لاوي سرشتو 7 - Muslim Sindhi Bibleقصور جي تلافيءَ واسطي قرباني 1 ”قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني، جيڪا مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي تنهن جو قاعدو هن ريت آهي. 2 قربانگاهہ جي اتر پاسي جنهن جاءِ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ئي جاءِ تي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ جو جانور ذبح ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جو رت قربانگاهہ تي چئني طرفن کان ڇٽڪاريو وڃي. 3 ڪاهن انهيءَ جي سموري چرٻي پيش ڪري، يعني دنب ۽ اها چرٻي جنهن سان آنڊا ۽ اوجھري ڍڪيل هوندا آهن، 4 ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت ڪڍي وٺي. 5 ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي. اهڙيءَ طرح قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني پيش ڪئي وڃي. 6 ڪاهنن جي گھراڻن جا رڳو مرد انهيءَ مان کائين. پر اها مخصوص جاءِ تي ئي کائجي، ڇو تہ اها خاص قرباني مون لاءِ ئي مخصوص آهي. 7 پاڪ ٿيڻ واسطي ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانين جو قاعدو هڪڙو ئي آهي، جو هي آهي تہ جيڪو ڪاهن انهيءَ قربانيءَ سان ڪفارو ادا ڪري ٿو تنهن کي ئي انهيءَ جو گوشت ملي. 8 جيڪو ڪاهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري ٿو، قرباني ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ جي کل ڪاهن جي ٿيندي. 9 سڀڪا اناج جي قرباني، جا تنور ۾ پڪل هوندي، يا تئي تي پڪل هوندي يا وري تئيءَ ۾ تريل هوندي، سا انهيءَ ڪاهن جي ٿيندي جيڪو اها قرباني پيش ڪندو. 10 ٻي سڀڪا اناج جي قرباني جيڪا پڪل ناهي پوءِ اها تيل سان گڏيل هجي توڙي خشڪ، سا هارون جي سڄي اولاد جي ٿيندي ۽ سڀني کي هڪ جيترو حصو ملندو.“ سلامتيءَ جي قرباني 11 ”جڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري تہ انهيءَ جو قاعدو هن ريت آهي. 12 جيڪڏهن هو اها قرباني شڪرگذاريءَ جي لاءِ پيش ڪري تہ جانور ذبح ڪرڻ سان گڏ ميدي جون تيل ۾ ڳوهيل بيخميري مانيون، تيل مکيل بيخميري ٽڪيون ۽ تيل ۾ ڳوهي پچايل ڍوڍا پيش ڪري. 13 انهيءَ سلامتيءَ جي قربانيءَ سان گڏ هو خميري مانيءَ جا ڍوڍا بہ پيش ڪري. 14 اهو ماڻهو هر ڪنهن منجھان هڪڙي هڪڙي ماني کڻي هڪ خاص قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري، اها انهيءَ ڪاهن جي ٿيندي جيڪو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت قربانگاهہ تي ڇٽڪاريندو. 15 شڪرگذاريءَ جي لاءِ ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت انهيءَ ڏينهن ئي کاڌو وڃي، جنهن ڏينهن اها قرباني پيش ڪئي وڃي. انهيءَ مان ڪجھہ بہ صبح تائين نہ بچايو وڃي. 16 جيڪڏهن ڪو ماڻهو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو جانور ڪنهن باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانيءَ طور ذبح ڪري، تہ انهيءَ جو گوشت بہ قرباني ڪرڻ واري ڏينهن کاڌو وڃي، پر جي انهيءَ مان ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ٻئي ڏينهن کائي ڇڏجي. 17 ليڪن قربانيءَ جي گوشت مان جيڪي ٽئين ڏينهن تائين بچي، سو ساڙيو وڃي. 18 جيڪڏهن انهيءَ گوشت مان ٽئين ڏينهن تائين ڪجھہ کائبو تہ اها قرباني قبول نہ پوندي، نڪي انهيءَ جو اجورو قرباني ڏيڻ واري کي ملندو، ڇو تہ اهو گوشت حرام آهي ۽ جيڪو انهيءَ مان کائيندو تنهن جو گناهہ انهيءَ جي مٿان پوندو. 19 جيڪو گوشت ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي لڳي سو هرگز نہ کائجي، بلڪ اهو ساڙي ڇڏجي. باقي جيڪو ٻيو گوشت آهي سو هر ڪو ماڻهو پاڪائيءَ سان ڀلي کائي. 20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو. 21 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪ شيءِ انسان جي هجي يا جانور جي يا ٻي ڪا ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، تہ انهيءَ حالت ۾ جي هو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“ چرٻي ۽ رت کائڻ جي منع 22 خداوند موسيٰ کي 23 بني اسرائيل لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهين وهڙي، رڍن يا ٻڪرين جي چرٻي نہ کائجو. 24 جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي يا جنهن کي جھنگلي جانورن ڦاڙيو هجي تہ انهيءَ جي چرٻي ڪنهن ٻئي ڪم ۾ ڀلي آڻجو پر کائجو اصل نہ. 25 جيڪو بہ ماڻهو ڪنهن اهڙي جانور جي چرٻي کائيندو، جو مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ طور پيش ڪيو ويو هجي، تنهن کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو. 26 ان کان سواءِ اوهين جتي بہ رهو تتي ڪنهن بہ قسم جو رت نہ کائجو پيئجو، پوءِ اهو پکيءَ جو هجي توڙي جانور جو. 27 سو جيڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جو رت کائيندو پيئندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.“ ڪاهنن جو حصو 28 خداوند موسيٰ کي 29 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جيڪو ماڻهو پنهنجي سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري، تہ اهو پنهنجي قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ خاص حصو آڻي. 30 اهو هو پاڻ پنهنجي هٿن سان مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ طور آڻي. هو چرٻي سيني سميت کڻي اچي تہ سينو هٿن تي بلند ڪري نذراني طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري. 31 ڪاهن اها چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي. پر سينو هارون ۽ سندس پٽن جو ٿيندو. 32 ساڄي ران، خاص نذراني طور انهيءَ ڪاهن کي ڏني وڃي، 33 جيڪو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ۽ چرٻي پيش ڪري. 34 انهيءَ سبب جو مون بني اسرائيل جي سلامتيءَ جي قربانين مان سينو هٿن تي بلند ڪري قربانيءَ طور ۽ ران خاص نذراني طور هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن. اهو هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل تي هنن جو حق رهندو.“ 35 اهو آهي خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان هارون ۽ سندس پٽن جو حصو، جيڪو انهيءَ ڏينهن مقرر ڪيو ويو هو جنهن ڏينهن کين ڪهانت جي عهدي تي خداوند جي خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو ويو هو. 36 انهيءَ ڏينهن خداوند کين مسح ڪرائي مخصوص ڪيو ۽ هنن بابت اهو حڪم ڏنائين تہ ”بني اسرائيل کان اهو حصو کين ملندو رهي. اهو هميشہ جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين تائين هنن جو حق رهندو.“ 37 سو ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قرباني، پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني، قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني، مخصوصيت جي قرباني ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ جا قاعدا اهي آهن. 38 انهن بابت خداوند موسيٰ کي سينا جبل تي انهيءَ ڏينهن حڪم ڏنو هو جنهن ڏينهن موسيٰ سينا جي بيابان ۾ بني اسرائيل کي چيو هو تہ هو خداوند جي لاءِ پنهنجيون قربانيون پيش ڪن. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society