لوقا 2 - Muslim Sindhi Bibleعيسيٰ مسيح جو ڄمڻ ( متي 1:18-25 ) 1 يحيٰ جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪمنامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي شهنشاهت جي آدمشماري ڪئي وڃي. 2 اها پهرين آدمشماري هئي جيڪا شام صوبي جي گورنر ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي. 3 تنهنڪري هر ڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ پنهنجو نالو لکائڻ ويو. 4 جيئن تہ يوسف دائود جي نسل مان هو، تنهنڪري هو بہ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يهوديہ علائقي جي ڳوٺ بيتلحم ڏانهن روانو ٿي ويو جيڪو دائود جي ڄمڻ جو هنڌ هو، 5 انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي، جيڪا پيٽ سان هئي. 6 جڏهن هو بيتلحم ۾ هئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو. 7 هن پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو ۽ انهيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ تہ مسافرخاني ۾ هنن کي جاءِ ڪانہ ملي. ريڍار ۽ ملائڪ 8 انهيءَ ئي علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ رهي پنهنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي، 9 تہ ڇا ڏسن تہ خداوند جو هڪڙو ملائڪ انهن وٽ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو سندن چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنهن ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا. 10 تنهن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آندي آهي، جيڪا سڄي قوم لاءِ هوندي. 11 ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ خداوند آهي. 12 انهيءَ ڳالهہ جي ثابتيءَ لاءِ هڪ نشاني اٿوَ تہ اوهين هڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.“ 13 اوچتو ريڍارن کي انهيءَ ملائڪ سان گڏ ٻين ملائڪن جو هڪڙو وڏو لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندي هيئن چوندو پئي آيو تہ 14 ”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي ۽ زمين تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ سلامتي، جن کان هو راضي آهي.“ 15 جڏهن ملائڪ انهن وٽان موٽي آسمان ڏانهن هليا ويا تڏهن ريڍار هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هلو تہ بيتلحم هلون. هيءَ ڳالهہ جيڪا ٿي آهي ۽ جنهن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.“ 16 تنهنڪري هو تڪڙا تڪڙا شهر ڏانهن ويا ۽ اتي مريم، يوسف ۽ انهيءَ ٻارڙي کي ڏٺائون جيڪو آهر ۾ پيل هو. 17 هي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اهي ڳالهيون ٻڌائڻ لڳا جيڪي ملائڪ کان ٻڌيون هئائون. 18 ريڍارن جون اهي ڳالهيون جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا، 19 جڏهن تہ مريم هي سڀ ڳالهيون ياد ڪندي پنهنجيءَ دل ۾ انهن تي ويچار ڪرڻ لڳي. 20 پوءِ ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنهن تي خدا جي حمد وَ ثنا ڪندي موٽي ويا، ڇاڪاڻ تہ هنن اهو سڀ ائين ئي ڏٺو هو جيئن ملائڪ کين ٻڌايو هو. عيسيٰ مسيح جو نالو رکجڻ 21 اٺين ڏينهن تي جڏهن ٻار جي طهر جو وقت آيو تہ سندس نالو عيسيٰ رکيائون، جيڪو هن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ملائڪ رکيو هو. عيسيٰ مسيح کي هيڪل ۾ آڻڻ 22 ان کان پوءِ موسيٰ جي معرفت خداوند جي ڏنل شريعت موجب جڏهن مريم جي پاڪ ٿيڻ لاءِ قربانيون پيش ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن يوسف ۽ مريم عيسيٰ کي کڻي يروشلم ۾ آيا ۽ کيس هيڪل ۾ خداوند جي آڏو حاضر ڪيائون، 23 ڇاڪاڻ تہ شريعت ۾ لکيل آهي تہ ”هر ڪو پهريتو پٽ خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي.“ 24 اهي شريعت موجب مريم جي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني بہ کڻي آيا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر هجن.“ 25 تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پاڪ روح سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري. 26 پاڪ روح کيس آگاهہ ڪيو هو تہ جيستائين هو خداوند جي واعدي ڪيل مسيح کي نہ ڏسندو، تيستائين ڪين مرندو. 27 پاڪ روح جي هدايت تي شمعون انهيءَ ڏينهن تي هيڪل ۾ آيو. جڏهن ٻارڙي عيسيٰ جا ماءُ پيءُ کيس شريعت جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ کڻي آيا، 28 تڏهن شمعون ٻارڙي کي پنهنجي هٿن تي کنيو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چيائين تہ 29 ”اي مالڪ! هاڻي تون پنهنجي واعدي موجب مون پنهنجي ٻانهي کي سلامتيءَ سان دنيا مان روانو ڪر، 30 ڇاڪاڻ تہ منهنجي اکين تنهنجو ڇوٽڪارو ڏسي ورتو آهي، 31 جنهن کي تو سڀني قومن اڳيان پڻ ظاهر ڪيو آهي، 32 يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“ 33 ٻار جا ماءُ پيءُ حيران هئا تہ انهيءَ بابت شمعون ڇا ڇا نہ پئي چيو! 34 پوءِ شمعون انهن لاءِ برڪت گھري ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو خدا جي طرفان تنبيهہ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا، 35 جنهن مان سندن دلين جا خيال ظاهر ٿي پوندا. تڏهن تو کي ايترو تہ ڏک پهچندو، جو اهو تلوار وانگر تنهنجي دل گھائي ڇڏيندو.“ 36-37 آشر قبيلي جي هڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حَنا هڪ نبياڻي هئي. هوءَ چوراسي سالن جي هڪ پوڙهي عورت هئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال مڙس سان گڏ رهي ۽ پوءِ رنزال ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ هوءَ هيڪل ۾ ئي گذاريندي هئي ۽ رات ڏينهن روزا رکڻ ۽ دعائون گھرڻ سان عبادت پئي ڪندي هئي. 38 اها عورت بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي خدا طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا. ناصرت ڏانهن واپسي 39 عيسيٰ جي ماءُ پيءُ جڏهن موسيٰ جي معرفت خداوند کان مليل شريعت جي فرضن جي بجاآوري ڪئي، تڏهن گليل علائقي ۾ پنهنجي ڳوٺ ناصرت ڏانهن موٽيا. 40 پوءِ اهو ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. هو سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو ۽ مٿس خدا جي فضل جي نظر هئي. ننڍپڻ ۾ عيسيٰ مسيح جو هيڪل ۾ وڃڻ 41 عيسيٰ جا ماءُ پيءُ هر سال عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانهن ويندا هئا. 42 جڏهن عيسيٰ ٻارهن سالن جو ٿيو تہ اهي دستور موجب عيد فصح تي اوڏانهن ويا ۽ عيسيٰ ساڻن گڏ هو. 43 جڏهن عيد جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن موٽڻ لڳا. پر ٻار عيسيٰ يروشلم ۾ رهجي وين ۽ سندس ماءُ پيءُ کي اها خبر ئي نہ پيئي. 44 انهن سمجھيو پئي تہ هو قافلي سان آهي، سو انهن سڄو ڏينهن سفر ڪيو ۽ پوءِ عيسيٰ کي مائٽن ۽ دوستن ۾ ڳولڻ شروع ڪيائون. 45 جڏهن انهن کيس نہ لڌو تہ هو سندس ڳولا لاءِ موٽي يروشلم ۾ آيا. 46 ٽئين ڏينهن تي هنن عيسيٰ کي هيڪل ۾ لڌو، جتي هو يهودي عالمن سان ويٺو هو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين. 47 جن بہ هن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي هن جي سمجھہ ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب ۾ پئجي ٿي ويا. 48 سندس ماءُ پيءُ کيس اتي ويٺل ڏسي حيران ٿي ويا. سو سندس ماءُ چيس تہ ”پٽ! تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجو پيءُ ۽ آءٌ تو کي ڳولي لهڻ لاءِ سخت پريشان هئاسين.“ 49 تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ”اوهان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوهان کي خبر نہ هئي تہ آءٌ ضرور پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ هوندس؟“ 50 پر اهي سندس اها ڳالهہ سمجھي نہ سگھيا. 51 پوءِ عيسيٰ انهن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي هو انهن جو فرمانبردار ٿي رهيو. هن جي ماءُ هي سڀ ڳالهيون پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکيون. 52 عيسيٰ جسم توڙي سياڻپ ۾ وڌندو ويو ۽ کيس خدا ۽ ماڻهن جو راضپو پڻ حاصل ٿيندو ويو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society