لاوي سرشتو 9 - Muslim Sindhi Bibleڪاهنن جو خدمت جو ڪم شروع ڪرڻ 1 مخصوصيت جي ستن ڏينهن بعد اٺين ڏينهن تي موسيٰ هارون، سندس پٽن ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي پاڻ وٽ سڏايو. 2 هن هارون کي چيو تہ ”تون پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو بيعيب گابو ۽ پنهنجي ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو بيعيب گھٽو وٺ ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪر. 3 بني اسرائيل کي بہ چئُہ تہ هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو گابو ۽ هڪڙو گھيٽو آڻين. اهي ٻئي بيعيب ۽ هڪسالا هجن. 4 هو سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو گھٽو خداوند جي حضور ۾ قربان ڪرڻ لاءِ آڻين. انهيءَ سان گڏ هو اناج جي قربانيءَ وارو تيل ۾ ڳوهيل ميدو بہ آڻين، ڇاڪاڻ تہ اڄ خداوند اوهان جي اڳيان ظاهر ٿيندو.“ 5 سو اهي موسيٰ جي حڪم موجب، سڀ ڪجھہ ساڻ ڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان آيا ۽ سڄي قوم ويجھو اچي خداوند جي حضور ۾ بيٺي. 6 تڏهن موسيٰ چين تہ ”هي آهي اهو ڪم جنهن جي ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوو اوهان تي ظاهر ٿئي.“ 7 پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون قربانگاهہ جي ويجھو وڃ ۽ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ڪر ۽ پنهنجي لاءِ ڪفارو ادا ڪر. پوءِ تون امت واسطي بہ قربانيون پيش ڪر ۽ انهيءَ لاءِ ڪفارو ادا ڪر، جيئن خداوند حڪم ڏنو آهي.“ 8 سو هارون قربانگاهہ وٽ ويو ۽ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو گابو ذبح ڪيائين. 9 هارون جي پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو ۽ هن پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳايو ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيائين. 10 انهيءَ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ مان هن چرٻي، بڪيون ۽ جيري جو پردو ڪڍي قربانگاهہ تي رکي ساڙيا، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. 11 باقي گوشت ۽ کل هن خيميگاهہ کان ٻاهر ساڙي ڇڏيا. 12 پوءِ هارون ساڙڻ واري قربانيءَ جو گھٽو ذبح ڪيو ۽ سندس پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو. هن اهو قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏيو. 13 پوءِ هنن ساڙڻ واري قربانيءَ جي گھٽي جا ٽڪر ان جي منڍيءَ سميت هارون کي ڏنا، جيڪي هن قربانگاهہ تي رکي ساڙيا. 14 هن آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا ۽ انهن کي بہ قربانگاهہ تي پوري قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيائين. 15 پوءِ هارون قوم جون قربانيون پيش ڪيون. انهيءَ لاءِ هن اهو ٻڪر جيڪو قوم جي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني لاءِ آندو ويو هو سو آڻي ذبح ڪيو. هن اهو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وانگر پيش ڪيو. 16 انهيءَ کان پوءِ هن ساڙڻ واري قربانيءَ جو گابو ۽ گھيٽو اڳيان آندو ۽ قاعدي موجب انهن کي قربان ڪيائين. 17 هن اناج جي قرباني بہ پيش ڪئي. انهيءَ مان هڪڙي مٺ ڀري، اها قربانگاهہ تي ساڙيائين. اها قرباني صبح جو پيش ڪيل روزانہ ساڙڻ واري قربانيءَ کان علاوہ ڪئي ويئي. 18 هن قوم جي لاءِ سلامتيءَ جي قربانيءَ طور ڏاند ۽ گھٽو بہ ذبح ڪيو. سندس پٽن انهيءَ جو رت وٽس آڻي پيش ڪيو، جيڪو هن قربانگاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاريو. 19 ان بعد ڏاند جي چرٻي، گھٽي جي چرٻي ۽ دنب، ٻنهي جون بڪيون ۽ جيرن جا پردا ڪڍي، 20 هنن اهي سڀ سينن تي رکي ڇڏيا. پوءِ هارون اتان چرٻي کڻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي. 21 هارون ٻئي سينا ۽ ساڄي ران کڻي، هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيا، جيئن موسيٰ فرمايو هو. 22 اهڙيءَ طرح پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني، ساڙڻ واري قرباني ۽ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪرڻ بعد هارون پنهنجا هٿ ماڻهن ڏانهن کڻي کين دعا ڪئي ۽ قربانگاهہ تان هيٺ لهي آيو. 23 پوءِ موسيٰ ۽ هارون خدا سان ملاقات واري خيمي اندر ويا ۽ جڏهن ٻاهر نڪري آيا تہ ماڻهن کي دعا ڪيائون. تڏهن خداوند جو جلوو سڀني ماڻهن کي ڏسڻ ۾ آيو. 24 ڏسندي ئي ڏسندي خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا ساڙڻ واري قرباني ۽ چرٻي رکي هئي تنهن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيائين. جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو تڏهن حيرت وچان رڙيون ڪندي سجدي ۾ ڪري پيا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society