Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 14 - Muslim Sindhi Bible


سوڄ واري بيمار کي شفا ڏيڻ

1 هڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو.

2 ان گھڙيءَ سندس اڳيان هڪڙو ماڻهو بيٺو هو، جنهن جون ٽنگون ۽ ٻانهون سڄيل هيون.

3 عيسيٰ شريعت جي عالمن ۽ فريسين کان پڇيو تہ ”سبت جي ڏينهن شفا ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“

4 پر اهي ماٺ رهيا. تڏهن عيسيٰ ان ماڻهوءَ کي هٿ لائي چڱو ڀلو ڪري روانو ڪيو.

5 پوءِ هنن کي چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جو پٽ يا ڏاند سبت جي ڏينهن کوهہ ۾ ڪري پوي تہ ڇا اوهين کيس جلدي ٻاهر ڪڍندءُ يا نہ؟“

6 پر اهي ڪو جواب ڏيئي نہ سگھيا.


نِوڙت ۽ مهمان‌نوازي

7 پوءِ جڏهن عيسيٰ هي ڏٺو تہ مهمان مٿاهيون جايون پسند ٿا ڪن، تڏهن انهن کي هڪڙو مثال ڏيندي چيائين تہ

8 ”جڏهن ڪو اوهان کي شاديءَ جي دعوت ڏئي تہ مٿاهينءَ جاءِ تي نہ ويهو، ٿي سگھي ٿو تہ هن اوهان کان بہ وڌيڪ مانواري کي دعوت ڏني هجي.

9 پوءِ جنهن اوهان ٻنهي کي شاديءَ جي دعوت ڏني هجي، اهو اوهان وٽ اچي چوي تہ ’اوهين هن ماڻهوءَ کي جاءِ ڏيو،‘ تہ اوهان کي ڪيترو نہ شرمساريءَ سان سڀ کان هيٺاهينءَ جاءِ تي ويهڻو پوندو.

10 پر جڏهن بہ اوهان کي اهڙي دعوت ملي تہ سڀ کان هيٺاهينءَ جاءِ تي وڃي ويهو، تہ جيئن ميزبان جنهن اوهان کي دعوت ڏني آهي اهو اچي پاڻ چئيوَ تہ ’ادا، مٿي اچي ويهو،‘ تہ انهن جي اڳيان اوهان جي ڪيڏي نہ عزت ٿيندي، جن سان گڏ اوهين ويٺا هئا.

11 ڏسو، جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي، سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“

12 پوءِ جنهن ماڻهوءَ عيسيٰ کي دعوت ڏني هئي، تنهن کي عيسيٰ چيو تہ ”جڏهن بہ دعوت کائڻ جو سڏ ڏئين تہ پنهنجي دوستن يا ڀائرن، مٽن مائٽن يا شاهوڪار پاڙيسرين کي دعوت نہ ڏج، ڇاڪاڻ تہ متان بدلي ۾ اهي بہ تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين.

13 پر جڏهن بہ تون مانيءَ جي دعوت ڪرين تہ غريبن، جڏن، منڊن ٽُنڊن ۽ انڌن کي سڏ ڏج،

14 تہ تون سڀاڳو ٿيندين، ڇاڪاڻ تہ انهن وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جنهن سان تو کي دعوت ڏيئي تنهنجو ٿورو لاهين. پر تو کي قيامت ۾ ان نيڪيءَ جو اجر ضرور ملندو.“


وڏي دعوت جو مثال
( متي 22‏:1‏-10 )

15 تڏهن مهمانن مان هڪڙي اهي ڳالهيون ٻڌي عيسيٰ کي چيو تہ ”سڀاڳو آهي اُهو، جيڪو خدا جي بادشاهيءَ ۾ کائيندو پيئندو.“

16 عيسيٰ هن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شخص هڪ وڏي دعوت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي سڏ ڏنائين.

17 جڏهن ماني تيار ٿي ويئي تڏهن نوڪر کي موڪليائين تہ مهمانن کي چئُہ تہ اچن، جو هاڻي هر شيءِ تيار آهي.

18 پر اهي سڀ هڪٻئي پٺيان بهانا ڪرڻ لڳا. پهرئين چيس تہ ’مون ٻني ورتي آهي ۽ مون کي اها ضرور ڏسڻي آهي. سو مهرباني ڪري منهنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘

19 ٻئي چيس تہ ’مون ڏاندن جا پنج جوڙا ورتا آهن ۽ انهن کي آزمائڻ ٿو وڃان. مهرباني ڪري منهنجي طرفان معافي گھرجانءِ.‘

20 ٽئين چيس تہ ’مون نئين شادي ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ ڪونہ اچي سگھندس.‘

21 نوڪر موٽي اچي اهي سڀيئي ڳالهيون پنهنجي مالڪ کي ٻڌايون. پوءِ تہ گھر جو مالڪ اچي ڪاوڙيو، سو نوڪر کي چيائين تہ ’جلدي وڃ، شهر جي چونڪن ۽ بازارن مان غريبن، جڏن، انڌن ۽ منڊن ٽُنڊن کي وٺي اچ.‘

22 نوڪر ويو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين تہ ’سائين! جيئن اوهان حڪم ڏنو تيئن ئي ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ باقي آهي.‘

23 تنهن تي گھر جي مالڪ نوڪر کي چيو تہ ’سڙڪن ۽ پسگردائيءَ ۾ وڃ ۽ ماڻهن کي مجبور ڪري وٺي اچ تہ جيئن منهنجو گھر ڀرجي وڃي،

24 ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي چوان ٿو تہ جن کي پهريائين سڏ ڏنو ويو هو، تن مان ڪوبہ شخص منهنجي ماني ڪين چکندو.‘“


شاگرد بڻجڻ لاءِ شرط
( متي 10‏:37‏-38 )

25 هڪڙي دفعي ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ عيسيٰ سان گڏ پئي هليو. هن ڦري ماڻهن کي چيو تہ

26 ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان اچڻ چاهي تہ اهو جيستائين پنهنجي ماءُ پيءُ، زال، ٻارن ۽ ڀائرن ڀينرن بلڪ خود پاڻ کان بہ وڌيڪ مون سان پيار نہ ڪندو تيستائين هو منهنجو شاگرد ٿي نہ سگھندو.

27 جيڪو پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان نہ ٿو هلي سو منهنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.

28 فرض ڪريو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو منارو ٺهرائڻ چاهي ٿو تہ اهو پهريائين ويهي ان جي خرچ جو اندازو نہ ٿو لڳائي ڇا، تہ وٽس ان کي جوڙي راس ڪرائڻ جيترو پئسو آهي يا نہ؟

29 متان ائين نہ ٿئي جو ان جي پيڙهہ تہ رکرائي پر پورو نہ ڪرائي سگھي، تڏهن ڏسندڙ مٿس ٺٺوليون ڪن ۽ چون تہ

30 ’هن ماڻهوءَ اڏاوت تہ شروع ڪئي پر پوري نہ ڪري سگھيو.‘

31 يا اهو ڪهڙو بادشاهہ آهي جو جيڪڏهن ٻئي ڪنهن بادشاهہ سان جنگ جوٽڻ وڃي ۽ پهريائين ويهي ويچار نہ ڪري تہ ’ڇا منهنجو هي ڏهن هزارن جو لشڪر، انهن ويهہ هزار چڙهائي ڪندڙن جو مقابلو ڪري سگھندو يا نہ؟‘

32 ٻيءَ صورت ۾ ڪاهہ ڪندڙ اڃا پري ئي هوندو تہ هن ڏانهن ايلچي موڪلي صلح جا شرط پڇندس.

33 سو اهڙيءَ طرح اوهان مان جنهن وٽ جيڪي ڪجھہ آهي، جيستائين اهو سڀ ڇڏي نہ ٿو ڏئي تيستائين منهنجو شاگرد ٿي نہ ٿو سگھي.“


بي‌سوادو لوڻ
( متي 5‏:13 ، مرقس 9‏:50 )

34 ”لوڻ تہ چڱو آهي، پر جيڪڏهن خود لوڻ مان لوڻياٺ ئي نڪري وڃي تہ ان کي ڇا سان لوڻياٺو ڪجي؟

35 پوءِ بي‌سوادو لوڻ کڻي ٻاهر اڇلايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ لوڻ نہ زمين جي ڪم ايندو آهي، نہ ئي ڀاڻ ۾ ملائبو آهي.“ عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan