Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 6 - Muslim Sindhi Bible


سبت جي ڏينهن بابت سوال
( متي 12‏:1‏-8 ، مرقس 2‏:23‏-28 )

1 سبت واري هڪ ڏينهن عيسيٰ جڏهن پنهنجي شاگردن سان گڏ اناج وارين ٻنين مان پئي لنگھيو، تہ سندس ڪي شاگرد سنگ پٽي هٿن سان مهٽي کائڻ لڳا.

2 تنهن تي ڪي فريسي کين چوڻ لڳا تہ ”جيڪو ڪم سبت جي ڏينهن ڪرڻ جائز نہ آهي، سو اوهين ڇو ٿا ڪريو؟“

3 عيسيٰ کين جواب ۾ چيو تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟

4 هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ نذراني وارا روٽ، جيڪي ڪاهنن کان سواءِ ٻين کي کائڻ جائز نہ هئا، سي کڻي کائڻ لڳو ۽ ساٿين کي بہ ڏنائين.“

5 عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”ياد رکو، ابنِ آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“


سڪل هٿ وارو ماڻهو
( متي 12‏:9‏-14 ، مرقس 3‏:1‏-6 )

6 ڪنهن ٻئي سبت جي ڏينهن تي عيسيٰ عبادت‌خاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. اُتي هڪ ماڻهو هو جنهن جو ساڄو هٿ سڪل هو.

7 جيئن تہ شريعت جا ڪي عالم ۽ فريسي انهيءَ موقعي جي تاڙ ۾ رهندا هئا تہ عيسيٰ تي تهمت هڻجي، سو هو جاچڻ لڳا تہ سبت جي ڏينهن عيسيٰ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ.

8 عيسيٰ کي انهن جي نيتن جي خبر پئجي ويئي. سو هن سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اُٿي ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“ هو اُٿي اتي اچي بيٺو.

9 تڏهن عيسيٰ ماڻهن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو، سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ جائز آهي يا بدي ڪرڻ؟ ڪنهن جي جان بچائڻ يا مارڻ؟“

10 پوءِ هُن چوڌاري ماڻهن ڏانهن نهاري ان سڪل هٿ واري کي چيو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن ائين ئي ڪيو تہ سندس هٿ ٺيڪ ٿي ويو.

11 تڏهن شريعت جا عالم ۽ فريسي ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


رسول مقرر ڪرڻ
( متي 10‏:1‏-4 ، مرقس 3‏:13‏-19 )

12 هڪڙي ڏينهن عيسيٰ جبل تي دعا گھرڻ ويو ۽ اتي سڄي رات خدا کان دعا گھرڻ ۾ گذاريائين.

13 جڏهن ڏينهن ٿيو تہ پنهنجي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انهن مان هي ٻارهن ڄڻا چونڊي کين رسول مقرر ڪيائين:

14 شمعون، جنهن جو نالو پطرس بہ رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برتُلمئي،

15 متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون، جنهن کي ”قوم‌پرست“ ڪري چوندا هئا،

16 يعقوب جو پٽ يهوداہ ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن بعد ۾ دغا ڪري کيس پڪڙايو.


تعليم ڏيڻ ۽ شفا بخشڻ
( متي 4‏:23‏-25 )

17 عيسيٰ هنن سان گڏ جبل تان هيٺ لهي هڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس شاگردن جي وڏي جماعت ۽ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ سان گڏوگڏ صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن کان گھڻا ماڻهو اچي اتي مڙيا.

18 هو انهيءَ لاءِ آيا تہ سندس ڳالهيون ٻڌن ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين. جيڪي ڀوتن جا ستايل هئا سي بہ آيا ۽ شفا پاتائون.

19 سڀني ماڻهن اها ئي پئي ڪوشش ڪئي تہ کيس هٿ لائين، ڇاڪاڻ تہ منجھانئس اهڙي قدرت پئي نڪتي، جنهن سان سڀني کي شفا پئي ملي.


سڀاڳا ۽ مصيبت وارا
( متي 5‏:1‏-12 )

20 عيسيٰ پنهنجي شاگردن ڏانهن نهاري چيو تہ ”سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي غريب آهيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اوهان جي آهي.

21 سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي بکايل آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڍءُ ڪرايو ويندو. سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي روئو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين کِلندا.

22 سڀاڳا آهيو اوهين، جڏهن ماڻهو ابنِ آدم جي ڪري اوهان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ اوهان کي بڇڙو سمجھي ڪڍي ڇڏيندا.

23 انهيءَ ڏينهن اوهين سرها ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو عرش عظيم تي اوهان لاءِ وڏو اجر آهي. ڏسو، انهن ماڻهن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اهڙا ئي پير کنيا هئا.

24 پر مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي دولتمند آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين آرام وٺي چڪا.

25 مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي ڍاول آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بکون ڪڍندا. مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي کِلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا.

26 مصيبت آهي اوهان لاءِ، جڏهن ماڻهو اوهان کي ساراهين ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن جا ابا ڏاڏا بہ نبي سڏائيندڙن سان ائين ئي ڪندا هئا.“


دشمنن سان پيار
( متي 5‏:38‏-48 ، 7‏:12 )

27 ”پر اي منهنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوهان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو.

28 جيڪي اوهان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن تن لاءِ بہ دعا گھرو.

29 جيڪو اوهان جي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏيو. جيڪو اوهان جو ڪوٽ کسي وٺي تنهن کي قميص ڏيڻ لاءِ بہ تيار رهو.

30 جيڪو اوهان کان ڪجھہ گھري تنهن کي ڏيو. جيڪو اوهان جو مال کسي وٺي تنهن کان موٽائي نہ گھرو.

31 جهڙو سلوڪ اوهين ماڻهن کان چاهيو ٿا تهڙو ئي سلوڪ اوهين ٻين سان ڪريو.

32 جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تن سان جيڪڏهن اوهان پيار ڪيو تہ اوهان ڪهڙو احسان ڪيو؟ گنهگار بہ تہ پنهنجن پيار ڪندڙن سان پيار ڪن ٿا.

33 جيڪي اوهان سان ڀلائي ڪن ٿا تن سان جيڪڏهن اوهان ڀلائي ڪئي تہ اوهان ڪهڙو احسان ڪيو؟ ڇاڪاڻ تہ گنهگار بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.

34 جن کان موٽائي وٺڻ جي اميد آهي تن کي جيڪڏهن اوهان اڌارو ڏنو تہ ڪهڙو احسان ڪيو؟ گنهگار بہ تہ گنهگارن کي اڌارو ڏيئي وري انهن کان موٽائي وٺندا آهن.

35 پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مهربان آهي.

36 تنهنڪري مهربان ٿيو، جيئن اوهان جو آسماني پيءُ مهربان آهي.“


ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو
( متي 7‏:1‏-5 )

37 ”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ خدا بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙيندو. ٻين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو تہ خدا بہ اوهان کي ڏوهي قرار نہ ڏيندو. ٻين کي معاف ڪريو تہ خدا بہ اوهان کي معاف ڪندو.

38 ٻين کي ڏيندا رهو تہ خدا کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، خدا کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“

39 عيسيٰ کين هڪ مثال ڏيندي چيو تہ ”ڇا ڪو انڌو ٻئي انڌي کي واٽ ڏيکاري سگھندو؟ جيڪڏهن ائين ٿيو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.

40 ڪوبہ شاگرد پنهنجي استاد کان مٿي نہ آهي، پر هر ڪو شاگرد جڏهن سکيا پوري ڪندو، تڏهن استاد جهڙو ٿي پوندو.

41 ڇو ٿا ڪنهن هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو اوهان کي ڪوبہ خيال نہ آهي؟

42 اوهين ڪيئن ان کي چوندا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، تنهن کي نہ ٿا ڏسو. اي رياڪارؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو، تڏهن اوهين پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.“


جهڙو وڻ تهڙو ميوو
( متي 7‏:16‏-20 ، 12‏:33‏-35 )

43 ”ڪوبہ سٺو وڻ خراب ميوو نہ ٿو ڏئي ۽ نہ وري ڪو خراب وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو.

44 سڀ ڪنهن وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آهي، ڇو تہ ماڻهو ڪَنڊين مان انجير ۽ ڪانڊيرن مان انگور نہ ٿا ڇنن.

45 هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.“


ٻن گھرن جي اڏاوت وارو مثال
( متي 7‏:24‏-27 )

46 ”اوهين ڇو مون کي ’خداوند، خداوند‘ چئو ٿا، جڏهن تہ منهنجي چوڻ تي عمل نہ ٿا ڪريو؟

47 جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌڻ اچي ٿو ۽ اهي ٻڌي انهن تي عمل ٿو ڪري، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڪنهن جي مثل آهي.

48 اهو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن گھر اڏائڻ وقت زمين اونهي کوٽي ٽڪر تي پيڙهہ رکي. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تہ درياءَ انهيءَ گھر کي سٽون ڏنيون پر ان کي لوڏي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ گھر مضبوط اڏيل هو.

49 پر جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ رکڻ کان سواءِ گھر اڏايو ۽ جڏهن ٻوڏ آئي ۽ ان کي سٽ ڏنائين تہ اهو ڦَهہ ڪري ڪري پيو ۽ تباهہ وَ برباد ٿي ويو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan