Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 8 - Muslim Sindhi Bible


هارون ۽ سندس پٽن جي ڪاهن طور مخصوصيت
( خروج 29‏:1‏-37 )

1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

2 ”تون هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ سان وٺي، سندن ڪهانت واري خاص پوشاڪ، مسح ڪرڻ جو تيل، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ وهڙو، ٻہ گھٽا ۽ بي‌خميري مانين جي ٽوڪري کڻي،

3 سڄيءَ قوم کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو آڻي گڏ ڪر.“

4 سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند حڪم ڏنو هئس. جڏهن سڄي قوم خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو اچي گڏ ٿي،

5 تڏهن موسيٰ انهن کي چيو تہ ”هينئر آءٌ اهو ڪم ڪريان ٿو، جنهن بابت خداوند حڪم ڏنو آهي.“

6 پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي اڳتي اڱڻ ۾ آندو ۽ کين وهنجاريائين.

7 پوءِ هن هارون کي پهراڻ پارائي پٽو ٻڌو ۽ جبو ڍڪايائينس. انهيءَ جي مٿان مذهبي فراڪ وڌائينس ۽ ڪاريگريءَ سان اُڻيل مذهبي فراڪ وارو ڪمربند بہ چيلهہ سان ٻڌي قابو ڪيائينس.

8 کيس سينابند پارائي، انهيءَ ۾ اُوريم ۽ ٿُميم بہ وڌائين.

9 سندس مٿي تي پڳ رکيائين ۽ پڳ جي مٿان اڳئين پاسي ڪهانت جي مخصوصيت واري سوني تختي رکيائين. سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.

10 پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي مقدس خيمي ۽ انهيءَ جي اندر جيڪي ڪجھہ هو تنهن کي مسح ڪري مخصوص ڪيو.

11 انهيءَ تيل مان ڪجھہ کڻي هن ست دفعا اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن قربان‌گاهہ ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙيءَ کي مسح ڪيو، تہ جيئن مخصوص ٿين.

12 هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجھہ هارون جي مٿي تي پئٽيو ۽ کيس مسح ڪيائين تہ جيئن هو مخصوص ٿئي.

13 پوءِ موسيٰ هارون جي پٽن کي اڳتي آندو ۽ هنن کي پهراڻ پارائي پٽا ٻڌائين ۽ کين ٽوپيون پارايائين. موسيٰ هي سڀ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.

14 ان کان پوءِ هن پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو وهڙو آندو. هارون ۽ سندس پٽن پنهنجا هٿ انهيءَ جي مٿي تي رکيا.

15 تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربان‌گاهہ جي چئني سڱن تي لڳائي قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪيائين. باقي رت هن قربان‌گاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ جو ڪفارو ڏنو تہ جيئن اها مخصوص ٿئي.

16 موسيٰ آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان واري سموري چرٻي، جيري جو پردو، ٻئي بڪيون ۽ انهن جي چرٻي ڪڍي انهن کي قربان‌گاهہ تي ساڙيو.

17 پر هن باقي وهڙي کي سندس کل، گوشت ۽ اوجھہ سميت خيمي‌گاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي ساڙي ڇڏيو، جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.

18 پوءِ موسيٰ ساڙڻ واري قربانيءَ جو گھٽو اڳتي آندو ۽ هارون ۽ سندس پٽن انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.

19 تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاريائين.

20-21 پوءِ هن گھٽي کي وڍي چند ٽڪر ڪري، انهيءَ جي آنڊن، اوجھري ۽ پاون کي پاڻيءَ سان ڌوتو. پوءِ منڍيءَ ۽ چرٻيءَ سميت سموري گھٽي کي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙيائين. اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي ساڙڻ واري قرباني هئي جيڪا ساڙبي آهي. موسيٰ هي سڀ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس حڪم ڏنو هو.

22 ان کان پوءِ موسيٰ ٻيو گھٽو، جيڪو ڪاهنن جي مخصوصيت جو گھٽو هو، سو اڳتي آندو. هارون ۽ سندس پٽن انهيءَ گھٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.

23 تڏهن موسيٰ انهيءَ کي ذبح ڪيو ۽ انهيءَ جو ڪجھہ رت کڻي، هارون جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو.

24 پوءِ هن هارون جي پٽن کي اڳتي آندو ۽ ڪجھہ رت کڻي انهن جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو. باقي رت موسيٰ قربان‌گاهہ تي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏيو.

25 ان بعد هن ساڄي ران ۽ چرٻي يعني دنب، آنڊن اوجھريءَ جي مٿان واري سموري چرٻي، جيري جو پردو، ٻئي بڪيون ۽ انهن جي چرٻي کنئي.

26 هن بي‌خميري مانين واري ٽوڪريءَ مان، جيڪي خداوند جي لاءِ وقف ٿيل هيون، هڪڙي ماني، هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍي ۽ اهي چرٻيءَ ۽ ساڄي ران جي مٿان رکيائين.

27 تڏهن هن اهي سڀ شيون هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکيون ۽ کانئن هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرايون.

28 پوءِ موسيٰ اهي سڀ شيون هنن جي هٿن مان وٺي قربان‌گاهہ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيون. اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ واري مخصوصيت جي قرباني هئي، جا ساڙبي آهي.

29 پوءِ موسيٰ گھٽي جو سينو کڻي هٿن تي بلند ڪرڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو. مخصوصيت واري گھٽي مان اهو ئي موسيٰ جو حصو هو. سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تيئن ڪيائين.

30 ان بعد موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان ۽ قربان‌گاهہ تي پيل رت مان ڪجھہ کڻي هارون ۽ سندس پٽن تي ۽ انهن جي خاص پوشاڪن تي ڇٽڪاريو. اهڙيءَ طرح هن هارون ۽ سندس پٽن ۽ انهن جي خاص پوشاڪن کي مخصوص ڪيو.

31 تڏهن موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي چيو تہ ”تون ۽ تنهنجا پٽ هي گوشت خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ رڌيو. پوءِ اهو مخصوصيت واري قربانيءَ جي ٽوڪريءَ ۾ پيل مانين سان گڏ اتي ئي ويهي کائو، جيئن مون خداوند جو حڪم ٻڌايو آهي تہ ’هارون ۽ سندس پٽ اهو کائين.‘

32 انهيءَ گوشت ۽ مانين مان جيڪي بچي سو اوهين ساڙي ڇڏيو.

33-34 جيئن اڄ ڪيو ويو آهي تيئن ئي خداوند حڪم ڏنو هو تہ اوهان جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ ڪيو وڃي. جيستائين اوهان جي مخصوصيت جا ست ڏينهن پورا نہ ٿين تيستائين اوهين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ کان ٻاهر نہ وڃجو. ستن ڏينهن ۾ هو اوهان کي مخصوص ڪري ڇڏيندو.

35 اوهين ستن ڏينهن ۽ ستن راتين تائين خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ويٺي خداوند جي حڪم جي تعميل ڪندا رهجو، نہ تہ اوهين مري ويندا. خداوند مون کي اهڙو ئي حڪم ڏنو آهي.“

36 سو هارون ۽ سندس پٽن سڀيئي ڪم خداوند جي حڪمن موجب ڪيا جيڪي هن موسيٰ جي معرفت ڏنا هئا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan