لوقا 22 - Muslim Sindhi Bibleعيسيٰ مسيح خلاف سازش سِٽڻ ( متي 26:1-5 ، مرقس 14:1-2 ، يوحنا 11:45-53 ) 1 هاڻي بيخميري مانيءَ جي عيد، جنهن کي عيد فصح بہ چيو ويندو آهي سا ويجھي آئي. 2 جڏهن تہ سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ عيسيٰ کي چپ چاپ ۾ مارائي ڇڏين، ڇو تہ اهي خلق کان ڊنا ٿي. 3 تڏهن ٻارهن شاگردن مان يهوداہ نالي هڪڙي شاگرد، جنهن کي اسڪريوتي بہ چوندا هئا، تنهن جي دل ۾ اچي شيطان سمايو. 4 سو هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪهڙيءَ ريت هو عيسيٰ کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري. 5 تنهن تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن جي آڇ ڪيائون. 6 هن اها ڳالهہ قبول ڪئي ۽ موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ جڏهن ميڙ نہ هجي تہ هو عيسيٰ کي پڪڙائي. عيد فصح جي مانيءَ جي تياري ( متي 26:17-25 ، مرقس 14:12-21 ، يوحنا 13:21-30 ) 7 بيخميري مانيءَ جي عيد جو پهريون ڏينهن آيو جنهن تي عيد فصح جي قرباني ڏيڻ ضروري هئي. 8 تڏهن عيسيٰ پطرس ۽ يوحنا کي يروشلم شهر اندر موڪليو تہ ”وڃو ۽ اتي اسان لاءِ عيد فصح جي مانيءَ جي تياري ڪريو تہ اسين اچي کائون.“ 9 هنن کانئس پڇيو تہ ”اوهين ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“ 10 تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ٻڌو، شهر ۾ گھڙڻ سان اوهان کي هڪڙو ماڻهو ملندو جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو، تنهن جي پٺيان وڃجو. جنهن گھر ۾ اهو وڃي تہ اوهين بہ پٺيان وڃجوس. 11 اوهين گھر جي مالڪ کان پڇجو تہ ’استاد چوي ٿو تہ اوطاق ڪٿي آهي جتي هو پنهنجي شاگردن سان گڏ عيد فصح جي ماني کائي؟‘ 12 هو اوهان کي ماڙيءَ تي سجائي تيار ڪيل هڪ وڏو ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوهين تياري ڪجو.“ 13 پوءِ هو روانا ٿي ويا ۽ جيئن عيسيٰ چيو هئن ائين ئي هر شيءِ ڏٺائون ۽ عيد فصح جي مانيءَ جي تياري ڪيائون. آخري دفعو شاگردن سان گڏ کائڻ ( متي 26:26-30 ، مرقس 14:22-26 ، 1.ڪرنٿين 11:23-25 ) 14 جڏهن اها گھڙي اچي پهتي تہ عيسيٰ رسولن سان گڏجي دسترخوان تي ويٺو. 15 انهن کي چيائين تہ ”منهنجي دل ڏاڍو ٿي چاهيو تہ آءٌ تڪليفن سهڻ کان اڳ ۾ هن عيد فصح جي ماني اوهان سان گڏجي کاوان. 16 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ تيستائين آءٌ وري اها نہ کائيندس جيستائين خدا جي بادشاهيءَ ۾ انهيءَ جو مطلب پورو نہ ٿئي.“ 17 پوءِ عيسيٰ مئي جو پيالو کڻي خدا جو شڪر ڪيو ۽ چيو تہ ”اچي، هي وٺو ۽ پاڻ ۾ ورهايو. 18 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اڄ کان پوءِ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين خدا جي بادشاهي نہ ايندي.“ 19 پوءِ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳائين ۽ هنن کي ڏيندي چيائين تہ ”هيءُ منهنجو بدن آهي، جيڪو اوهان جي لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اوهين بہ منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“ 20 ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”هي پيالو خدا جو نئون عهد آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. اهو رت اوهان جي لاءِ وهائجي ٿو. 21 پر ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي ٿو، سو مون سان گڏ دسترخوان تي ويٺو آهي. 22 ابنِ آدم لاءِ جيئن پاڪ ڪلام ۾ آهي تيئن ئي هو هن دنيا مان وڃي ٿو، پر مصيبت آهي انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ، جنهن جي هٿان هو پڪڙائجي ٿو.“ 23 تنهن تي شاگرد هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان مان اهو ڪير آهي جيڪو اهڙو ڪم ڪندو؟“ وڏائپ تي بحث 24 شاگردن ۾ اهو بہ بحث پيدا ٿيو تہ ”اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو؟“ 25 تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”قومن جا بادشاهہ مٿن حڪم ٿا هلائين ۽ جن کي مٿن اختياري آهي، سي ماڻهن جو ڀلو ڪندڙ سڏيا وڃن ٿا. 26 پر اوهان ۾ ائين نہ هئڻ گھرجي. اوهان مان وڏي کي ننڍي وانگر ٿيڻ کپي ۽ مالڪ کي غلام وانگر ٿيڻ کپي. 27 ڀلا، وڏو ڪير آهي؟ ڇا اهو جيڪو کائڻ ٿو ويهي يا اهو جيڪو سندس خدمت ٿو ڪري؟ ڇا اهو نہ آهي جيڪو کائڻ ٿو ويهي؟ پر آءٌ اوهان منجھہ ائين آهيان جيئن ڪو خدمتگار. 28 اوهين اهي آهيو جيڪي منهنجي سڀني تڪليفن ۾ مون سان گڏ رهيا آهيو 29 ۽ جيئن منهنجي پيءُ مون لاءِ بادشاهي مقرر ڪئي آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان لاءِ بادشاهي مقرر ٿو ڪريان. 30 اوهين منهنجي بادشاهيءَ ۾ مون سان گڏ کائيندا پيئندا ۽ اوهان مان هر ڪو تخت تي ويهي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندو.“ پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي ( متي 26:31-35 ، مرقس 14:27-31 ، يوحنا 13:36-38 ) 31 ”شمعون! اي شمعون! ڏس، شيطان اوهان کي آزمائڻ جي اجازت ورتي آهي، تہ جيئن اوهان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاهہ وانگر ڳاهي، اَنَ ۽ بُهہ وانگر جدا جدا ڪري. 32 پر مون تو لاءِ دعا گھري آهي تہ شل تنهنجي ايمان ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“ 33 پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان گڏ جيل ۾ وڃڻ، بلڪ مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“ 34 تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”اي پطرس! آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين ڪڪڙ اڄ رات ٻانگ ڏئي، ان کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ ڳوٿري، ٿيلهو ۽ تلوار 35 عيسيٰ هنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏهن مون اوهان کي ڳوٿريءَ، ٿيلهي يا وڌيڪ جتيءَ کان سواءِ موڪليو هو، تہ ڇا اوهان کي ڪنهن شيءِ جي ڪمي ٿي هئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ.“ 36 تڏهن عيسيٰ چين تہ ”هاڻي جنهن کي بہ ڳوٿري هجي تہ اها کڻي، جنهن کي بہ ٿيلهو هجي تہ اهو کڻي ۽ جنهن کي بہ تلوار نہ هجي تہ اهو پنهنجو ڪوٽ وڪڻي بہ اها خريد ڪري. 37 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پاڪ ڪلام ۾ جيڪو لکيل آهي تہ ’هو ڏوهارين ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آهي. بيشڪ جيڪو منهنجي بنسبت لکيل آهي سو پورو ٿيڻ وارو آهي.“ 38 تنهن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! ڏسو، هي ٻہ تلوارون آهن.“ هن چين تہ ”بس، بس.“ زيتون جي ٽڪر تي دعا گھرڻ ( متي 26:36-46 ، مرقس 14:32-42 ) 39 پوءِ هو يروشلم کان ٻاهر نڪري پنهنجي دستور موجب زيتون جي ٽڪر ڏانهن روانو ٿيو ۽ شاگرد بہ ساڻس گڏ هليا. 40 جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي پهتو تہ انهن کي چيائين تہ ”دعا گھرو تہ شل اوهين آزمائش ۾ نہ پئو.“ 41 پوءِ هو پاڻ انهن کان ٿورو پرڀرو وڃي گوڏا کوڙي دعا گھرڻ لڳو تہ 42 ”اي بابا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“ 43 ايتري ۾ آسمان مان هڪڙو ملائڪ نازل ٿيو، جنهن کيس دلداري ڏني. 44 جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو. 45 جڏهن هو دعا گھري اٿيو ۽ شاگردن ڏانهن موٽي آيو تڏهن ڏٺائين تہ هو سڀ ڏک سبب ماندا ٿي ستا پيا آهن. 46 هن انهن کي چيو تہ ”اوهين ڇو ستا پيا آهيو؟ اُٿو ۽ دعا گھرو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو.“ عيسيٰ مسيح جي گرفتاري ( متي 26:47-56 ، مرقس 14:43-50 ، يوحنا 18:3-11 ) 47 عيسيٰ اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ ماڻهن جو هڪڙو ٽولو اچي پهتو، جنهن جي اڳيان سندس ٻارهن شاگردن مان اهو هو جنهن کي يهوداہ ڪري سڏيندا هئا. هن ويجھو اچي عيسيٰ کي چمي ڏني. 48 پر عيسيٰ چيس تہ ”اي يهوداہ! تون چمي ڏيئي ابنِ آدم کي پڪڙائين ٿو ڇا؟“ 49 عيسيٰ سان گڏ جيڪي شاگرد هئا تن جڏهن هي ٿيندي ڏٺو تہ پڇيائون تہ ”اي خداوند! اسين تلوار هلايون ڇا؟“ 50 انهن مان هڪڙي تہ ڌڪ هڻي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر جو ساڄو ڪن ڪپي وڌو. 51 تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ هن انهيءَ جي ڪن کي هٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو. 52 هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان. 53 آءٌ اوهان سان روزانو هيڪل ۾ گڏ هوندو هئس، پر اوهان اتي تہ مون تي هٿ بہ نہ کنيو. پر هاڻي اوهان جو وقت آهي ڇو تہ هي اونداهيءَ جو راڄ آهي.“ پطرس جو عيسيٰ مسيح بابت انڪار ڪرڻ ( متي 26:57-58 ، 69-75 ، مرقس 14:53-54 ، 66-72 ، يوحنا 18:12-18 ، 25-27 ) 54 انهن عيسيٰ کي پڪڙي يروشلم ۾ وڏي سردار ڪاهن جي گھر آندو ۽ پطرس پرڀرو سندن پٺيان پئي آيو. 55 جڏهن تہ ڪي ماڻهو اڱڻ جي وچ تي مچ ٻاري ويٺا هئا، سو پطرس بہ اچي انهن سان گڏجي ويٺو. 56 ايتري ۾ هڪڙي نوڪرياڻيءَ هن کي باهہ جي سوجھري ۾ ويٺل ڏٺو ۽ چڱيءَ طرح سڃاڻي چيائين تہ ”هي ماڻهو بہ عيسيٰ سان گڏ هو.“ 57 پر پطرس اَلي ويو ۽ چيائينس تہ ”نہ مائي! آءٌ تہ سڃاڻانس بہ ڪين.“ 58 گھڙي کن کان پوءِ ٻئي ڄڻي ڏٺس ۽ چيس تہ ”تون انهن مان آهين.“ پر پطرس ورنديءَ ۾ چيو تہ ”ادا! اهو آءٌ نہ آهيان.“ 59 ڪلاڪ کن کان پوءِ هڪڙي ٻئي شخص يقين سان چيو تہ ”بيشڪ هي ماڻهو بہ تہ عيسيٰ سان هو، ڇو تہ هي بہ گليلي آهي.“ 60 پر پطرس چيو تہ ”ادا! آءٌ نہ ٿو ڄاڻان تہ اوهين ڇا ٿا چئو.“ هو اڃا ڳالهائي ئي پيو تہ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 61 تڏهن خداوند ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي خداوند جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ 62 تڏهن پطرس ٻاهر نڪري ويو ۽ وڃي زاروزار روئڻ لڳو. عيسيٰ مسيح تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ مار ڏيڻ ( متي 26:67-68 ، مرقس 14:65 ) 63 جن ماڻهن عيسيٰ تي پهرو پئي ڏنو، تن مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون ۽ ڌڪ بہ پئي هنيائونس. 64 سندس اکيون ٻڌي منهن تي چماٽون هڻي پڇنس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ 65 انهن ٻيون بہ ڪيتريون ئي گاريون ڏيئي کيس گھٽ وڌ پئي ڳالهايو. عيسيٰ مسيح يهودي ڪائونسل اڳيان ( متي 26:59-66 ، مرقس 14:55-64 ، يوحنا 18:19-24 ) 66 جڏهن ڏينهن ٿيو تہ سردار ڪاهنَ، شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ عيسيٰ کي انهن جي ڪائونسل اڳيان پيش ڪيو ويو. 67 انهن کانئس پڇيو تہ ”ٻڌاءِ، ڇا تون مسيح آهين؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”جيڪڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ اوهين اعتبار ئي نہ ڪندا 68 ۽ جيڪڏهن آءٌ اوهان کان سوال پڇان تہ اوهين جواب ئي نہ ڏيندا. 69 پر هن کان پوءِ ابنِ آدم قادرِمطلق خدا جي ساڄي پاسي ويهندو.“ 70 انهن سڀني چيو تہ ”پوءِ تون خدا جو فرزند آهين ڇا؟“ هن جواب ۾ چين تہ ”اوهين پاڻ ئي چئو ٿا تہ آءٌ آهيان.“ 71 تنهن تي انهن چيو تہ ”هاڻي اسان کي وڌيڪ ڪنهن بہ شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان پاڻ سندس واتان ٻڌو آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society