لوقا 15 - Muslim Sindhi Bibleوڃايل رڍ جو مثال ( متي 18:12-14 ) 1 هڪ دفعي جڏهن ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ گنهگار عيسيٰ جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ سندس چوڌاري اچي مڙيا، 2 تڏهن فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، هي تہ گنهگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ ساڻن گڏ ٿو کائي!“ 3 تنهن تي عيسيٰ انهن کي هڪڙو مثال ڏنو تہ 4 ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي سؤ رڍون هجن ۽ انهن مان هڪڙي گم ٿي وڃيس تہ هو ان جي لاءِ ڇا ڇا نہ ڪندو؟ ڇا هو نوانوي کي جھنگ ۾ ڇڏي ان هڪڙيءَ جي پٺيان نہ رُلندو جيستائين اها نہ لڀيس؟ 5 پوءِ جڏهن اها لڀيس ٿي تہ ايڏو خوش ٿو ٿئي جو انهيءَ کي ڪلهن تي ٿو کڻي. 6 هو جڏهن گھر پهچي ٿو تہ سڀني دوستن ۽ پاڙيسرين کي سڏي چوي ٿو تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجي وڃايل رڍ لڌي آهي.‘ 7 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح هڪ گنهگار جيڪو توبهہ ٿو ڪري، ان لاءِ آسمان تي وڌيڪ خوشي ٿيندي بنسبت انهن نوانوي نيڪن جي، جن کي توبهہ جي ضرورت نہ آهي.“ وڃايل سڪي جو مثال 8 ”يا فرض ڪريو تہ هڪڙيءَ عورت کي چانديءَ جا ڏهہ سڪا آهن ۽ هڪ وڃائجي وڃيس، تہ اها ڇا ڇا نہ ڪندي؟ ڏيئو ٻاريندي، گھر ٻهاريندي ۽ ڌيان سان پيئي ڳوليندي رهندي جيستائين اهو نہ لهندي. 9 جڏهن لڀيس ٿو تہ پنهنجي ساهيڙين ۽ پاڙي وارين کي سڏي گڏ ڪري چوندي تہ ’مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجو وڃايل سڪو لڌو آهي.‘ 10 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ گنهگار توبهہ ٿو ڪري.“ وڃايل پٽ جو مثال 11 عيسيٰ هيئن بہ چيو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا، 12 جن مان ننڍي پٽ پيءُ کي چيو تہ ’اي بابا! ملڪيت مان جيڪو منهنجو حصو ٿئي ٿو سو مون کي ڏيو.‘ سو هن پنهنجي ملڪيت ٻنهي پٽن کي ورهائي ڏني. 13 اڃا ڪجھہ ڏينهن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنهنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنهنجي سموري ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين. 14 جڏهن سڀ ڪجھہ ختم ڪري چڪو، تڏهن ان ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ هو بک مرڻ لڳو. 15 سو هو انهيءَ ملڪ جي هڪڙي ماڻهوءَ وٽ وڃي نوڪر ٿي بيٺو، جنهن کيس پنهنجي ٻنين ۾ سوئرن چارڻ جو ڪم ڏنو. 16 هو سوئرن وارو کاڌو کائي پيٽ ڀرڻ لاءِ تيار هو، پر اهو بہ ڪنهن نہ ٿي ڏنس. 17 آخرڪار هن پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منهنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رهن، پر آءٌ هتي بک پيو مران. 18 آءٌ پنهنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ کيس چوندس تہ ”اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان 19 ۽ هاڻي انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان. مون کي پنهنجي مزدورن مان هڪڙو سمجھي بيهاريو.“‘ 20 سو هو اُٿي پنهنجي پيءُ ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪهل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس. 21 تڏهن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان ۽ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان.‘ 22 پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس. 23 هڪڙو ٿلهو متارو وهڙو آڻي ڪهو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملهايون، 24 ڇاڪاڻ تہ منهنجو هي پٽ مري ويو هو ۽ هاڻي وري جيئرو ٿيو آهي. هو گم ٿي ويو هو ۽ هاڻي وري مليو آهي.‘ پوءِ اهي خوشيون ملهائڻ لڳا. 25 انهيءَ وقت سندس وڏو پٽ جيڪو ٻنيءَ تي ويل هو سو موٽي آيو. جڏهن گھر جي ويجھو پهتو تڏهن ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ٻڌائين. 26 تڏهن هڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائينس تہ ’هي ڇا پيو ٿئي؟‘ 27 تنهن تي نوڪر چيس تہ ’تنهنجو ڀاءُ صحيح سلامت گھر موٽي آيو آهي، تنهنڪري تنهنجي پيءُ ٿلهو متارو وهڙو ڪهايو آهي.‘ 28 تڏهن هو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنهن تي سندس پيءُ ٻاهر اچي کيس سمجھائڻ لڳو. 29 پر هن پنهنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ هڪ ٻانهي وانگر اوهان جي خدمت ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪڏهن بہ اوهان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، پر اوهان ڪڏهن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنهنجي سنگتين سان موجون ماڻيان. 30 جڏهن تہ اوهان جو هي پٽ، جنهن ڪسبياڻين ۾ اوهان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو هاڻي آيو آهي تہ هن لاءِ ٿلهو متارو وهڙو ڪٺو اٿوَ.‘ 31 تنهن تي پيءُ چيس تہ ’پٽ! تون تہ هميشہ مون سان گڏ آهين ۽ جيڪي منهنجو آهي سو سڀ تنهنجو ئي آهي. 32 پر اسان کي تہ انهيءَ لاءِ شادمانو ۽ خوشي ملهائڻي آهي جو تنهنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو هو سو هاڻي جيئرو ٿيو آهي، جيڪو وڃائجي ويو هو سو هاڻي لڌو آهي.‘“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society