لوقا 1 - Muslim Sindhi Bibleمنڍ 1 محترم ٿئوفلس! ڪيترائي ماڻهو انهن ڳالهين کي لکي چڪا آهن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آهن. 2 جهڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اهي ڳالهيون پهچايون، تهڙيءَ طرح هنن بہ هي ڳالهيون انهن کان ٻڌي لکيون، جيڪي شروع کان ئي هنن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد هئا ۽ انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي پڻ ڪيائون. 3 تنهنڪري مون بہ اهو مناسب سمجھيو تہ هي ڳالهيون اوهان لاءِ ترتيب سان لکان، ڇو تہ مون شروع کان وٺي انهن سڀني جو اڀياس چڱيءَ طرح ڪيو آهي. 4 آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو لکان تہ جن ڳالهين جي اوهان کي تعليم ڏني ويئي آهي، تن جي سچائيءَ جي اوهان کي پوري ڄاڻ پوي. حضرت يحيٰ جي ڄمڻ بابت اڳڪٿي 5 يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس جي ڏينهن ۾ ڪاهنن جي ابياہ ٽولي ۾ زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو. سندس زال بہ هارون جي اولاد مان هئي، جنهن جو نالو اليشبع هو. 6 هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا. 7 انهن کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ اليشبع سنڍ هئي ۽ ٻئي زال مڙس پوڙها پڻ ٿي چڪا هئا. 8 هڪ دفعي جڏهن زڪرياہ پنهنجي ٽولي جي واري تي خدا جي حضور ۾ ڪاهن جا فرض ادا ڪري رهيو هو، 9 تڏهن ڪاهنن جي رسم موجب مٿس پُکو پيو تہ هو هيڪل جي مقدس جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري. 10 سندس لوبان ٻارڻ وقت ماڻهن جي سڄي ميڙ ٻاهر بيٺي دعا پئي گھري. 11 تڏهن زڪرياہ کي خداوند جو هڪڙو ملائڪ لوبان ٻارڻ واري قربانگاهہ جي ساڄي پاسي بيٺل نظر آيو. 12 زڪرياہ هن کي ڏسي گھٻرائجي ويو ۽ کيس دهشت وٺي ويئي. 13 تنهن تي خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي زڪرياہ! ڊڄ نہ. تنهنجي دعا قبول ڪئي ويئي آهي. سو تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يحيٰ رکج. 14 تو کي خوشي ۽ سڪون ملندو ۽ ڪيترائي هن جي ڄمڻ تي خوش ٿيندا. 15 خداوند جي حضور ۾ هو عظيم هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀريل هوندو. 16 هو بني اسرائيل جي گھڻن ئي ماڻهن کي خداوند سندن خدا ڏانهن ڦيرائيندو. 17 هو خداوند جي اچڻ لاءِ الياس نبيءَ جهڙي روح ۽ طاقت سان خدمت ڪندو، تہ جيئن هر ماءُ پيءُ جي دل کي اولاد ڏانهن ڦيري، نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي خداوند لاءِ هڪڙي لائق قوم تيار ڪري.“ 18 تڏهن زڪرياہ ملائڪ کي چيو تہ ”مون کي انهيءَ جي خاطري ڪيئن ٿيندي، جڏهن تہ آءٌ پوڙهو آهيان ۽ منهنجي زال بہ وڏيءَ عمر واري آهي؟“ 19 تنهن تي ملائڪ وراڻيس تہ ”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ خدا جي حضور ۾ حاضر رهندو آهيان. خدا ئي مون کي موڪليو آهي تہ تو سان ڳالهايان ۽ تو کي اها خوشخبري ٻڌايان. 20 پر تو منهنجي ڳالهہ تي يقين نہ ڪيو آهي جيڪا مقرر وقت تي سچي ثابت ٿيندي. ڏس، جيئن تہ تو يقين نہ ڪيو آهي تنهنڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ جيستائين اها ڳالهہ پوري نہ ٿيندي تيستائين تون ڳالهائي نہ سگھندين.“ 21 هوڏانهن ٻاهر ماڻهو ڏاڍي انتظار ۾ هئا ۽ حيران هئا تہ زڪرياہ مقدس جاءِ ۾ ايتري دير ڇو لاتي آهي. 22 جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ انهن سان ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، جنهن مان ماڻهن کي خبر پئجي ويئي تہ هن مقدس جاءِ ۾ ڪا رويا ڏٺي آهي. هو ماڻهن کي هٿن جا اشارا ڏئي پيو پر هڪ لفظ بہ ڳالهائي نہ سگھيو. 23 پوءِ جڏهن هيڪل ۾ زڪرياہ جي خدمت جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن هليو ويو. 24 انهن ڏينهن کان پوءِ سندس زال اليشبع پيٽ سان ٿي ۽ هوءَ پنجن مهينن تائين پنهنجي گھر ۾ لڪندي رهي ۽ دل ۾ هيئن چوڻ لڳي تہ 25 ”خداوند مون تي ڪيڏو نہ ڪرم ڪيو آهي. هاڻي هن مون تي مهر جي نظر ڪري ماڻهن جي مهڻن کان منهنجي جند ڇڏائي آهي.“ عيسيٰ مسيح جي ڄمڻ بابت اڳڪٿي 26 اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇهين مهيني خدا جبرائيل ملائڪ کي گليل جي ڳوٺ ناصرت ۾ موڪليو. 27 هو مريم نالي هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ وٽ آيو، جيڪا دائود جي گھراڻي جي هڪ شخص يوسف سان مڱيل هئي. 28 جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”سلام آ تو تي، جو خدا تو ساڻ آهي ۽ هن تو تي وڏو ڪرم ڪيو آهي.“ 29 مريم ملائڪ جي ڳالهائڻ تي ڏاڍي گھٻرائجي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي سوچڻ لڳي تہ هن جي انهن لفظن جو مطلب ڇا آهي. 30 تڏهن ملائڪ چيس تہ ”مريم! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ خدا تو تي مهربان آهي. 31 ڏس، تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ. انهيءَ جو نالو عيسيٰ رکج. 32 هو وڏي عظمت وارو ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت عطا ڪندو. 33 هو يعقوب جي گھراڻي بني اسرائيل تي هميشہ بادشاهي ڪندو. هائو، سندس بادشاهي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي.“ 34 تنهن تي مريم ملائڪ کي چيو تہ ”آءٌ تہ ڪنواري آهيان، پوءِ هي ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“ 35 ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو. هائو، خدا تعاليٰ جي قدرت تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو. 36 ڏس، تنهنجي مائٽياڻي اليشبع پوڙهائپ ۾ پٽ ڄڻڻ واري آهي. جنهن لاءِ چيو ويندو هو تہ هوءَ سنڍ آهي، تنهن کي هاڻي ڇهون مهينو پيٽ آهي. 37 بيشڪ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڪانهي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاهر هجي.“ 38 تڏهن مريم چيس تہ ”آءٌ خداوند جي ٻانهي آهيان، سو شل ائين ئي ٿئي جيئن اوهان چيو آهي.“ پوءِ ملائڪ وٽانئس هليو ويو. مريم جي اليشبع سان ملاقات 39 تنهن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يهوديہ جي هڪڙي شهر ڏانهن ويئي. 40 اتي هوءَ زڪرياہ جي گھر ويئي ۽ اليشبع کي سلام ڪيائين. 41 جيئن ئي اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو. تڏهن اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي 42 وڏي واڪي مريم کي چوڻ لڳي تہ ”تون عورتن ۾ سڀاڳي آهين ۽ سڀاڳو آهي اهو ٻار جيڪو تون ڄڻيندينءَ. 43 مون تي اهڙو ڪرم ڪيئن ٿيو جو منهنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ هلي آئي آهي. 44 ڏس، جيئن ئي تنهنجي سلام جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو، تہ ٻار منهنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو. 45 تون ڪيڏي نہ سڀاڳي آهين، جو تو يقين ڪيو آهي تہ جيڪي ڳالهيون خداوند جي طرفان تو کي ٻڌايون ويون آهن سي سچيون ثابت ٿينديون.“ مريم جو خدا جي واکاڻ ڪرڻ 46 مريم چيو تہ ”منهنجي دل خداوند جي واکاڻ ڪري ٿي. 47 هائو، آءٌ پنهنجي خدا کان خوش آهيان، جيڪو هر ڳالهہ ۾ منهنجو بچائيندڙ آهي. 48 بيشڪ انهيءَ پنهنجي هن خسيس ٻانهيءَ تي پنهنجي مِهر جي نظر ڪئي آهي. سو اڄ کان وٺي ايندڙ سڀيئي پيڙهيون مون کي سڀاڳي سڏينديون، 49 ڇاڪاڻ تہ قادر مون لاءِ عظيم ڪم ڪيا آهن. هن جو نالو پاڪ آهي. 50 هو انهن تي پيڙهي بہ پيڙهي رحم ڪري ٿو، جيڪي کانئس ڊڄن ٿا. 51 هن پنهنجي ٻانهُن جو زور ڏيکاريو آهي، ۽ جيڪي پنهنجين دلين ۾ غرور ٿا ڪن، تن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو اٿس. 52 هن زورآورن کي تخت تان ڪيرايو آهي، ۽ نيچن کي اوچو ڪيو اٿس. 53 هن بکايلن کي سٺين شين سان ڍءُ ڪرايو آهي، ۽ شاهوڪارن کي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو اٿس. 54-55 هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌل عهد پورو ڪيو آهي. هائو، ابراهيم ۽ سندس اولاد جي سار لهندي هن پنهنجي ٻانهي يعني بني اسرائيل قوم جي مدد ڪئي آهي، تہ جيئن انهن تي هميشہ رحم ڪري.“ 56 مريم اٽڪل ٽي مهينا اليشبع سان گڏ رهي ۽ پوءِ پنهنجي گھر موٽي ويئي. حضرت يحيٰ جو ڄمڻ 57 هاڻي اليشبع جي ويم ڪرڻ جو وقت اچي پهتو ۽ کيس پٽ ڄائو. 58 هن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏهن اهو ٻڌو تہ خداوند اليشبع تي وڏي مهرباني ڪئي آهي تہ اهي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا. 59 جڏهن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينهن گذريا تہ اهي ٻار جي طهر جي رسم لاءِ وري آيا ۽ مرضي هئن تہ هن جو نالو سندس پيءُ جي نالي پويان زڪرياہ رکيو وڃي. 60 پر هن جي ماءُ چين تہ ”نہ، هن کي يحيٰ جي نالي سان سڏيو وڃي.“ 61 تنهن تي انهن چيس تہ ”اهڙي نالي سان تہ اوهان جو ڪوبہ مائٽ نہ آهي.“ 62 پوءِ هنن سندس پيءُ کان اشارن سان پڇيو تہ هو ٻارڙي جو ڪهڙو نالو رکڻ گھري ٿو. 63 تڏهن زڪرياہ انهن کان تختي گھرائي انهيءَ تي لکيو تہ ”هن جو نالو يحيٰ آهي.“ تنهن تي سڀيئي عجب ۾ پئجي ويا. 64 انهيءَ دم زڪرياہ جي زبان کُلي پيئي ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو. 65 تڏهن سندن آسپاس ۾ سڀني رهڻ وارن تي ڊپ ڇانئجي ويو. يهوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ اهي ڳالهيون پکڙجي ويون. 66 جن بہ اهي ڳالهيون ٻڌيون سي دل ۾ انهن تي غور ويچار ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ٻار ڪيڏو نہ عظيم ٿيندو!“ ڇاڪاڻ تہ صاف ظاهر هو تہ انهيءَ ٻار تي خداوند جو هٿ آهي. زڪرياہ جي اڳڪٿي 67 يحيٰ جو پيءُ زڪرياہ پاڪ روح سان ڀرجي ويو ۽ اڳڪٿي ڪندي چوڻ لڳو تہ 68 ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي واکاڻ جڳائي، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي قوم کي بچائڻ لاءِ مٿس مِهر جي نظر ڪئي آهي. 69 هائو، هن پنهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان اسان لاءِ هڪ سگھارو بچائيندڙ موڪليو آهي، 70 جنهن جو هن پنهنجي پاڪ نبين جي وسيلي واعدو ڪيو هو، جيڪي قديم زماني کان وٺي ايندا رهيا. 71 اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ خدا اسان کي دشمنن کان بچائي. هائو، انهن سڀني جي هٿان ڇڏائي، جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا. 72 هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل واعدي موجب، اسان تي رحم ڪندي پنهنجو پاڪ عهد پورو ڪيو آهي. 73 هائو، هن پنهنجو اهو عهد پورو ڪيو آهي، جيڪو اسان جي ڏاڏي ابراهيم سان قسم کڻي ڪيو هئائين، 74 تہ هو اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪرائيندو، تہ جيئن اسين بنا ڪنهن خوف جي سندس عبادت ڪريون، 75 ۽ هن جي اڳيان پنهنجي سڄي حياتيءَ جا ڏينهن پاڪ ۽ نيڪ ٿي گذاريون. 76 هاڻ اي منهنجا ٻچا يحيٰ! تون خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين، ۽ خداوند جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين، 77 ۽ سندس قوم کي ٻڌائيندو ويندين، تہ پنهنجن گناهن کان معافيءَ جي صورت ۾ ئي اهي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھن ٿا. 78 بيشڪ اسان جو خدا نهايت رحيم آهي. هو عرش عظيم واري صبح جي روشني اسان تي نازل ڪندو، 79 جيڪا سلامتيءَ واري رستي جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ اسان سڀني تي چمڪندي، جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ رهون ٿا.“ 80 اهو ٻار يحيٰ جسماني توڙي روحاني طور وڌندو ويو ۽ تيستائين بيابان ۾ رهيو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاهر نہ ڪيائين. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society