Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 26 - Muslim Sindhi Bible


فرمانبرداريءَ جو ڦل
( شريعت جو دور 7‏:12‏-24 ، 28‏:1‏-14 )

1 خداوند فرمايو تہ ”اوهين پنهنجي ملڪ ۾ پوڄا لاءِ نہ بت ٺاهجو، نہ ڪو مجسمو، نڪي پٿر جا ٿنڀا ۽ نہ تراشيل پٿر کڙا ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

2 اوهين منهنجي سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهجو ۽ منهنجي مقدس خيمي جي تعظيم ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.

3 جيڪڏهن اوهين منهنجي قانونن تي هلندا ۽ منهنجا حڪم مڃي انهن تي عمل ڪندا،

4 تہ آءٌ اوهان جي لاءِ مندائتا مينهن وسائيندس، جنهن سان زمين پنهنجي پيداوار ڏيندي ۽ باغن جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا.

5 اوهان جا فصل ايترا تہ جھجھا ٿيندا جو اوهان جي اَن ڳاهڻ جو ڪم انگورن چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو ۽ انگورن چونڊڻ جو ڪم اناج پوکڻ تائين پيو هلندو. اوهين ڍءُ ڪري ماني کائيندا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ امان جي زندگي پيا گذاريندا.

6 آءٌ اوهان کي اوهان جي ملڪ ۾ سلامتي بخشيندس ۽ اوهين بنا ڪنهن ڊپ جي، سمهي ننڊون ڪندا. آءٌ خطرناڪ جھنگلي جانورن کي ملڪ مان ختم ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ڪابہ جنگ ڪانہ ٿيندي.

7 اوهين پنهنجن دشمنن جو پيڇو ڪندا ۽ اهي اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.

8 اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن جو پيڇو ڪندا ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن جو پيڇو ڪندا. اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.

9 آءٌ اوهان تي مِهر جي نظر ڪندس ۽ اوهان کي گھڻو اولاد ڏيئي وڌائيندس. آءٌ اوهان سان ٻڌل عهد پورو ڪندس.

10 اوهان جا فصل ايترا تہ جھجھا ٿيندا جو اوهين سڄو سال گڏ ڪري رکيل پراڻو اناج کائڻ کان پوءِ بہ باقي بچيل اناج، نئين اناج جي رکڻ جي جاءِ ڪرڻ لاءِ ڪڍي ٻاهر ڪندا.

11 آءٌ پنهنجي مقدس خيمي ۾ اوهان منجھہ ئي رهندس ۽ اوهان کان ڪڏهن بہ منهن نہ موڙيندس.

12 آءٌ اوهان جي وچ ۾ گھمندس ڦرندس. آءٌ ئي اوهان جو خدا هوندس ۽ اوهين منهنجي قوم هوندا.

13 آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اڳتي مصرين جا غلام نہ رهو. مون اوهان جي پاڃاريءَ جا ڏورڻا ڀڃي ڇڏيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڪنڌ مٿي ڪري هلو.“


نافرمانيءَ جي سزا
( شريعت جو دور 28‏:15‏-68 )

14 ”پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نہ ٻڌندا ۽ هنن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا

15 ۽ جيڪڏهن اوهين منهنجي قانونن کي ڇڏي ڏيندا، يا جيڪڏهن اوهان جي دل منهنجي فيصلن کان نفرت ڪندي، جنهن سبب اوهين منهنجي سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا ۽ اهڙيءَ طرح مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيندا،

16 تہ آءٌ اوهان سان هيئن ڪندس جو اوهان تي دهشت ۽ اهڙيون بيماريون ۽ تپ نازل ڪندس، جيڪي اوهان جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيندا ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندا. اوهان جو ٻج پوکڻ اجايو ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جو فصل اوهان جا دشمن کائيندا.

17 آءٌ اوهان جي خلاف ٿي ويندس، تڏهن اوهين پنهنجن دشمنن اڳيان شڪست کائيندا. جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا ۽ ڪو اوهان جو پيڇو نہ بہ ڪندو هوندو، تہ بہ اوهين ڀڄندا وتندا.

18 جيڪڏهن انهن ڳالهين جي باوجود بہ اوهين منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي اوهان کي ستوڻي وڌيڪ سزا ڏيندس.

19 آءٌ اوهان جو شهزوريءَ وارو هٺ ڀڃي ڇڏيندس ۽ اوهان جي لاءِ آسمان کي پتل جهڙو ۽ زمين کي لوهہ جهڙو ڪري ڇڏيندس.

20 اوهان جو سخت پورهيو بي‌فائدو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي زمين فصل پيدا ڪانہ ڪندي، نڪي وري باغن جا وڻ ئي ڪو ميوو ڏيندا.

21 جيڪڏهن اوهين اڃا بہ منهنجي خلاف هلندا ۽ منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا، تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي ڪري وڌيڪ ستوڻيون آفتون اوهان تي نازل ڪندس.

22 آءٌ اوهان منجھہ خطرناڪ جھنگلي جانور موڪليندس، جيڪي اوهان جي ٻارن کي ماري ڇڏيندا، اوهان جي چوپائي مال کي چٽ ڪري ڇڏيندا ۽ اوهان جو تعداد ايترو تہ گھٽائي ڇڏيندا جو اوهان جا رستا ويران ٿي ويندا.

23 جيڪڏهن اوهين انهن سزائن کان پوءِ بہ نہ سڌرندا بلڪ منهنجي خلاف ئي هلندا رهندا،

24 تہ پوءِ آءٌ خود اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي اڳي کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.

25 ٻڌل عهد کي ٽوڙڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ آءٌ اوهان جي مٿان جنگ موڪليندس. پر جيڪڏهن اوهين بچاءَ لاءِ پنهنجن شهرن ۾ وڃي گڏ ٿيندا، تہ آءٌ اوهان منجھہ وبا موڪليندس ۽ پوءِ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.

26 آءٌ اوهان جي روزيءَ جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ايتري قدر جو ڏهہ عورتون هڪڙي ئي تنور ۾ مانيون پچائي سگھنديون. اهي اوهان جي ماني اوهان کي توري‌تڪي ڏينديون. اوهين اهي سڀ کائي ويندا تہ بہ اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو.

27 جيڪڏهن انهيءَ جي باوجود بہ اوهين منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا، بلڪ منهنجي خلاف ئي هلندا رهندا،

28 تہ آءٌ بہ ڪاوڙجي اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس.

29 اوهان جي بک ايتري تہ وڌي ويندي جو اوهين پنهنجي پٽن توڙي ڌيئرن جو بہ ماس کائيندا.

30 آءٌ ٽڪر تي ٺهيل اوهان جي غير معبودن وارا پوڄا گھر ڊاهي ڇڏيندس ۽ اوهان جون لوبان واريون قربان‌گاهون ڀڃي ڪيرائي ڇڏيندس. اوهان جا لاش آءٌ اوهان جي بي‌جان معبودن مٿان اڇلائي ڍير ڪندس. مون کي اوهان کان سخت نفرت ٿي ويندي.

31 تنهنڪري آءٌ اوهان جي شهرن کي کنڊرات بڻائي ڇڏيندس ۽ اهڙن پوڄا گھرن کي اجاڙي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پيش ڪيل وڻندڙ خوشبوءِ وارين قربانين کي سنگھندس بہ ڪين.

32 آءٌ اوهان جي ملڪ کي اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو اوهان جا دشمن، جيڪي انهيءَ تي اچي قبضو ڪندا سي انهيءَ جي حالت ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا.

33 آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.

34 پوءِ جيستائين ملڪ ويران هوندو ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ جلاوطن ٿي رهندا، تيستائين اوهان جي زمين آرام وٺي سبت ملهائيندي.

35 سو جيستائين اها زمين ويران رهندي تيستائين اهڙو تہ آرام وٺندي جهڙو اوهان کيس پنهنجي سبت جي ڏينهن ۾ بہ ڪونہ ڏنو هوندو، جڏهن اوهين منجھس رهندا هئا.

36 اوهان منجھان جيڪي بچي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا هوندا، تن جي دلين ۾ آءٌ اهڙو تہ خوف پيدا ڪندس جو اهي پن لڏڻ جي کڙڪي تي بہ وٺي ڀاڄ کائيندا. هو ائين ڀڄندا جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو هوندو تہ بہ هو ڪرندا ويندا.

37 جيتوڻيڪ ڪوبہ سندن پٺيان نہ پيو هوندو، تڏهن بہ جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، تيئن اهي هڪٻئي جي مٿان ٿيڙ کائي ڪرندا. اوهان منجھان ڪنهن کي دشمن جي اڳيان بيهڻ جي بہ طاقت نہ ٿيندي.

38 اوهين غير قومن جي وچ ۾ تباهہ ٿي ويندا ۽ اوهان جي دشمنن جي ڌرتي اوهان کي کائي کپائي ڇڏيندي.

39 اوهان منجھان جيڪي باقي بچيل هوندا سي پنهنجن دشمنن جي ملڪن ۾ پنهنجن گناهن توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي ڪري مرندا ڳرندا ويندا.

40 پر جيڪڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا تہ جيڪا نافرماني ڪري هو منهنجي خلاف هليا آهن،

41 تنهن جي ئي ڪري آءٌ بہ سندن خلاف هليس ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم، تنهن لاءِ جڏهن هنن جون نافرمان دليون پشيمان ٿينديون ۽ هو پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا قبول ڪندا،

42 تڏهن آءٌ يعقوب، اسحاق ۽ ابراهيم سان ٻڌل پنهنجو عهد ياد ڪندس ۽ پنهنجي قوم کي ملڪ ڏيڻ جو نئين سر واعدو ڪندس.

43 پر پهريائين ڪيئن بہ ڪري انهن کان اها زمين ڇڏائي ويندي، انهيءَ لاءِ تہ اها ويران رهي پنهنجي سبت جو پورو آرام وٺي. کين منهنجي حڪمن کي رد ڪرڻ ۽ منهنجي قانونن کان نفرت ڪرڻ جهڙن پنهنجن گناهن جي سزا قبول ڪرڻي پوندي.

44 انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي انهن کان ايتري نفرت ڪندس جو کين بلڪل برباد ڪري ڇڏيان. آءٌ انهن سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان.

45 بلڪ آءٌ هنن جي خاطر سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌل عهد کي ياد ڪندس، جن کي آءٌ غير قومن جي اکين اڳيان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ئي سندن خدا هجان. آءٌ خداوند آهيان.“

46 هي ئي اهي حڪم ۽ قاعدا قانون آهن، جيڪي خداوند پنهنجي ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ سينا جبل تي موسيٰ جي وسيلي مقرر ڪيا.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan