لوقا 18 - Muslim Sindhi Bibleهڪڙي رنزال ۽ جج جو مثال 1 عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”هر وقت دعا گھرندا رهو ۽ همت نہ هارجو.“ انهيءَ لاءِ هن کين هڪڙو مثال ڏنو تہ 2 ”ڪنهن شهر ۾ هڪڙو جج رهندو هو، جنهن کي نہ خدا جو خوف هو ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ. 3 انهيءَ شهر ۾ هڪڙي رنزال رهندي هئي، جيڪا بار بار جج کي اچي چوندي هئي تہ ’جوابدار جي خلاف منهنجو انصاف ڪر.‘ 4 جج ڪجھہ وقت تہ هن جي ٻڌي ئي ڪانہ، پر پوءِ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’جيتوڻيڪ مون کي نہ خدا جو خوف آهي ۽ نہ ماڻهن جي پرواهہ، 5 تڏهن بہ جيئن تہ هيءَ رنزال اچي مون کي ڪڪ ٿي ڪري، تنهنڪري ساڻس انصاف ڪندس، نہ تہ هيءَ بار بار اچي مون کي بيزار ڪندي.‘“ 6 خداوند وڌيڪ چيو تہ ”ٻُڌوَ، هن بيانصاف جج ڇا چيو؟ 7 تہ پوءِ خدا پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟ 8 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو جلد ئي سندن انصاف ڪندو. پر جڏهن ابنِ آدم ايندو تڏهن هو ماڻهن ۾ اهڙو ايمان الائجي ڏسندو يا نہ.“ فريسيءَ ۽ هڪ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جو مثال 9 جن ماڻهن کي پنهنجي سچائيءَ تي ناز هو ۽ ٻين کي گھٽ سمجھندا هئا، تن کي عيسيٰ هڪڙو مثال ٻڌايو تہ 10 ”ٻہ شخص هيڪل ۾ دعا گھرڻ ويا، هڪڙو فريسي ۽ ٻيو ٽيڪس اُڳاڙيندڙ. 11 فريسي بيهي پنهنجيءَ دل ۾ هيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو آءٌ ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، بيانصاف يا زناڪار نہ آهيان، نہ وري هن ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جهڙو آهيان. 12 آءٌ هفتي ۾ ٻہ ڏينهن روزو ٿو رکان ۽ پنهنجي سڄي ڪمائيءَ جو ڏهون حصو تنهنجي نالي تي ٿو ڏيان.‘ 13 پر ٽيڪس اُڳاڙيندڙ پري بيٺو رهيو ۽ آسمان ڏانهن اکيون کڻي بہ نہ نهاريائين، بلڪ ڇاتي پٽيندي چوڻ لڳو تہ ’اي خدا! مون گنهگار تي رحم ڪر.‘ 14 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پهريون نہ، پر هي ٻيو ماڻهو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“ ننڍڙن ٻارن جي اهميت ( متي 19:13-15 ، مرقس 10:13-16 ) 15 ڪي ماڻهو پنهنجا ننڍڙا ٻار عيسيٰ وٽ کڻي آيا تہ هو انهن تي هٿ رکي. پر سندس شاگرد اهو ڏسي انهن کي ڇينڀڻ لڳا جيڪي ٻار کڻي آيا هئا. 16 تنهن تي عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي. 17 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ خدا جي بادشاهيءَ کي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو سو ڪڏهن بہ ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“ خدا جي بادشاهي ۽ شاهوڪار ماڻهو ( متي 19:16-30 ، مرقس 10:17-31 ) 18 هڪڙي سردار عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“ 19 عيسيٰ چيس تہ ”تون مون کي نيڪ ڇو ٿو سڏين؟ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نيڪ نہ آهي. 20 باقي تو کي حڪمن جي تہ خبر آهي تہ ’زنا نہ ڪر،‘ ’خون نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي‘ ۽ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.‘“ 21 هن چيو تہ ”انهن سڀني تي تہ آءٌ ننڍپڻ کان ئي عمل ڪندو ٿو رهان.“ 22 اهو ٻڌي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اڃا تو ۾ هڪڙي گھٽتائي آهي. سو وڃ ۽ تو وٽ جيڪي بہ آهي سو سڀ وڪڻي غريبن ۾ ورهائي ڇڏ، تڏهن عرش عظيم تي تو کي خزانو ملندو. سو ورهائڻ کان پوءِ اچي منهنجو پوئلڳ ٿيءُ.“ 23 اهو ٻڌي هو ڏاڍو غمگين ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو. 24 عيسيٰ ڏٺو تہ هو ڪيتري قدر نہ غمگين ٿي پيو آهي، تڏهن چيائين تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. 25 ياد رکو، اُٺ جو سُئيءَ جي پاکي مان لنگھڻ سولو آهي، پر شاهوڪار ماڻهوءَ جو خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ اولو آهي.“ 26 ماڻهن جڏهن اهو ٻڌو تڏهن پڇيائون تہ ”پوءِ ڪير بچي سگھندو؟“ 27 عيسيٰ وراڻين تہ ”جيڪي ڳالهيون انسان جي وس کان ٻاهر آهن، سي خدا جي وس ۾ آهن.“ 28 تڏهن پطرس چيس تہ ”ڏسو، اسان تہ اوهان جي پٺيان هلڻ لاءِ پنهنجا گھر گھاٽ بہ ڇڏيا آهن.“ 29 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”هائو، آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن خدا جي بادشاهيءَ لاءِ گھر، زال، ڀائر، ماءُ پيءُ يا ٻار ڇڏيا آهن، 30 تنهن کي هن آخري زماني ۾ تہ گھڻو وڌيڪ ملندو، بلڪ ايندڙ نئين زماني ۾ دائمي زندگي پڻ ملندس.“ عيسيٰ مسيح جو پنهنجي موت بابت وري ٻڌائڻ ( متي 20:17-19 ، مرقس 10:32-34 ) 31 عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ انهن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون ۽ ابنِ آدم بابت جيڪي ڳالهيون نبين جي معرفت لکيون ويون آهن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون. 32 هو غير قوم وارن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس ٺٺوليون ڪندا، ساڻس جٺيون ڪندا ۽ کيس ٿڪون هڻندا. 33 اهي کيس ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا، پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 34 انهن ڳالهين مان شاگردن کي ڪا هڪڙي ڳالهہ بہ سمجھہ ۾ نہ آئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون کين چيون ويون، تن جي معنيٰ کانئن ڳجھي رکي ويئي، تنهنڪري اهي سمجھي نہ سگھيا. انڌي فقير کي سڄو ڪرڻ ( متي 20:29-34 ، مرقس 10:46-52 ) 35 پوءِ جيئن عيسيٰ يريحو شهر جي ويجھو اچي رهيو هو تہ رستي تي هڪڙي انڌي ماڻهوءَ ويٺي پنيو. 36 هن ميڙ جي لنگھڻ جو گوڙ ٻڌي پڇيو تہ ”هي ڇا آهي؟“ 37 ماڻهن ٻڌايس تہ ”عيسيٰ ناصري لنگھي رهيو آهي.“ 38 تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ”اي عيسيٰ، دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو.“ 39 تنهن تي جيڪي اڳيان پئي هليا تن ڇڙٻ ڏيئي چيس تہ ”ماٺ ڪر.“ پر هو اڃا بہ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي دائود جا اولاد! مون تي رحم ڪريو.“ 40 اهو ٻڌي عيسيٰ بيهي رهيو ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائين تہ ”هن کي مون وٽ وٺي اچو.“ جڏهن هو ويجھو آيو تہ عيسيٰ پڇيس تہ 41 ”تون ڇا ٿو چاهين جيڪو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪريان؟“ هن چيو تہ ”اي سائين! مون کي وري ديد ملي.“ 42 عيسيٰ چيس تہ ”وٺ هيءَ ديد. ڏس، تنهنجي ايمان تو کي سڄو ڪيو آهي.“ 43 تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڏسي سڀيئي ماڻهو خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society