Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 8 - Muslim Sindhi Bible


عيسيٰ مسيح سان گڏ هلندڙ خدمتگار عورتون

1 تنهن کان پوءِ هيئن ٿيو جو عيسيٰ شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو پئي وتيو. سندس ٻارهن شاگرد بہ ساڻس گڏ هئا.

2 ڪي عورتون بہ ساڻس گڏ هيون جيڪي ڀوتن ۽ مرضن کان ڇٽي چڱيون ڀليون ٿيون هيون، جن ۾ مريم، جيڪا مگدليني ڪري سڏبي هئي جنهن مان ست ڀوت نڪتا هئا،

3 يوعانا، جيڪا بادشاهہ هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي زال هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون هيون جن پنهنجي مال‌متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارهن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.


ٻج ڇٽڻ جو مثال
( متي 13‏:1‏-9 ، مرقس 4‏:1‏-9 )

4 جڏهن شهر شهر جا ماڻهو عيسيٰ وٽ اچي گڏ ٿيا تہ هڪڙو وڏو ميڙ ٿي پيو. پوءِ هڪڙو مثال ڏيندي کين چيائين تہ

5 ”هڪڙو هاري ٻج ڇٽڻ ويو. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا، جيڪي لتاڙجي ويا ۽ پکي انهن کي چُڳي ويا.

6 ڪي داڻا وري ٽڪريلي زمين تي ڪريا ۽ سلا اڃا اُڀريا ئي مس تہ سڪي ويا، ڇو تہ انهن کي ريج ڪونہ پهتو هو.

7 ٻيا وري ڪانڊيرن ۾ ڪريا ۽ ڪانڊيرا، جيڪي انهن سان گڏ اُڀريا تن انهن کي اُسرڻ نہ ڏنو.

8 ٻيا ڀليءَ زمين تي ڪريا ۽ اُسري سؤڻو ڦر ڏنائون.“ اهي ڳالهيون ڪندي وڏي واڪي چيائين تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“


مثالن ۾ تعليم ڏيڻ جو مقصد
( متي 13‏:10‏-17 ، مرقس 4‏:10‏-12 )

9 عيسيٰ کان سندس شاگردن پڇيو تہ ”هن مثال جو مطلب ڇا آهي؟“

10 تنهن تي هن چيو تہ ”اوهان کي تہ خدا جي بادشاهيءَ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي، پر ٻين کي مثالن سان ٻڌايو ويو آهي تہ اهي نهاريندي نہ ڏسن ۽ ٻڌندي نہ سمجھن.“


ٻج ڇٽڻ جي مثال جي سمجھاڻي
( متي 13‏:18‏-23 ، مرقس 4‏:13‏-20 )

11 ”ٻڌو! انهيءَ مثال جو مطلب هي آهي تہ ٻج آهي خدا جي بادشاهيءَ جو پيغام.

12 جيڪي داڻا رستي تي ڪريا تنهن رستي جي معنيٰ اُهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا، پوءِ ابليس اچي انهيءَ پيغام کي سندن دلين مان ڪڍي ٿو تہ متان اهي ان تي ايمان آڻي بچي وڃن.

13 ٽڪريلي زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي پيغام ٻڌن ٿا تڏهن خوشيءَ سان قبول تہ ڪن ٿا، پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿورو وقت ايمان آڻي پوءِ آزمائش جي مهل ڦري ٿا وڃن.

14 جيڪي ڪانڊيرن واري زمين ۾ ڪريا سا زمين اهي ماڻهو آهن، جيڪي پيغام ٻڌن تہ ٿا پر هلندي هلندي حياتيءَ جي ڳڻتين، دولت ۽ عيش عشرت ۾ ڦاسجي ٿا پون ۽ سندن ڦر پچي ئي ڪونہ ٿو.

15 پر جيڪي ڀليءَ زمين تي ڪريا، سا ڀلي زمين اهي ماڻهو آهن جيڪي پيغام ٻڌن ٿا ۽ سچيءَ دل ۽ پوري توجھہ سان ان کي سانڍين ٿا ۽ ثابت قدميءَ سان ڦر جھلين ٿا.“


ڏيئي جو مثال
( مرقس 4‏:21‏-25 )

16 ”اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ سان ڍڪي، يا کٽولي هيٺان رکي، پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي تہ جيئن اندر ايندڙن کي سوجھرو ملي.

17 مطلب تہ اهڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ ڳالهہ ڳجھي نہ آهي جنهن جي خبر نہ پوندي ۽ جيڪا ظاهر نہ ٿيندي.

18 تنهنڪري منهنجي چيل ڳالهين کي ڌيان ۾ رکو، ڇو تہ جنهن وٽ ڪجھہ آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جنهن کي هو پنهنجو سمجھي ٿو.“


عيسيٰ مسيح جي ماءُ ۽ ڀائر ڪير؟
( متي 12‏:46‏-50 ، مرقس 3‏:31‏-35 )

19 هڪڙي دفعي عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر وٽس آيا پر ميڙ جي ڪري هن تائين پهچي نہ سگھيا.

20 تنهن تي کيس ٻڌايو ويو تہ ”اوهان جي ماءُ ۽ اوهان جا ڀائر ٻاهر بيٺا آهن ۽ اوهان سان ملڻ ٿا چاهين.“

21 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”منهنجي ماءُ ۽ منهنجا ڀائر اهي آهن، جيڪي خدا جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ڪن ٿا.“


طوفان کي بند ڪرڻ
( متي 8‏:23‏-27 ، مرقس 4‏:35‏-41 )

22 هڪڙي ڏينهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو ۽ کين چيائين تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي پرينءَ ڀر هلون.“ سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روانا ٿيا.

23 جيئن هو هليا پئي تہ عيسيٰ کي ننڊ وٺي ويئي. تڏهن ڍنڍ تي ڏاڍو طوفان اچي لٿو ۽ ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجڻ لڳي جنهن ڪري انهن جي جان خطري ۾ پئجي ويئي.

24 تڏهن انهن عيسيٰ کي جاڳائيندي چيو تہ ”استاد! اي استاد! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.

25 تڏهن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو ايمان ڪٿي آهي؟“ اهو ڏسي سڀيئي شاگرد ڏاڍو ڊڄي ويا ۽ عجب وچان هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اهي بہ کيس مڃن ٿا!“


ڀوتن ورتل ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
( متي 8‏:28‏-34 ، مرقس 5‏:1‏-20 )

26 پوءِ اهي گراسينين جي علائقي ۾ وڃي پهتا جيڪو گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آهي.

27 جڏهن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو، جنهن ۾ ڀوت هئا. هو ڪيترن ڏينهن کان نہ ڪپڙا پائيندو هو، نڪي گھر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذاريندو هو.

28 هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“

29 هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو عيسيٰ انهيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ ”هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ.“ اهو ڀوت اڪثر انهيءَ کي وٺندو هو ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ ڪڙن سان ٻڌي مٿس نظر رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو هو ۽ ڀوت کيس رڻ‌پٽ ۾ گهليندو وتندو هو.

30 عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن جواب ڏنو تہ ”لشڪر،“ ڇاڪاڻ تہ منجھس گھڻن ڀوتن جو واسو هو.

31 انهن ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي پاتال ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏيو.“

32 ڀرسان ئي ٽڪر تي سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ پئي چريو. سو ڀوتن عيسيٰ کي وري منٿ ڪئي تہ ”اسان کي هنن ۾ گھڙڻ جي موڪل ڏيو.“ سو هن کين موڪل ڏني.

33 تنهن تي اهي ڀوت انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا ۽ سوئرن جو اهو ڌڻ لاهيءَ تان ڌوڪيندو اچي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.

34 اهو حال ڏسي ڌنار وٺي ڀڳا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اهو سڄو واقعو ٻڌايائون.

35 تنهن تي ماڻهو اهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ عيسيٰ وٽ اچي ڏسن تہ اهو ماڻهو جنهن مان ڀوت نڪري ويا هئا، سو ڪپڙا پائي پوري هوش حواس ۾ عيسيٰ جي پيرن وٽ ويٺو آهي. تڏهن انهن سڀني کي ڊپ وٺي ويو.

36 جن ماڻهن اهو رنگ ڏٺو هو، تن کين ٻڌايو تہ ڪهڙيءَ طرح ڀوتن ورتل شخص ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو.

37 گراسينين جي اوسي‌پاسي وارن سڀني ماڻهن کي ايڏو تہ ڊپ وٺي ويو جو کيس منٿ ڪندي چيائون تہ ”اسان وٽان هليا وڃو.“ سو عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موٽڻ لڳو.

38 تڏهن جنهن ماڻهوءَ مان ڀوت نڪري ويا هئا، تنهن کيس منٿ ڪري چيو تہ ”مون کي پاڻ سان وٺي هلو.“ پر عيسيٰ کيس اهو چئي موٽائي گھر ڏانهن موڪليو تہ

39 ”وڃي ٻڌاءِ تہ خدا تو سان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي آهي.“ سو انهيءَ ماڻهوءَ موٽي وڃي سڄي شهر ۾ مشهور ڪيو تہ ”عيسيٰ مون سان ڪيڏي نہ ڀلائي ڪئي آهي.“


يائرس جي ڌيءَ کي جيارڻ ۽ عورت کي شفا ڏيڻ
( متي 9‏:18‏-26 ، مرقس 5‏:21‏-43 )

40 جڏهن عيسيٰ موٽي آيو تڏهن ماڻهن سندس وڏو آڌرڀاءُ ڪيو، ڇو تہ سڀني سندس واٽ پئي ڏٺي.

41 ان وقت يائرس نالي هڪڙو شخص جيڪو يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو اڳواڻ هو، سو عيسيٰ وٽ اچي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”منهنجي گھر هلو.“

42 هن جي سڪيلڌي ڌيءَ جنهن جي عمر اٽڪل ٻارهن سال هئي سا مرڻ تي هئي. پوءِ جيئن جيئن عيسيٰ ساڻس گڏ پئي آيو تيئن تيئن ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا.

43 انهن ۾ هڪڙي اهڙي عورت بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس.

44 اها عورت عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتائين تہ انهيءَ گھڙيءَ هن جو رت وهڻ بند ٿي ويو.

45 تڏهن عيسيٰ پڇيو تہ ”مون کي ڪنهن هٿ لاتو؟“ تنهن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيس تہ ”استاد! ماڻهن جي ڳاهٽ ٿيڻ ڪري هو اوهان مٿان ڪرن ٿا پيا.“

46 پر عيسيٰ چيو تہ ”مون کي پڪ آهي تہ ڪنهن ڄاڻي‌واڻي مون کي هٿ لاتو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون مان قدرت نڪتي آهي.“

47 جڏهن عورت ڏٺو تہ ”آءٌ لڪي نہ ٿي سگھان،“ تڏهن ڏڪندي ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيئي. هن سڀني جي روبرو کيس ٻڌايو تہ ڪهڙي سبب هن کيس هٿ لاتو ۽ ڪهڙيءَ طرح هوءَ هڪدم چڱي ڀلي ٿي پيئي.

48 تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي، دلجاءِ سان هلي وڃ.“

49 اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ عبادت‌خاني جي انهيءَ اڳواڻ يائرس جي گھر کان ڪنهن اچي کيس چيو تہ ”تنهنجي ڌيءَ مري ويئي. هاڻي استاد کي تڪليف نہ ڏي.“

50 پر عيسيٰ هي ٻڌي يائرس کي چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساهہ رک تہ هوءَ بچي پوندي.“

51-53 پوءِ هو جڏهن انهيءَ گھر ۾ آيو تہ ڏٺائين تہ سڀني ڇوڪريءَ لاءِ پئي رنو ۽ پٽيو. اهو ڏسي عيسيٰ چين تہ ”روئو نہ، ڇو تہ هوءَ مئي ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“ تنهن تي اهي عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي يقين هو تہ هوءَ مري ويئي آهي. پوءِ عيسيٰ پطرس، يوحنا، يعقوب ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پاڻ سان گڏ ڇوڪريءَ جي ڪمري ۾ اچڻ نہ ڏنو.

54 پوءِ عيسيٰ ڇوڪريءَ جو هٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي نينگري! اُٿ.“

55-56 تڏهن هن ۾ وري ساهہ اچي پيو ۽ هوءَ هڪدم جيئري ٿي اُٿي ويٺي. تنهن تي ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کي حيراني وٺي ويئي. عيسيٰ حڪم ڏنن تہ ”هن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ پوءِ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”هي جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن جي ڪنهن سان بہ ڳالهہ نہ ڪجو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan