لاوي سرشتو 4 - Muslim Sindhi Bibleبناارادي گناهن لاءِ قربانيون ( ڳاڻاٽو 15:22-29 ) 1 خداوند موسيٰ کي 2 بني اسرائيل لاءِ هي بہ فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪري وجھي، جن ڪمن ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تنهن لاءِ هي حڪم آهن. 3 جيڪڏهن سردار ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري وجھي، جنهن جي ڪري سڄي قوم ڏوهاري ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ هڪڙو بيعيب وهڙو مون خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري. 4 هو انهيءَ وهڙي کي مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي آڏو آڻي، پوءِ پنهنجو هٿ انهيءَ جي مٿي تي رکي ۽ انهيءَ کي اتي ذبح ڪري. 5 پوءِ اهو سردار ڪاهن انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي مقدس جاءِ ۾ اچي. 6 هو پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي ۽ مون خداوند جي حضور ۾ مقدس ترين جاءِ واري پردي جي اڳيان ست دفعا اهو رت ڇٽڪاري. 7 پوءِ اتي هو انهيءَ رت مان ڪجھہ کڻي خوشبودار لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ، جيڪا مون خداوند جي آڏو آهي، تنهن جي سڱن تي لڳائي. وهڙي جو باقي سمورو رت هو خيمي جي سامهون اڱڻ ۾ جيڪا ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي. 8 هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي جي هيءَ سموري چرٻي ڪڍي وٺي: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اُهي ڍڪيل آهن، 9 ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي، جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت. 10 سردار ڪاهن اها اهڙيءَ طرح ڪڍي جهڙيءَ طرح سلامتيءَ جي قربانيءَ واري ڳائي ڍور جي ڪڍبي آهي. پوءِ هو انهن کي ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ تي رکي ساڙي. 11 پر وهڙي جي کل، انهيءَ جو سمورو گوشت، منڍي، پاوا، آنڊا ۽ اوجھري اوجھہ سميت، 12 مطلب تہ وهڙي جو باقي سڀ ڪجھہ خيميگاهہ کان ٻاهر انهيءَ پاڪ جاءِ تي آندو وڃي، جتي رک اڇلائبي آهي. اتي انهيءَ کي ٻرندڙ ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏجي. 13 جيڪڏهن بني اسرائيل قوم بناارادي ڪو گناهہ ڪري وجھي، جيتوڻيڪ اها ڳالهہ سندن نظر کان لڪل هجي تہ هنن هڪڙو اهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تڏهن بہ اهي ڏوهاري قرار ڏنا ويندا. 14 پوءِ جڏهن کين پنهنجي ڪيل گناهہ بابت معلوم ٿي وڃي، تڏهن سڄي قوم پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو آڻي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ پيش ڪري. 15 قوم جا اڳواڻ مون خداوند جي آڏو انهيءَ وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن ۽ پوءِ اهو اتي ئي ذبح ڪيو وڃي. 16 تنهن کان پوءِ سردار ڪاهن انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي مقدس جاءِ ۾ اچي. 17 هو پنهنجي آڱر انهيءَ رت ۾ ٻوڙي ۽ مون خداوند جي آڏو مقدس ترين جاءِ واري پردي جي سامهون ست دفعا اهو رت ڇٽڪاري. 18 پوءِ هو انهيءَ رت مان ڪجھہ کڻي اتي رکيل لوبان ساڙڻ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي. باقي رت ٻاهر خيمي جي اڱڻ ۾ جيڪا ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي. 19 پوءِ هو انهيءَ وهڙي جي سموري چرٻي ڪڍي، انهيءَ کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي. 20 هو هن وهڙي سان بہ ائين ئي ڪري جيئن پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪبو آهي. اهڙيءَ طرح هو ماڻهن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ انهن کي معافي ملندي. 21 پوءِ انهيءَ ذبح ڪيل وهڙي کي خيميگاهہ کان ٻاهر آندو وڃي ۽ اتي هو ان کي اهڙيءَ طرح ئي ساڙي جهڙيءَ طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو ويندو آهي. اهڙي ئي طريقي سان قوم جي پاڪ ٿيڻ واسطي اها قرباني پيش ڪئي وڃي. 22 جيڪڏهن ڪو اڳواڻ بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري قرار ڌنو ويو هجي جنهن جي مون خداوند سندس خدا منع ڪئي آهي، 23 پوءِ جڏهن کيس پنهنجو ڪيل گناهہ معلوم ٿي وڃي، تڏهن هو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو بيعيب ٻڪر آڻي. 24 هو انهيءَ ٻڪر جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ قربانگاهہ جي اتر پاسي جتي ساڙڻ واري قربانيءَ جا جانور مون خداوند جي آڏو ذبح ڪبا آهن، اتي انهيءَ کي ذبح ڪري. 25 ڪاهن انهيءَ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي. 26 هو انهيءَ جي سموري چرٻي سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربانگاهہ تي رکي ساڙي. اهڙيءَ طرح ڪاهن انهيءَ اڳواڻ جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي. 27 جيڪڏهن قوم مان ڪو ٻيو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري بڻجي وڃي جنهن جي مون خداوند منع ڪئي آهي، 28 پوءِ جڏهن کيس پنهنجو ڪيل گناهہ معلوم ٿي وڃي، تڏهن هو پنهنجي قربانيءَ واسطي هڪڙي بيعيب ٻڪري آڻي پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ پيش ڪري. 29 هو انهيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ ٻڪريءَ کي قربانگاهہ جي اتر پاسي جتي ساڙڻ واري قربانيءَ جا جانور ذبح ڪبا آهن، اتي ذبح ڪري. 30 ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان کڻي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي. 31 پوءِ هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي تہ مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي. 32 جيڪڏهن هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ رڍ پيش ڪري تہ اها بہ بيعيب هجي. 33 هو انهيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ رڍ کي قربانگاهہ جي اتر پاسي جتي ساڙڻ واري قربانيءَ جا جانور ذبح ڪبا آهن، اتي ذبح ڪري. 34 ڪاهن انهيءَ جي رت مان ڪجھہ پنهنجي آڱر سان کڻي ساڙڻ واري قربانيءَ جي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي ۽ باقي رت انهيءَ قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي. 35 هو انهيءَ جي سموري چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گھيٽي جي چرٻيءَ وانگر ڪڍي وٺي. ڪاهن انهيءَ کي قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جيڪي مون خداوند جي لاءِ ساڙبيون آهن. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society