سائين! آءٌ اوهان جي پٺيان هلندس، پر پهريائين اجازت ڏيو تہ گھر جي ماڻهن کان موڪلائي اچان.“ 62 تنهن تي عيسيٰ هن کي چيو تہ ”جيڪو پنهنجو هٿ هر جي مُٺئي تي رکي وري پوئتي ٿو نهاري، سو خدا جي بادشاهيءَ جي لائق نہ آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society