Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لوقا 12 - Muslim Sindhi Bible


رياڪاريءَ کان چتاءُ
( متي 10‏:26‏-27 )

1 ايتري ۾ هزارين ماڻهن جو ميڙ عيسيٰ جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. اهي ماڻهو کيس ٻڌڻ لاءِ هڪٻئي تي ڳاهٽ پئي ٿيا. تڏهن عيسيٰ انهن جي اڳيان پنهنجي شاگردن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”رياڪاري فريسين جو خمير آهي، تنهن کان پري رهجو.

2 ياد رکو، ڪابہ ڍڪيل شيءِ اهڙي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ لڪل ڳالهہ اهڙي نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي.

3 سو اوهين جيڪي بہ اونداهيءَ ۾ ڳالهايو ٿا سو ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٻڌو ويندو ۽ بند ڪمرن ۾ ماڻهن جي ڪنن ۾ جيڪا بہ سُس پُس ڪريو ٿا، سا وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪاري ويندي.“


ڪنهن کان ڊڄڻ گھرجي؟
( متي 10‏:28‏-31 )

4 ”اوهين جيڪي منهنجا دوست آهيو، تن کي آءٌ چوان ٿو تہ جيڪي بدن کي قتل ٿا ڪن، تن کان نہ ڊڄو. هو ان کان وڌيڪ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھن.

5 پر آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ دوزخ ۾ وجھڻ جي اختياري بہ رکي ٿو. سو بس، رڳو انهيءَ کان ئي ڊڄندا رهو.

6 ڇا ٻن ننڍڙن سڪن ۾ پنج جھرڪيون نہ ٿيون وڪامن؟ تنهن هوندي بہ ڪابہ جھرڪي خدا کان وسريل نہ آهي.

7 جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين خدا کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“


عيسيٰ مسيح کي کُليو کُلايو قبول ڪرڻ
( متي 10‏:32‏-33 ، 12‏:32 ، 10‏:19‏-20 )

8 ”آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو قبول ڪندو تہ ان کي ابنِ آدم بہ خدا جي ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندو.

9 پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنهن کي ابنِ آدم بہ خدا جي ملائڪن جي اڳيان قبول نہ ڪندو.

10 جيڪو بہ ابنِ آدم جي خلاف ڪا ڳالهہ چوندو تہ ان کي معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪو ماڻهو پاڪ روح جي خلاف ڪفر بڪندو، تہ ان کي اهو هرگز نہ بخشيو ويندو.

11 جڏهن بہ ماڻهو اوهان کي عبادت‌خانن ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏهن ڳڻتي نہ ڪجو تہ ’ڪيئن ۽ ڪهڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون،‘

12 ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح ان ئي گھڙيءَ اوهان کي سيکاريندو تہ اوهان کي ڇا چوڻ کپي.“


بي‌وقوف زميندار جو مثال

13 ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! منهنجي ڀاءُ کي چئو تہ اباڻي ميراث مان منهنجو حصو مون کي ورهائي ڏئي.“

14 پر عيسيٰ کيس چيو تہ ”ميان! مون کي اوهان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنهن امين مقرر ڪيو آهي؟“

15 پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“

16 تڏهن عيسيٰ انهن کي هڪڙو مثال ٻڌائيندي چيو تہ ”ڪنهن زميندار جي ٻنيءَ ۾ سٺو فصل ٿيو.

17 سو هو دل ۾ سوچڻ لڳو تہ ’هاڻي ڇا ڪريان؟ مون وٽ تہ اها جاءِ ئي ڪانهي جتي کڻي پنهنجو فصل گڏ ڪري رکان.‘

18 آخر دل ۾ چيائين تہ ’آءٌ هيئن ڪندس جو هي ڀانڊا ڊهرائي وڏا ڪري ٺهرائيندس ۽ انهن ۾ سمورو اناج ۽ ٻيون شيون گڏ ڪري رکندس

19 ۽ پوءِ پاڻ کي چوندس تہ ٻيلي، مون وٽ ايترو تہ گھڻو مال آهي جو ڪيترائي سال پيو هلندو، سو آرام ڪريان، کاوان پيئان ۽ موجون ماڻيان.‘

20 پر خدا چيس تہ ’اي بي‌وقوف! اڄوڪي رات ئي تنهنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿيئي سو ڪنهن جو ٿيندو؟‘“

21 عيسيٰ ان مثال جو مطلب ٻڌائيندي چيو تہ ”بلڪل ائين ئي انهيءَ ماڻهوءَ سان ڪيو ويندو، جيڪو پاڻ وٽ ڌن دولت تہ ميڙي گڏ ٿو ڪري، پر خدا وٽ خزانو گڏ نہ ٿو ڪري.“


خدا تي ڀروسو رکڻ
( متي 6‏:25‏-34 )

22 پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’ڇا پهرينداسين،‘

23 ڇاڪاڻ تہ جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ اهم آهي.

24 ڪانوَن تي غور ڪريو تہ هو نہ پوکين، نڪي لڻين ۽ نہ وري انهن کي اناج جا ڀانڊا يا گودام آهن، تڏهن بہ خدا انهن کي کارائي ٿو. پر اوهين تہ انهن کان وڌيڪ درجو ٿا رکو.

25 ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتين ڪرڻ سان حياتيءَ جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھندو؟

26 جيڪڏهن اوهان کان اهڙي خسيس ڳالهہ بہ ٿي نہ ٿي سگھي، تہ پوءِ اوهين ٻين شين لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟

27 غور ڪريو تہ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي، انهن مان ڪنهن هڪ جهڙو بہ ويس پهريل نہ هو.

28 ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ خدا ائين پهرائي ٿو تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.

29 تنهنڪري اوهين کائڻ پيئڻ جي شين جي پٺيان نہ لڳو ۽ انهن بابت ڪابہ ڳڻتي نہ ڪريو.

30 بيشڪ دنيا جون قومون انهن سڀني شين جي ڳولا ۾ هونديون آهن. پر اوهان جو پيءُ ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڪهڙين شين جي ضرورت آهي.

31 سو اوهين پهريائين خدا جي بادشاهيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ اوهان کي اهي سڀ شيون بہ ملي وينديون.“


عرش عظيم ۾ خزانو گڏ ڪرڻ
( متي 6‏:19‏-21 )

32 عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پيءُ جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري.

33 سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي خيرات ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني عرش عظيم تي پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس،

34 ڇاڪاڻ تہ جتي اوهان جو خزانو هوندو تہ دل بہ اوهان جي اتي ئي هوندي.“


سجاڳ نوڪر

35 ”پنهنجا سندرا ٻڌل ۽ پنهنجا ڏيئا ٻريل رکو.

36 اوهين پاڻ کي انهن سجاڳ نوڪرن وانگر بڻايو، جيڪي پنهنجي مالڪ لاءِ اکيون در ۾ اٽڪايو ويٺا واٽ نهارين تہ جڏهن سندن مالڪ شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي در کڙڪائي تہ هڪدم هن لاءِ در کولين.

37 سڀاڳا آهن اهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ هو سندرو ٻڌي بيهندو ۽ کين کارائڻ لاءِ پنهنجي سر پاڻ بيهي سندن خدمت ڪندو.

38 سو جيتوڻيڪ مالڪ اڌ رات يا پوئين پهر اچي تہ بہ انهن کي سجاڳ ڏسي، تہ اهي نوڪر ڪهڙا نہ سڀاڳا آهن.

39 اهو بہ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪڏهن ڪنهن گھر جي مالڪ کي خبر هجي ها تہ چور ڪهڙيءَ مهل ايندو، تہ هو جيڪر پنهنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها.

40 تنهنڪري اوهين بہ تيار رهو، ڇو تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اها گھڙي الائجي ڪهڙي هوندي جڏهن ابنِ آدم اچي پهچندو.“


وفادار ۽ بي‌وفا نوڪر
( متي 24‏:45‏-51 )

41 تڏهن پطرس عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! هي مثال اوهين رڳو اسان لاءِ ٿا ڏيو يا سڀني لاءِ؟“

42 خداوند جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟

43 سڀاڳو آهي اهو نوڪر، جنهن کي سندس مالڪ اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي.

44 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو.

45 پر جيڪڏهن اهو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ مست ٿيڻ لڳي،

46 تہ انهيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انهيءَ ئي ڏينهن اچي پهچندو جنهن جو هن کي خواب خيال بہ نہ هوندو ۽ اهڙي وقت ايندو جنهن جي هن کي خبر ئي نہ هوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ بي‌وفائن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس.

47 اهو نوڪر جنهن پنهنجي مالڪ جا اصول ڄاڻيندي بہ تياري نہ ڪئي، نڪي سندس حڪمن موجب هليو، تنهن کي ڏاڍي مار ملندي.

48 پر اهو جنهن کي مالڪ جي اصولن جي خبر ڪانہ هئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. سو جنهن کي گھڻو ڏنو ويو آهي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو. هائو، جنهن کي گھڻو سونپيو ويو آهي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“


عيسيٰ مسيح، جدائيءَ جو سبب
( متي 10‏:34‏-36 )

49 ”آءٌ ڌرتيءَ تي باهہ لڳائڻ لاءِ آيو آهيان. ڪهڙو نہ چڱو ٿئي ها جو اها اڳ ۾ ئي لڳل هجي ها.

50 پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي ۽ جيستائين اها پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آهيان.

51 ڇا اوهين ائين سمجھو ٿا تہ آءٌ ڌرتيءَ تي صلح ڪرائڻ لاءِ آيو آهيان؟ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ صلح نہ پر جدائي ڪرائڻ لاءِ آيو آهيان.

52 اڄ کان وٺي جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ پنج ڀاتي هوندا تہ انهن مان ٽي هڪڙي طرف ٿيندا تہ ٻہ ٻئي طرف.

53 پيءُ پٽ جي خلاف ٿيندو ۽ پٽ پيءُ جي، ماءُ ڌيءَ جي خلاف ٿيندي ۽ ڌيءَ ماءُ جي، سس نُنهن جي خلاف ٿيندي ۽ نُنهن سس جي.“


وقت کي سڃاڻڻ
( متي 16‏:2‏-3 ، 5‏:25‏-26 )

54 عيسيٰ ميڙ کي چيو تہ ”جڏهن اولهہ ۾ ڪڪر ڏسو ٿا تہ هڪدم چئو ٿا تہ ’مينهن ايندو‘ ۽ ٿئي بہ ائين ٿو.

55 جڏهن ڏکڻ گھُلي ٿو تہ چئو ٿا تہ ’اونهارو اچڻ وارو آهي‘ ۽ واقعي ٿئي بہ ائين ٿو.

56 اي رياڪارؤ! اوهين زمين ۽ آسمان جا رخ تہ سڃاڻي ٿا وٺو، پوءِ هن وقت جيڪي ڪجھہ اوهان منجھہ ڪيو وڃي ٿو تنهن کي ڇو نہ ٿا سڃاڻو؟

57 جيڪو حق آهي تنهن جو پاڻ ئي فيصلو ڇو نہ ٿا ڪريو؟

58 جيڪڏهن ڪو فريادي اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ هن کي ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي هو ڪوشش ڪري ساڻس ٺاهہ ڪري، متان اهو هن کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج هن کي سپاهيءَ جي حوالي ڪري جيڪو کيس جيل ۾ وجھي.

59 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين اهو ماڻهو ڏنڊ جي پائي پائي ادا نہ ڪندو تيستائين جند نہ ڇٽندس.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan