Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 3 - Muslim Sindhi Bible


سلامتيءَ واريون قربانيون

1 ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي آڏو پنهنجي ڍورن ڍڳن مان سلامتيءَ واري قرباني پيش ڪري، پوءِ اهو ڍور نر هجي توڙي مادي، پر بي‌عيب هجي.

2 هو قربانيءَ واري جانور جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. هارون جا پٽ، جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙو انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.

3 هو سلامتيءَ واري قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن،

4 ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي، جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت.

5 ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ جي ٻرندڙ ڪاٺين تي، ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.

6 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رڍن ٻڪرين مان سلامتيءَ واري قرباني پيش ڪري، پوءِ اهو نر هجي توڙي مادي، پر بي‌عيب هجي.

7 جيڪڏهن سندس قرباني گھيٽي جي هجي تہ هو اهو مون خداوند جي آڏو آڻي پيش ڪري.

8 هو قربانيءَ واري انهيءَ جانور جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.

9 هو سلامتيءَ واري قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: انهيءَ جي چرٻي، سڄي دنب پٺ جي هڏي تائين جدا ڪيل، آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن،

10 ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي، جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي، جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت.

11 ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا مون خداوند جي لاءِ ساڙبي آهي.

12 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قربانيءَ لاءِ ٻاڪرو ڍور آڻي تہ اهو مون خداوند جي آڏو آڻي پيش ڪري.

13 هو انهيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي ۽ پوءِ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ انهيءَ کي ذبح ڪري. ڪاهن انهيءَ جو رت قربان‌گاهہ جي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏي.

14 هو پنهنجي انهيءَ قربانيءَ مان مون خداوند جي لاءِ هي شيون ساڙي پيش ڪري: آنڊن ۽ اوجھريءَ جي مٿان چڙهيل چرٻي ۽ اها سموري چرٻي جنهن سان اهي ڍڪيل آهن،

15 ٻئي بڪيون ۽ انهن جي مٿان واري چرٻي، جيڪا ڪمر جي ٻنهي پاسن تي ٿئي ٿي ۽ جيري جي مٿان جيڪو پردو آهي سو بڪين سميت.

16 ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي. هي انهيءَ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ آهي جيڪا وڻندڙ خوشبوءِ لاءِ ڪبي آهي. سموري چرٻي مون خداوند جي آهي.

17 سو بني اسرائيل جو ڪوبہ ماڻهو رت ۽ چرٻي هرگز نہ کائي. اهو اوهان سڀني لاءِ، جتي بہ اوهين رهو ٿا اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan