لوقا 5 - Muslim Sindhi Bibleپهريان شاگرد بڻائڻ ( متي 4:18-22 ، مرقس 1:16-20 ) 1 هڪڙي دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ خدا جون ڳالهيون ٻڌن. 2 ان وقت هن ڍنڍ جي ڪناري تي ٻہ ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون، جن مان لهي مهاڻن پنهنجا ڄار پئي ڌوتا. 3 سو عيسيٰ انهن مان هڪڙيءَ ۾ چڙهي پيو، جيڪا شمعون جي هئي. هن شمعون کي ڪناري کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌِڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي هو ميڙ کي تعليم ڏيڻ لڳو. 4 جڏهن عيسيٰ ڳالهائي بس ڪئي تڏهن شمعون کي چيائين تہ ”ٻيڙي اونهي پاڻيءَ ۾ ڪاهي هلو ۽ اتي اوهين شڪار لاءِ پنهنجا ڄار وجھو.“ 5 تنهن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سائين! اسان سڄي رات لوڙيو آهي پر ڪجھہ بہ هٿ نہ آيو آهي، تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اوهين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“ 6 انهن ڄار وڌا تہ ايتريون مڇيون اچي ڦاٿيون جو ڄار پئي ٽُٽن. 7 تنهن تي ٻي ٻيڙيءَ ۾ جيڪي سنگتي هئن تن کي مدد لاءِ سڏيائون. هو آيا ۽ مڇيءَ سان ٻئي ٻيڙيون ايتريون تہ ڀريائون جو اچي ٻڏڻ لڳيون. 8 جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“ 9-10 شمعون سان گڏوگڏ سندس ڀائيوار زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، بلڪ سندس سڀيئي سنگتي بہ ايتريون مڇيون ڦاٿل ڏسي ڏاڍي حيرت ۾ پئجي ويا. تنهن تي عيسيٰ شمعون کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، اڄ کان پوءِ تون مڇين بدران ماڻهن کي هٿ ڪندين.“ 11 پوءِ اهي ٻيڙين کي ڌِڪي ڪناري تي ڪاهي آيا ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا. ڪوڙهہ جهڙي مرض واري کي شفا ڏيڻ ( متي 8:1-4 ، مرقس 1:40-45 ) 12 هڪ دفعي عيسيٰ ڪنهن شهر ۾ ويو جتي هڪ ماڻهو ڪوڙهہ جهڙي مرض سان ورتل هو. هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تہ ان جي اڳيان منهن ڀر ڪري منٿون ڪندي چيائينس تہ ”اي سائين! جيڪڏهن اوهين چاهيو تہ مون کي ڇٽائي پاڪ ڪري سگھو ٿا.“ 13 سو عيسيٰ پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو. تون ڇٽي پاڪ صاف ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم سندس ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو. 14 پوءِ عيسيٰ کيس تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آهين.“ 15 عيسيٰ بابت اهي ڳالهيون هنڌين ماڳين پکڙجي ويون. سو ماڻهن جا وڏا ميڙ اچي هن وٽ گڏ ٿيندا هئا، تہ جيئن هن جون ڳالهيون ٻڌن ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين. 16 پوءِ بہ هو وقت ڪڍي دعا گھرڻ لاءِ پرڀرو اڪيلائيءَ ۾ هليو ويندو هو. اڌرنگي ماڻهوءَ کي شفا ڏيڻ ( متي 9:1-8 ، مرقس 2:1-12 ) 17 هڪڙي ڏينهن عيسيٰ ڪنهن گھر ۾ تعليم ڏيئي رهيو هو ۽ ڪي فريسي ۽ شريعت جا عالم بہ اتي ويٺا هئا، جيڪي يروشلم شهر سميت يهوديہ ۽ گليل علائقن جي هر ڳوٺ ۽ شهر کان آيا هئا. جيئن تہ بيمارن کي شفا ڏيڻ لاءِ خداوند جي قدرت عيسيٰ سان گڏ هوندي هئي، 18 سو ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگي ماڻهوءَ کي کٽولي تي کڻي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ هن کي گھر جي اندر کڻي اچي عيسيٰ جي اڳيان رکن. 19 پر ميڙ جي ڪري انهن کي اندر کڻي اچڻ لاءِ رستو نہ پئي مليو. تنهنڪري هو ڪوٺي تي چڙهي ويا ۽ ڇت ۾ سوراخ ڪري کٽولي سوڌو کيس هيٺ ماڻهن جي وچ ۾ عيسيٰ جي اڳيان ڪري لاٿائون. 20 عيسيٰ انهن جو ايڏو ايمان ڏسي بيمار کي چيو تہ ”ميان! تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“ 21 تنهن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي تہ ڪفر ٿو بڪي! خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناهہ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“ 22 عيسيٰ انهن جا خيال سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟ 23 ڇا هي سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا گناهہ تو کي معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟ 24 پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ ابنِ آدم کي زمين تي گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“ 25 تنهن تي هو هڪدم انهن جي اڳيان اُٿي کڙو ٿيو ۽ جنهن کٽولي تي پيل هو سو کنيائين ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي گھر ڏانهن روانو ٿيو. 26 سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خوف وچان خدا جي واکاڻ ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اڄ اسان ڪهڙيون نہ عجيب ڳالهيون ڏٺيون آهن!“ لاويءَ کي پوئلڳ بڻائڻ ( متي 9:9-13 ، مرقس 2:13-17 ) 27 انهيءَ کان پوءِ عيسيٰ ٻاهر نڪتو ۽ ڏٺائين تہ لاويءَ نالي هڪڙو ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پنهنجي اڏي تي ويٺو آهي. عيسيٰ ان کي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ 28 لاوي اٿيو ۽ سڀ ڪجھہ ڇڏي هن جي پٺيان هلڻ لڳو. 29 پوءِ لاويءَ پنهنجي گھر ۾ عيسيٰ جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنهن ۾ وڏو تعداد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو هو ۽ ٻيا بہ ماڻهو انهن سان گڏ ويٺا هئا. 30 تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن ڪُرڪندي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ڇو اوهين ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“ 31 تنهن تي عيسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”تندرستن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. 32 آءٌ نيڪن کي نہ، پر گنهگارن کي توبهہ جي طرف سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“ روزن بابت سوال ( متي 9:14-17 ، مرقس 2:18-22 ) 33 ڪن ماڻهن عيسيٰ کي چيو تہ ”يحيٰ جا شاگرد اڪثر روزا رکندا آهن ۽ دعائون گھرندا آهن ۽ فريسين جا شاگرد بہ ائين ڪندا آهن. پر تنهنجا شاگرد تہ کائيندا پيئندا ٿا رهن.“ 34 عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان آهي، تيستائين اوهين انهن کي ڪو روزا رکائي سگھو ٿا ڇا؟ 35 پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ کانئن جدا ڪيو ويندو، تہ انهن ڏينهن ۾ هو بہ روزا رکندا.“ 36 عيسيٰ انهن کي هي مثال بہ ٻڌايو تہ ”ڪوبہ ماڻهو نون ڪپڙن مان ٽڪر ڦاڙي پراڻن ڪپڙن کي چتي نہ ٿو هڻي. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ هو نوان ڪپڙا بہ ڦاڙيندو ۽ اهو ٽڪر پراڻي سان ميل بہ نہ کائيندو. 37 ڪوبہ ماڻهو تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ڪونہ ٿو ڀري، ڇو تہ تازي مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. پوءِ تہ مئي بہ هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. 38 تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي. 39 پراڻي مئي پيئڻ کان پوءِ ڪوبہ نئين مئي پيئڻ پسند نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو چوي ٿو تہ ’پراڻي مئي وڌيڪ سٺي آهي.‘“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society