لوقا 10 - Muslim Sindhi Bibleستر شاگردن کي موڪلڻ 1 انهيءَ کان پوءِ خداوند ستر شاگرد ٻيا بہ مقرر ڪيا ۽ کين ٻن ٻن جي ٽوليءَ ۾ هر انهيءَ شهر ۽ ڳوٺ ڏانهن پاڻ کان اڳ ۾ روانو ڪيو جتي کيس وڃڻو هو. 2 هن کين هدايت ڪئي هئي تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. تنهنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي. 3 وڃو، آءٌ اوهان ڄڻ تہ گھيٽڙن کي بگھڙن منجھہ ٿو موڪليان. 4 اوهين پاڻ سان ڪابہ ڳوٿري، ٿيلهو يا وڌيڪ جتي نہ کڻجو ۽ نہ واٽ تي ڪنهن کي سلام ڪرڻ ۾ ئي وقت وڃائجو. 5 جنهن بہ گھر ۾ وڃو تہ پهريائين انهيءَ گھر جي سلامتي گھرجو. 6 جيڪڏهن اتي ڪو سلامتيءَ جو طالب هوندو تہ اوهان جو اهو سلام مٿس رهندو، نہ تہ موٽي اوهان وٽ ايندو. 7 پوءِ انهيءَ ئي گھر ۾ ايستائين رهي پئجو جيستائين انهيءَ شهر مان روانا نہ ٿيو. رهڻ لاءِ گھر گھر نہ ڦرندا رهجو. هو جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڏين سو کائجو ۽ پيئجو، ڇو تہ مزدور پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي. 8 سو جنهن جنهن شهر ۾ وڃو اتي ائين ئي ڪجو، يعني جيڪڏهن اتان جا ماڻهو اوهان کي قبول ڪن تہ پوءِ جيڪي ڪجھہ اوهان کي آڻي ڏين سو کائجو. 9 انهيءَ شهر ۾ جيڪي بيمار هجن تن کي شفا ڏجو ۽ اتان جي ماڻهن کي چئجو تہ ’خدا جي بادشاهي اوهان جي ويجھو اچي پهتي آهي.‘ 10 پر جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ وڃو ۽ اتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ ان جي چونڪن تي بيهي هيئن چئجو تہ 11 ’اوهان جي شهر جي مٽي جيڪا اسان جي پيرن کي چنبڙي پئي آهي، سا اوهان وٽ ئي ڇنڊي وڃون ٿا، پر ياد رکو تہ خدا جي بادشاهي اوهان جي ويجھو اچي پهتي آهي.‘ 12 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ قيامت جي ڏينهن انهيءَ شهر جا ماڻهو سدوم شهر وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا.“ بياعتقاد ماڻهن تي مصيبت ( متي 11:20-24 ) 13 تڏهن عيسيٰ بياعتقاد شهرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي خرازين شهر جا رهاڪؤ! ۽ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي بيتصيدا شهر جا رهاڪؤ! ڇاڪاڻ تہ جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا جي شهرن ۾ ڪيا وڃن ها تہ ڪڏهن جو اتان جا ماڻهو کٿو ڍڪي ۽ مٿي ۾ خاڪ وجھي ويهي پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪن ها. 14 سو قيامت جي ڏينهن تي اوهين صور ۽ صيدا وارن کان بہ وڌيڪ ڀوڳيندا. 15 اي ڪفرناحوم شهر جا رهاڪؤ! ڇا اوهين ڀانئيو ٿا تہ اوهين آسمان کان مٿي تائين بلند ڪيا ويندا؟ نہ، هرگز نہ. اٽلندو اوهين هيٺ پاتال ۾ ڦٽا ڪيا ويندا.“ 16 پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو خدا کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“ ستر شاگردن جو موٽي اچڻ 17 پوءِ اهي ستر شاگرد ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوهان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آهن.“ 18 عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”بيشڪ، مون شيطان کي شڪست کائي ائين ڪرندي ڏٺو آهي جيئن آسمان مان کِنوڻ اچيو ڪري. 19 ڏسو، مون اوهان کي اختياري ڏيئي ڇڏي آهي تہ نانگن ۽ وِڇن کي لتاڙي ڇڏيو ۽ دشمن جي سموري زور تي غالب پئجي وڃو، ڪابہ شيءِ اوهان کي ايذاءُ نہ رسائيندي. 20 تنهن هوندي بہ انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوهان جي تابع ٿيا آهن، بلڪ هن ڪري خوش ٿيو جو اوهان جا نالا عرش عظيم تي اُڪريل آهن.“ خدا جا احسان مڃڻ ( متي 11:25-27 ، 13:16-17 ) 21 انهيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي بابا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“ 22 شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پٽ ڪير آهي ۽ پٽ کان سواءِ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ پيءُ ڪير آهي، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“ 23 پوءِ عيسيٰ شاگردن ڏانهن ڦري انهن کي اڪيلائيءَ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آهيو اوهين جو هي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا. 24 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ڪيترن ئي نبين ۽ بادشاهن جي اها خواهش هئي تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو سو هو بہ ڏسن، پر نہ ڏٺائون ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻڌو سو اهي بہ ٻڌن، پر نہ ٻڌائون.“ نيڪ سامريءَ جو مثال 25 تنهن کان پوءِ شريعت جو هڪڙو عالم اُٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪري سگھان؟“ 26 تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”شريعت ۾ ڇا لکيل آهي؟ تون اهو پڙهي ڇا ٿو سمجھين؟“ 27 هن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”اهو لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ طاقت ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“ 28 تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”برابر، تو صحيح جواب ڏنو آهي. هاڻي وڃي ائين ئي ڪر تہ دائمي زندگي ملندءِ.“ 29 پر هن پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کان پڇيو تہ ”منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟“ 30 عيسيٰ وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو شهر ڏانهن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاهي ورتس ۽ سخت مار ڏيئي اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس. 31 اتفاق سان هڪڙو ڪاهن انهيءَ رستي کان پئي لنگھيو، تنهن جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاسو ڪري هليو ويو. 32 ساڳيءَ طرح هڪڙو لاوي بہ انهيءَ رستي سان آيو، سو بہ هن کي ڏسي پاسو ڪري هليو ويو. 33 پوءِ هڪڙو سامري سفر ڪندي اچي اتان لانگھائو ٿيو. ان جڏهن هن کي ڏٺو تڏهن کيس هن تي ڪهل آئي. 34 هن وٽس اچي سندس ڦٽن تي زيتون جو تيل ۽ دارون مکي پٽي ٻڌس ۽ پنهنجي گڏهہ تي چاڙهي مسافرخاني ۾ وٺي آيس ۽ سندس خدمت ڪيائين. 35 ٻئي ڏينهن تي چانديءَ جا ٻہ سڪا ڪڍي مسافرخاني واري کي ڏنائين ۽ چيائينس تہ ’هن جي خدمت ڪندو رهہ ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي سو آءٌ وري موٽي اچي ڏيندوسانءِ.‘“ 36 پوءِ عيسيٰ شريعت جي عالم کان پڇيو تہ ”هاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اهو شخص جيڪو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنهن جو هنن ٽنهي ڄڻن مان ڪير حقيقي پاڙيسري ٿيو؟“ 37 تنهن تي شريعت جي عالم وراڻيس تہ ”اهو جنهن کي مٿس ڪهل آئي.“ عيسيٰ چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“ عيسيٰ مسيح جو مارٿا ۽ مريم جي گھر ۾ اچڻ 38 عيسيٰ پنهنجي شاگردن سميت هلندي هلندي هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جتي مارٿا نالي هڪڙي عورت پنهنجي گھر ۾ سندس آڌرڀاءُ ڪيو. 39 ان عورت جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون. 40 مارٿا گھڻي ڪم ڪار ڪرڻ ڪري ٿڪجي پيئي، سو اچي عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي سائين! اوهان کي خيال نہ ٿو ٿئي تہ منهنجي ڀيڻ مون کي ڪم ڪار ۾ اڪيلو کڻي ڇڏي ڏنو آهي؟ هاڻي چئوس تہ هلي منهنجي مدد ڪري.“ 41 پر خداوند وراڻيس تہ ”مارٿا! اي مارٿا! تون گھڻين ڳالهين جي فڪر ۽ پريشانيءَ ۾ آهين، 42 جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society