لوقا 4 - Muslim Sindhi Bibleعيسيٰ مسيح جي آزمائش ( متي 4:1-11 ، مرقس 1:12-13 ) 1-2 عيسيٰ اردن درياءَ کان پاڪ روح سان ڀريل موٽيو ۽ پاڪ روح جي رهنمائيءَ ۾ چاليهہ ڏينهن بيابان ۾ گھمندو رهيو، جتي ابليس هن کي آزمايو. انهن ڏينهن ۾ هن ڪجھہ بہ نہ کاڌو، پر جڏهن اهي ڏينهن گذري ويا تہ پوءِ هن کي بک لڳي. 3 تڏهن ابليس چيس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هن پٿر کي حڪم ڪر تہ ماني ٿي پوي.“ 4 پر عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”پاڪ ڪلام ۾ اهو لکيل آهي تہ ’ماڻهو رڳو مانيءَ تي ئي جيئرو نہ ٿو رهي.‘“ 5 پوءِ ابليس کيس هڪ مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ هڪ پل ۾ دنيا جون سڀيئي بادشاهتون ڏيکاريائينس. 6 ابليس چيس تہ ”آءٌ تو کي انهن سڀني جي حڪومت ۽ شان وَ شوڪت ڏيندس، ڇو تہ اهو مون تي ڇڏيل آهي تہ آءٌ جنهن کي چاهيان تنهن کي ڏيان. 7 سو جيڪڏهن تون مون کي سجدو ڪندين تہ اهو سڀ ڪجھہ تنهنجو ٿيندو.“ 8 تنهن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اهو بہ لکيل آهي تہ ’تون رڳو خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“ 9 تنهن کان پوءِ ابليس کيس يروشلم ۾ وٺي ويو ۽ هيڪل جي تمام مٿاهين ڪنگريءَ تي بيهاري چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، 10 ڇاڪاڻ تہ اهو بہ لکيل آهي تہ ’خدا پنهنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، جيڪي تنهنجي سنڀال ڪندا. 11 اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“ 12 پر عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ ائين بہ چيو ويو آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزماءِ.‘“ 13 پوءِ جڏهن ابليس عيسيٰ کي هر طرح سان آزمائي چڪو، تڏهن ڪجھہ وقت لاءِ وٽانئس هليو ويو. عيسيٰ مسيح جو خدمت وارو ڪم شروع ڪرڻ ( متي 4:12-17 ، مرقس 1:14-15 ) 14 پوءِ عيسيٰ جيڪو پاڪ روح جي طاقت سان ڀريل هو، سو گليل علائقي ڏانهن موٽيو. سندس هاڪ آسپاس واري سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويئي. 15 هن عبادتخانن ۾ تعليم ڏني ۽ سڀني سندس ساراهہ ڪئي. ناصرت ۾ عيسيٰ مسيح جي مخالفت ( متي 13:53-58 ، مرقس 6:1-6 ) 16 پوءِ هو پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ آيو جتي سندس پالنا ٿي هئي. سبت جي ڏينهن تي پنهنجي دستور موجب هو عبادتخاني ۾ ويو ۽ پاڪ ڪلام پڙهڻ لاءِ اُٿي بيٺو. 17 کيس يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب ڏنو ويو ۽ هن اهو هنڌ کوليو جتي لکيل هو تہ 18 ”خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان، 19 ۽ اهو بہ اعلان ڪريان تہ خداوند جي مهربانين جو سال آيو آهي.“ 20 پوءِ عيسيٰ ڪتاب بند ڪري موٽائي خدمتگار کي ڏنو ۽ پاڻ ويهي رهيو. عبادتخاني ۾ موجود سڀني جون نظرون هن تي کتل هيون. 21 تڏهن هو کين چوڻ لڳو تہ ”اڄ اوهان جي ٻڌندي ئي هيءَ لکت پوري ٿي آهي.“ 22 سڀيئي سندس نيڪي ڪرڻ لڳا ۽ هن جي واتان اهڙا مهر ڀريا لفظ ٻڌي عجب کائي چوڻ لڳا تہ ”ڇا هي يوسف جو پٽ نہ آهي؟“ 23 تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين ضرور اها چوڻي مون کي چوندا تہ ’حڪيم! پاڻ کي تہ ڇٽاءِ‘ ۽ هيئن بہ چوندا تہ ’هتي پنهنجي ديس ۾ بہ ائين ئي ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم شهر بابت ٻڌون ٿا.‘ 24 سچ پڇو تہ ڪنهن بہ نبيءَ جو پنهنجي ديس ۾ قدر نہ ٿو ٿئي. 25 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ الياس نبيءَ جي ڏينهن ۾ ساڍن ٽن سالن تائين آسمان مان برسات جي هڪ ڦڙي بہ نہ پيئي، ايتري قدر جو پوري اسرائيل ملڪ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو. ان وقت توڙي جو ملڪ ۾ ڪيتريون ئي رنونزالون هيون، 26 تنهن هوندي بہ الياس کي پنهنجي کاڌي خوراڪ لاءِ انهن مان ڪنهن وٽ بہ نہ موڪليو ويو، بلڪ رڳو صيدا علائقي جي صارپت شهر ۾ رهندڙ هڪ رنزال وٽ ئي موڪليو ويو. 27 ساڳيءَ طرح اليشع نبيءَ جي ڏينهن ۾ اسرائيل ملڪ ۾ ڪيترائي ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا هئا، پر انهن مان ڪنهن کي بہ شفا ڪانہ ڏني ويئي، بلڪ رڳو شام ملڪ جي رهندڙ نعمان کي ئي شفاياب ڪيو ويو.“ 28 تڏهن جيڪي بہ عبادتخاني ۾ موجود هئا، سي سڀ اهي ڳالهيون ٻڌندي ئي ڏاڍا ڪاوڙيا. 29 هو هڪدم اُٿي کڙا ٿيا ۽ عيسيٰ کي گهلي شهر کان ٻاهر ڪڍي آيا. پوءِ جنهن ٽڪريءَ تي سندن شهر اڏيل هو، تنهن جي چوٽيءَ تي وٺي آيس تہ جيئن اتان هيٺ اڇلائينس. 30 پر هو انهن جي وچ مان لنگھي هليو ويو. ڀوت ورتل ماڻهوءَ کي شفا ڏيڻ ( مرقس 1:21-28 ) 31 ان کان پوءِ عيسيٰ گليل جي شهر ڪفرناحوم ۾ آيو، جتي سبت جي ڏينهن تي ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لڳو. 32 سڀيئي ماڻهو هن جي تعليم تي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هن اختيار سان پئي ڳالهايو. 33 عبادتخاني ۾ هڪ اهڙو ماڻهو بہ هو جنهن تي ڪنهن ڀوت جو پاڇو هو، تنهن وڏي رڙ ڪري چيو تہ 34 ”اي عيسيٰ ناصري! اسان سان تنهنجو ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون خدا جي هڪ پاڪ هستي آهين.“ 35 تنهن تي عيسيٰ کيس دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“ تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي سڀني اڳيان هيٺ ڪيرايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ منجھانئس نڪري ويو. 36 اهو ڏسي سڀني کي حيرت وٺي ويئي ۽ هو هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪهڙي قسم جو ڳالهائڻ آهي، جو هو اختياريءَ ۽ قدرت سان ڀوتن کي حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي نڪري وڃن ٿا؟“ 37 تڏهن آسپاس واري علائقي ۾ جتي ڪٿي عيسيٰ جي هاڪ پئجي ويئي. گھڻن ماڻهن کي شفا ڏيڻ ( متي 8:14-17 ، مرقس 1:29-34 ) 38 عيسيٰ عبادتخاني مان نڪري شمعون جي گھر آيو. شمعون جي سس کي سخت بخار هو، سو اُنهيءَ لاءِ کيس عرض ڪيو ويو. 39 تڏهن عيسيٰ وٽس وڃي بيٺو ۽ بخار کي حڪم ڪيائين تہ اهو کيس ڇڏي ويو. پوءِ هوءَ هڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ هنن جي خدمت ڪرڻ لڳي. 40 سج لهڻ مهل ماڻهو انهن سڀني مريضن کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا جيڪي جدا جدا بيمارين ۾ ورتل هئا. عيسيٰ انهن مان هر هڪ کي پنهنجو هٿ لاتو تہ اهي سڀيئي ڇٽي چڱا ڀلا ٿي ويا. 41 ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر عيسيٰ انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون. عبادتخانن ۾ تبليغ ڪرڻ ( مرقس 1:35-39 ) 42 جڏهن ڏينهن ٿيو تہ عيسيٰ نڪري هڪڙي ويران هنڌ ڏانهن هليو ويو. پر ماڻهن جي ميڙن کيس ڳولي لڌو ۽ روڪيندي چوڻ لڳس تہ ”اسان کي ڇڏي نہ وڃو.“ 43 پر هن انهن کي چيو تہ ”مون کي خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ٻين شهرن ۾ بہ ڪرڻي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آهيان.“ 44 سو هو سڄي ملڪ جي عبادتخانن ۾ وڃي تبليغ ڪندو رهيو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society