Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 27 - Muslim Sindhi Bible


باس باسڻ بابت قاعدا

1 پوءِ خداوند موسيٰ کي

2 بني اسرائيل لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو خاص باس باسي ڪنهن انسان کي مون خداوند جي لاءِ وقف ٿو ڪري تہ انهيءَ انسان جي ڇڏائڻ لاءِ مقرر ڪيل قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

3 انهن ماڻهن جي قيمت، عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هن ريت ٿيندي. ويهن کان سٺ سالن جي عمر واري مرد جي قيمت پنجاهہ چانديءَ جا سڪا هجي.

4 ويهن کان سٺ سالن جي عمر واري عورت جي قيمت ٽيهہ چانديءَ جا سڪا هجي.

5 پنجن کان ويهن سالن جي عمر واري ڇوڪري جي قيمت ويهہ چانديءَ جا سڪا هجي. پنجن کان ويهن سالن جي عمر واري ڇوڪريءَ جي قيمت ڏهہ چانديءَ جا سڪا هجي.

6 هڪ مهيني کان پنجن سالن جي عمر واري ڇوڪري جي قيمت پنج چانديءَ جا سڪا هجي. هڪ مهيني کان پنجن سالن جي عمر واري ڇوڪريءَ جي قيمت ٽي چانديءَ جا سڪا هجي.

7 سٺ سالن کان مٿي عمر واري مرد جي قيمت پندرهن چانديءَ جا سڪا هجي ۽ سٺ سالن کان مٿي عمر واري عورت جي قيمت ڏهہ چانديءَ جا سڪا هجي.

8 پر جيڪڏهن باس باسڻ وارو ماڻهو ايترو غريب هجي جو اها مقرر ڪيل قيمت نہ ڏئي سگھي، تہ پوءِ هو انهيءَ باسيل شخص کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. ڪاهن انهيءَ باس باسيندڙ جي وسعت آهر سندس قيمت مقرر ڪري.

9 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن اهڙي جانور جي باس باسي ٿو، جنهن کي مون خداوند جي حضور ۾ قربان ڪري ٿو سگھجي، تہ اهو مون خداوند جي لاءِ نذر ڪيل جانور مخصوص ٿيندو.

10 پوءِ هو انهيءَ کي ڪنهن بہ طرح نہ بدلائي، نڪي خراب جي بدران چڱو، نہ چڱي جي بدران خراب ڏئي. پر جيڪڏهن هو هڪڙي جانور جي بدران ٻيو جانور ڏيڻ چاهي تہ پوءِ باسيل ۽ ان جي بدران ڏنل، اهي ٻئي جانور مخصوص ٿيندا.

11 پر جيڪڏهن هو ڪنهن اهڙي حرام جانور جي باس باسي ٿو، جنهن جي مون خداوند جي لاءِ قرباني نہ ٿي ڏيئي سگھجي، تہ پوءِ هو انهيءَ جانور کي آڻي ڪاهن وٽ پيش ڪري.

12 تڏهن ڪاهن انهيءَ جي چڱي ۽ خراب هجڻ موجب انهيءَ جي قيمت مقرر ڪري. هو جيڪا بہ قيمت مقرر ڪندو اها ئي آخري قيمت هوندي.

13 جيڪڏهن اهو ماڻهو عيوضو ڏيئي انهيءَ کي ڇڏائڻ گھري، تہ جيڪا قيمت ڪاهن مقرر ڪئي هجي، تنهن جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.

14 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر مون خداوند جي لاءِ وقف ڪري، تہ ڪاهن انهيءَ جي چڱي يا خراب هجڻ موجب انهيءَ جي قيمت مقرر ڪري. هو جيڪا بہ قيمت مقرر ڪندو اها ئي آخري قيمت هوندي.

15 جيڪڏهن گھر کي وقف ڪرڻ وارو ماڻهو عيوضو ڏيئي انهيءَ گھر کي ڇڏائڻ گھري، تہ جيڪا قيمت ڪاهن مقرر ڪئي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پئسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اهو گھر وري سندس ٿيندو.

16 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ميراث واري ٻنيءَ جو ڪو ڀاڱو، مون خداوند جي لاءِ وقف ڪري، تہ جيترو ٻج انهيءَ ۾ پوکي سگھجي، تنهن موجب انهيءَ جي قيمت مقرر ڪئي ويندي. جيتري زمين ۾ هڪ سؤ ڪلوگرام وزن جيترو جوَن جو ٻج پوکي سگھجي، اوتري زمين جي قيمت چانديءَ جا پنجاهہ سڪا ٿيندي.

17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻني بحاليءَ جي سال کان وٺي وقف ڪري تہ جيڪا قيمت انهيءَ جي مقرر ڪئي وڃي، سا ئي رهندي.

18 پر جيڪڏهن هو بحاليءَ جي سال کان پوءِ پنهنجي ٻني وقف ڪري تہ ڪاهن ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين باقي رهيل سالن موجب انهيءَ جو حساب ڪري ۽ پوءِ اهو مقرر ڪيل قيمت مان گھٽايو وڃي.

19 جيڪڏهن ٻني وقف ڪرڻ وارو ماڻهو عيوضو ڏيئي اها ڇڏائڻ گھري، تہ جيڪا قيمت ڪاهن مقرر ڪئي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پئسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اها ٻني وري سندس ٿيندي.

20 پر جيڪڏهن هو اها ٻني ڇڏائڻ کان اڳي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي وڪڻي ٿو ڇڏي، تہ پوءِ هو اها وري ڪڏهن بہ ڇڏائي نہ سگھندو.

21 بلڪ ايندڙ بحاليءَ جي سال ۾ اها ٻني پاڻيهي ڇٽي ويندي ۽ مون خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪيل شيءِ وانگر اها ٻني مون خداوند لاءِ مخصوص رهندي ۽ ڪاهن جي ملڪيت ٿيندي.

22 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي اهڙي خريد ڪيل ٻني، جيڪا اصل کان سندس ميراث نہ هجي، سا مون خداوند جي لاءِ وقف ڪرڻ گھري،

23 تہ ڪاهن کي گھرجي تہ ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين جيترا سال باقي هجن، تن جي تعداد موجب انهيءَ ٻنيءَ جي مقرر ڪيل قيمت جو حساب ڪري. پوءِ اهو ماڻهو اها رقم انهيءَ ئي ڏينهن تي مون خداوند جي لاءِ مخصوص ڪيل شيءِ طور ادا ڪري تہ بحاليءَ جي سال تائين ٻني سندس ئي رهندي.

24 بحاليءَ جي سال ۾ اها ٻني موٽي پنهنجي اصلي ميراث واري مالڪ کي ملندي.

25 اهي سموريون قيمتون عبادت‌گاهہ جي سڪي موجب مقرر ٿينديون. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.

26 جانورن مان پهريون ڄاول ڦر اڳي ئي مون خداوند لاءِ وقف ڪيو ويو آهي. تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو انهيءَ کي باس طور وقف نہ ڪري، پوءِ اهو ڳائو مال هجي توڙي ريڍو يا ٻاڪرو مال. اهو مون خداوند جو آهي.

27 پر جيڪڏهن اهو پهريتو ڦر حرام جانورن مان هجي تہ اهو ماڻهو ڪاهن جي مقرر ڪيل قيمت ۾ انهيءَ جي پنجين حصي جيتري وڌيڪ رقم ملائي ادا ڪري ۽ جانور موٽائي وٺي. جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجو جانور نہ ڇڏائي تہ پوءِ اهو مقرر ڪيل قيمت ۾ ڪنهن ٻئي کي وڪيو وڃي.

28 انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ملڪيت مان ڪابہ شيءِ مون خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪرڻ لاءِ وقف ڪري، پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي جانور يا سندس موروثي ٻني هجي، تہ اها هرگز نہ وڪي وڃي، نڪي وري عيوضو ڏيئي اها ڇڏائي وڃي. اهڙي هر وقف ڪيل شيءِ مون خداوند جي لاءِ ئي مخصوص آهي.

29 ماڻهن مان ڪوبہ اهڙيءَ طرح وقف ڪيل شخص ڇڏايو نہ وڃي، بلڪ انهيءَ کي ضرور ماريو وڃي.

30 زمين جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو مون خداوند جو آهي، پوءِ اها ٻنيءَ جو اناج هجي توڙي وڻن جو ميوو، اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي.

31 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڏهين حصي مان ڪجھہ موٽائي وٺڻ گھري، تہ هو انهيءَ جي مقرر ڪيل قيمت ۾ انهيءَ جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ ملائي ڏئي.

32 سڀني ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين منجھان هر ڏهن جانورن مان هڪڙو مون خداوند جو آهي. جڏهن جانورن جو شمار ڪيو وڃي تڏهن هر ڏهون جانور مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.

33 هو چڱن جانورن کي خراب جانورن مان چونڊي نہ ڪڍي، نڪي انهيءَ کي بدلائي. پر جيڪڏهن مالڪ انهيءَ کي بدلائيندو تہ اهو ۽ انهيءَ جي عيوض ۾ ڏنل جانور ٻيئي مون خداوند لاءِ مخصوص ٿيندا ۽ ڪنهن بہ طرح ڇڏائي نہ سگھبا.“

34 اِهي ئي آهن اهي حڪم، جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ سينا جبل تي موسيٰ کي ڏنا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan