لوقا 11 - Muslim Sindhi Bibleدعا بابت تعليم ( متي 6:9-13 ، 7:7-11 ) 1 هڪڙي دفعي ڪنهن هنڌ عيسيٰ دعا پئي گھري. جڏهن هو دعا گھري چڪو تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي چيس تہ ”اي استاد! جهڙيءَ طرح يحيٰ پنهنجي شاگردن کي دعا سيکاري هئي، تهڙيءَ طرح اسان کي بہ دعا سيکاريو.“ 2 عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”جڏهن اوهين دعا گھرو تہ هيئن چئجو تہ ’اي بابا! شل تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، ۽ تنهنجي بادشاهي اچي. 3 اسان جي روزانو واري ماني اسان کي هر روز ڏي. 4 اسان جا ڏوهہ اسان کي معاف ڪر، ڇاڪاڻ تہ جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون. ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي.‘“ 5 پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”فرض ڪريو تہ اوهان منجھان ڪنهن کي ڪو دوست هجي ۽ اڌ رات جو انهيءَ وٽ وڃي کيس چوي تہ ’اي دوست! مون کي ٽي مانيون اڌاريون ڏي، 6 ڇاڪاڻ تہ منهنجو هڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آهي ۽ مون وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي هن جي اڳيان رکان.‘ 7 تڏهن اوهان جو دوست اوهان کي اندران ورندي ڏئي تہ ’مون کي تڪليف نہ ڏي. هن مهل در بند آهي ۽ آءٌ پنهنجي ٻارن سان گڏ ستل آهيان، تنهنڪري آءٌ اُٿي تو کي ڪجھہ بہ ڏيئي نہ ٿو سگھان.‘ 8 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو اوهان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اُٿي، پر اوهان جي بار بار گھرندو رهڻ جي ڪري هو اٿندو ۽ جيتريون مانيون اوهان کي گھرج ۾ هونديون اوتريون ڏيندو. 9 انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ، 10 ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي تنهن کي لڀندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ کلندو آهي. 11 ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو پيءُ آهي جنهن کان سندس ٻار اچي مڇي گھري تہ مڇيءَ بدران نانگ ڏئيس؟ 12 يا سندس ٻار بيضو گھريس تہ هو وِڇون ڏئيس؟ 13 جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آسمان وارو پيءُ اوهان گھرڻ وارن کي پاڪ روح ڪونہ ڏيندو ڇا؟“ عيسيٰ مسيح ۽ بعلزبول ( متي 12:22-30 ، مرقس 3:20-27 ) 14 هڪڙي دفعي عيسيٰ اهڙي ماڻهوءَ مان ڀوت ڪڍي رهيو هو جيڪو ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ منجھس گونگو ڪرڻ وارو ڀوت هو. جڏهن منجھانئس ڀوت نڪتو تہ ان ماڻهوءَ ڳالهائڻ شروع ڪيو. اهو ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا. 15 تڏهن انهن مان ڪن چيو تہ ”عيسيٰ ڀوتن جي سردار بعلزبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي،“ 16 جڏهن تہ ٻين وري آزمائڻ لاءِ چيس تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪا آسماني نشاني ڏيکار.“ 17 پر عيسيٰ انهن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بادشاهت ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي سا برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن گھر ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي سو گھر تباهہ ٿيو وڃي. 18 سو جيڪڏهن شيطان جي بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوي تہ اها ڪيئن جٽاءُ ڪندي؟ اوهين چئو ٿا تہ آءٌ بعلزبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان. 19 جيڪڏهن آءٌ بعلزبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوهان جا ماڻهو ڪنهن جي مدد سان ٿا ڪڍن؟ پوءِ تہ اهي ئي اوهان کي ڪوڙو ثابت ڪندا. 20 پر جيڪڏهن آءٌ خدا جي قدرت سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏيو تہ خدا جي بادشاهي اوهان وٽ اچي پهتي آهي. 21 جڏهن ڪو طاقت وارو ماڻهو پنهنجا هٿيار پنهوار ٻڌي پنهنجي گھر جو پهرو ٿو ڏئي تہ سندس سڀ مالمتاع سلامت ٿو رهي. 22 پر جڏهن ان کان بہ وڌيڪ طاقتور ماڻهو حملو ڪري مٿس غالب ٿو پوي، تڏهن کانئس هٿيار پنهوار کسي ٿو وٺي، جن تي هن کي ڀروسو هو ۽ پوءِ سندس مال ڦُري ورهائي ٿو ڇڏي. 23 جيڪو مون سان نہ آهي، سو منهنجي خلاف آهي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي.“ ڀوتن جو موٽڻ ( متي 12:43-45 ) 24 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو ڀوت ڪنهن ماڻهوءَ مان نڪري ٿو وڃي تہ اهو ويران هنڌن ۾ اهڙي جاءِ لهڻ لاءِ رُلي ٿو جتي هو آرام ڪري سگھي. جڏهن آرام نہ ٿو مليس تڏهن چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي انهيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو هئس.‘ 25 سو جڏهن هو موٽي اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي، 26 تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ وڌيڪ بدتر ٿي پوي ٿي.“ سڀاڳا ڪير؟ 27 عيسيٰ اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان هڪڙيءَ عورت وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو پيٽ جنهن ۾ اوهين رهيا ۽ اها ڇاتي جيڪا اوهان ڌاتي.“ 28 تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود وڌيڪ سڀاڳا اُهي آهن، جيڪي خدا جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ٿا ڪن.“ نشانيءَ جي گھُر کي رد ڪرڻ ( متي 12:38-42 ) 29 جيئن پوءِ تيئن عيسيٰ جي چوگرد ماڻهن جو ميڙ وڌندو پئي ويو تڏهن هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا آهن جو اهي مون کان خدائي نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي يونس نبيءَ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي. 30 جيئن نينواہ شهر جي ماڻهن لاءِ يونس هڪڙو نشان بڻيو، تيئن هن زماني جي ماڻهن لاءِ ابنِ آدم بہ هڪ نشان بڻبو. 31 قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ سليمان بادشاهہ جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ عظيم آهي. 32 نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يونس جي تبليغ تي ئي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يونس کان بہ عظيم آهي.“ خدا جي ڳالهين جي روشني اندر ۾ رکڻ ( متي 5:15 ، 6:22-23 ) 33 ”ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي روشني ملي. 34 اوهان جون اکيون اوهان جي بدن لاءِ ڏيئي مثل آهن، سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو بدن روشن هوندو. پر جيڪڏهن اوهان جي نظر غلط پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو بدن اونداهيءَ ۾ غرق هوندو. 35 تنهنڪري خيال رکو تہ اوهان جي اندر ۾ اونداهي نہ هجي بلڪ خدا جي ڳالهين جي روشني هجي. 36 جيڪڏهن اوهان جي اندر ۾ پوري پوري روشني هوندي ۽ ڪنهن بہ ڪنڊڪڙڇ ۾ اونداهي نہ هوندي تہ انهيءَ جو مثال ڏيئي جي ان روشنيءَ وانگر هوندو جيڪا اوهان کي روشن ٿي ڪري.“ فريسين ۽ شريعت جي عالمن تي ملامت ڪرڻ ( متي 23:1-36 ، مرقس 12:38-40 ) 37 عيسيٰ جڏهن ڳالهائي بس ڪئي تہ هڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان ماني کائڻ جي دعوت ڏنس. سو هو اندر ويو ۽ دسترخوان تي ويهي ماني کائڻ لڳو. 38 فريسي هي ڏسي حيران ٿي ويو تہ کائڻ کان اڳ ۾ عيسيٰ سندن رسم موجب هٿ ڇو ڪين ڌوتا. 39 تڏهن خداوند چيس تہ ”اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر هٻڇ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آهي. 40 اي بيوقوفؤ! جنهن خالق اوهان جو ٻاهر ٺاهيو آهي، ڇا تنهن ئي اوهان جو اندر نہ ٺاهيو آهي؟ 41 پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ خيرات ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پاڪ ٿي پوندو. 42 ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي فريسيؤ! جو اوهين خدا جي راهہ ۾ ڦودني، سوئن ۽ هر ڪنهن ڀاڄيءَ جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر انصاف ڪرڻ ۽ خدا سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها. 43 اي فريسيؤ! مصيبت آهي اوهان لاءِ، جو اوهين عبادتخاني ۾ اعليٰ درجي جي جاين تي ويهڻ ۽ بازارن ۾ ماڻهن جا سلام پسند ڪريو ٿا. 44 مصيبت آهي اوهان لاءِ، ڇاڪاڻ تہ اوهين انهن بينشان قبرن جي مثل آهيو، جيڪي گندگيءَ سان ڀريل آهن ۽ ماڻهو مٿائن بيخبريءَ ۾ لنگھين ٿا.“ 45 تڏهن شريعت جي هڪڙي عالم چيس تہ ”اي استاد! هي جيڪي اوهين چئو ٿا تنهن ۾ اسان جي بہ بيعزتي ٿا ڪريو.“ 46 تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمؤ! جو اوهين ماڻهن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪريو. 47 مصيبت آهي اوهان لاءِ، جو اوهين نبين جا قبا ٿا ٺاهيو، جن کي اوهان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو هو. 48 انهن قبن ٺاهڻ سان اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي حمايت ڪندي ڄڻ شاهدي ٿا ڏيو تہ جيڪي قتل انهن ڪيا سي اوهان کي قبول آهن. 49 اوهان جي انهن ڪمن جي ڪري ئي خدا پنهنجي حڪمت سان بيان فرمايو تہ ’آءٌ پنهنجي نبين کي اوهان وٽ موڪليندس، جن مان اوهين ڪن کي ستائيندا ۽ ڪن کي تہ ماري ڇڏيندا.‘ 50 سو دنيا جي شروعات کان وٺي جن نبين جو رت وهايو ويو آهي، تن جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو. 51 مطلب تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هابيل جي خون کان وٺي زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي هيڪل جي اڱڻ ۾ قربانگاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو هو، تن سڀني جي خون جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو. 52 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ! جو اوهين پاڻ تہ خدا جي ڳالهين جي سمجھہ نہ ٿا رکو، بلڪ جيڪي انهن کي سمجھڻ چاهين ٿا تن کي بہ اوهين روڪيو ٿا.“ 53 پوءِ عيسيٰ اتان هليو ويو. تڏهن کان وٺي شريعت جا عالم ۽ فريسي سندس سخت مخالف ٿي پيا ۽ کيس ڦاسائڻ لاءِ کانئس طرح طرح جا سوال پڇڻ لڳا، 54 انهيءَ لاءِ جو هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ هو سندس چيل ڪا ڳالهہ پڪڙي وٺن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society