لاوي سرشتو 25 - Muslim Sindhi Bibleستون سال ( شريعت جو دور 15:1-11 ) 1 خداوند سينا جبل تي موسيٰ کي 2 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو جيڪو آءٌ اوهان کي ڏيڻ وارو آهيان، تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين کي بہ مون خداوند جي لاءِ سبت جو آرام ملي. 3 تنهنڪري ڇهہ سال اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوک ڪجو ۽ انگورن جي ول ڇانگجو ۽ انهن جي پيداوار گڏ ڪجو. 4 پر ستون سال انهيءَ زمين جي لاءِ پوري آرام جو يعني سبت جو سال مون خداوند جي لاءِ وقف ٿيندو. انهيءَ سال اوهين نڪي پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوک ڪجو، نڪي پنهنجي انگورن جي ول کي ڇانگجو. 5 اوهان جي ٻنيءَ ۾ جيڪو فصل پاڻيهي پيدا ٿئي سو اوهين نہ لڻجو، نڪي اڻڇانگيل انگورن جي ول مان انگور ميڙي گڏ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ زمين جي لاءِ اهو سال پوري آرام جو سال آهي. 6 زمين جي انهيءَ سبت واري سال جي پيداوار اوهان سڀني جي لاءِ يعني اوهان لاءِ، اوهان جي ٻانهن، ٻانهين، اوهان جي پورهيتن ۽ انهن ڌارين جيڪي اوهان وٽ رهن ٿا تن سڀني جي کاڌي لاءِ هوندي. 7 انهيءَ سال جي سموري پيداوار اوهان جي پالتو جانورن ۽ اوهان جي ملڪ جي جھنگلي جانورن جي کاڌي خوراڪ لاءِ بہ هوندي.“ بحاليءَ جو سال 8 ”اوهين پنهنجي لاءِ سبت وارن ستن سالن کي ستوڻو ڪري شمار ڪجو، جيڪي اوڻونجاهہ سال ٿيندا. 9 انهن اوڻونجاهہ سالن کان پوءِ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ يعني ڪفاري جي ڏينهن اوهين پنهنجي سڄي ملڪ ۾ نفيل وڄرائجو. 10 اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ پنجاهين سال کي مخصوص ڪري ليکجو ۽ ملڪ جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جو اعلان ڪرائجو. اهو اوهان جي لاءِ بحاليءَ جو سال ٿيندو. انهيءَ سال هر ڪو پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو اچي مالڪ ٿيندو ۽ هر وڪاميل شخص موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو. 11 اوهين پنهنجي انهيءَ بحاليءَ واري سال ۾ نڪي ڪجھہ پوکجو، نڪي پاڻيهي پيدا ٿيل فصل لڻجو ۽ نہ ئي وري اڻڇانگيل انگورن جي ول مان انگور ميڙي گڏ ڪجو. 12 جيئن تہ اهو بحاليءَ جو سال آهي تنهنڪري انهيءَ کي مخصوص ڪري ڄاڻجو ۽ ٻنين ۾ پاڻمرادو پيدا ٿيل فصل اوهين سڀيئي کائجو. 13 انهيءَ بحاليءَ جي سال ۾ اوهان مان هر ڪو وري پنهنجي پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو مالڪ ٿئي. 14 جيڪڏهن اوهين پنهنجي قوم واري کي ڪا زمين وڪڻو يا کانئس خريد ڪريو، تہ هڪٻئي جي مجبوريءَ جو ناجائز فائدو نہ وٺجو. 15 بحاليءَ جي سال کان پوءِ جيترا پيداواري سال گذريا هجن، تن جي شمار موجب اوهين پنهنجي قوم واري کان خريداري ڪجو ۽ هو بہ ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين پيداواري سال شمار ڪري وڪرو ڪري. 16 جيڪڏهن وڌيڪ سال باقي هجن، تہ انهن موجب انهيءَ جي قيمت وڌائجو ۽ جيڪڏهن ٿورا سال باقي هجن، تہ انهن موجب اوهين انهيءَ جي قيمت گھٽائجو، ڇو تہ هو فصلن جي شمار موجب انهيءَ جي پيداوار اوهان کي وڪڻي ٿو ڏئي. 17 اوهين هڪٻئي سان دوکو نہ ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“ ستين سال جو مسئلو 18 ”اوهين منهنجي قانونن ۽ حڪمن کي مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪندا رهندا تہ انهيءَ ملڪ ۾ امن وَ امان جي زندگي گذاريندا. 19 زمين اوهان کي پنهنجي پيداوار پيئي ڏيندي ۽ اوهين ڍءُ ڪري پيا کائيندا ۽ امن وَ امان سان پيا زندگي گذاريندا. 20 ٿي سگھي ٿو تہ اوهين سوچو تہ ’جيڪڏهن اسين انهيءَ ستين سال نہ پوکينداسين ۽ نہ فصل ميڙينداسين، تہ پوءِ کائينداسين ڇا؟‘ 21 تڏهن ٻڌو، آءٌ ڇهين سال اوهان تي پنهنجي ايتري تہ برڪت نازل ڪندس جو زمين ايتري پيداوار ڏيندي جو اوهين ٽن سالن تائين کائيندا رهندا. 22 پوءِ اوهين اٺين سال پوک ڪجو ۽ جيستائين زمين جي نئين پيداوار نہ ٿئي تيستائين اوهين اڳئين رکيل پيداوار پيا کائجو.“ ملڪيت موٽائي ڏيڻ 23 ”زمين هميشہ جي لاءِ نہ وڪي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اها منهنجي آهي ۽ اوهين مون وٽ رڳو مسافر ۽ مهمان آهيو. 24 سو اوهين پنهنجي هٿ ڪيل سڄي ملڪ ۾ وڪاميل زمين کي ڇڏائڻ وارو حق قبول ڪجو. 25 جيڪڏهن اوهان جي قوم جو ڪو ماڻهو غريب ٿي ويو هجي ۽ پنهنجي ملڪيت مان ڪجھہ زمين وڪڻي ڇڏي، تہ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز سندس اها ملڪيت ڇڏائي. 26 پر جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ جو ڪوبہ اهڙو مائٽ نہ هجي جو اها ڇڏائي، تہ پوءِ جيڪڏهن هو پاڻ ايترو دولتمند ٿي وڃي جو اها ڇڏائي سگھي، 27 تہ هو انهيءَ جي وڪري جا سال شمار ڪري ۽ ايندڙ بحاليءَ جي سال مان باقي رهيل سالن جي لاءِ واجب رقم انهيءَ ماڻهوءَ کي موٽائي ڏئي جنهن کي زمين وڪي هئائين. پوءِ هو وري پنهنجي ملڪيت جو وڃي مالڪ ٿئي. 28 پر جيڪڏهن هن وٽ پنهنجي ملڪيت موٽائي وٺڻ جيتري رقم نہ هجي، تہ پوءِ وڪاميل ملڪيت ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين خريدار جي قبضي ۾ رهندي. بحاليءَ جي سال ۾ اها ڇڏائجي ويندي، پوءِ اصلي مالڪ پنهنجي ملڪيت جو وري وڃي مالڪ ٿيندو. 29 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪوٽ ڏنل شهر ۾ پنهنجو گھر وڪڻي، تہ انهيءَ کي وڪري واري تاريخ کان پوري هڪ سال اندر، وري ڇڏائي وٺڻ جو حق رهندو. 30 پر جيڪڏهن هڪڙي سال جي پوري ٿيڻ تائين هو اهو نہ ٿو ڇڏائي، تہ پوءِ اهو گھر هميشہ جي لاءِ خريدار جي پيڙهين تائين سندن قبضي ۾ رهندو. اهو بحاليءَ جي سال ۾ بہ ڇڏائجي ڪين سگھندو. 31 پر جن ڳوٺن جي چوڌاري ڪوٽ ڏنل نہ هجي، تن ۾ جيڪي گھر هجن سي ٻهراڙيءَ جي ٻنين وانگر ليکيا ويندا. اهي ڇڏائي سگھبا ۽ بحاليءَ جي سال ۾ پاڻيهي ڇڏائجي ويندا. 32 انهيءَ هوندي بہ لاوين کي اهو حق رهندو تہ هو پنهنجن مليل شهرن اندر پنهنجي ملڪيت وارا گھر ڪنهن بہ وقت ڇڏائي سگھن. 33 تنهنڪري هر لاوي ڇڏائڻ واري پنهنجي انهيءَ حق کي استعمال ڪري يا لاوين جي ملڪيت واري شهر ۾ اهو وڪاميل گھر بحاليءَ جي سال ۾ ڇڏائي، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل منجھہ لاوين جي شهرن جا گھر لاوين جي ئي ملڪيت آهن. 34 پر سندن شهرن جي پسگردائيءَ واري چاري واري ٻني بلڪل نہ وڪڻي سگھبي، ڇاڪاڻ تہ اها هنن جي دائمي ملڪيت آهي.“ غريبن کي قرض ڏيڻ 35 ”جيڪڏهن بني اسرائيل مان اوهان جو ڪو همقوم ماڻهو غريب يا محتاج ٿي پوي تہ اوهين انهيءَ جي مدد ڪجو، جيئن اوهين ڌارئي يا مسافر جي مدد ڪندا آهيو تہ جيئن هو اوهان منجھہ رهي سگھي. 36 اوهين انهيءَ کان ڪنهن بہ قسم جو وياج نہ وٺجو. هائو، اوهين مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، تہ جيئن بني اسرائيل مان اوهان جو همقوم ڀلي تہ اوهان منجھہ رهندو اچي. 37 اوهين هن کي پنهنجا پئسا وياج تي نہ ڏجو، نڪي هن کي کاڌو ڏيئي کانئس ڪو نفعو وٺجو. 38 آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ ڪنعان جو ملڪ اوهان کي ڏيان ۽ اوهان جو خدا هجان.“ غلاميءَ بابت قانون 39 ”جيڪڏهن بني اسرائيل مان اوهان جو ڪو همقوم جيڪو اوهان منجھہ رهندو هجي، سو غريب ٿي وڃي ۽ پاڻ کي اوهان وٽ وڪڻي ڇڏي تہ اوهين انهيءَ کان غلامن وانگر پورهيو نہ ڪرائجو. 40 بلڪ هو اوهان وٽ مزدور يا مسافر وانگر رهي. هو بحاليءَ جي سال تائين اوهان جي خدمت ڪري. 41 انهيءَ کان پوءِ کيس ٻارن ٻچن سميت آزاد ڪيو وڃي ۽ هو پنهنجي خاندان ۽ ابن ڏاڏن جي ملڪيت تي موٽي اچي. 42 جيئن تہ بني اسرائيل منهنجا ٻانها آهن، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، سو اهي غلامن وانگر وڪيا نہ وڃن. 43 اوهين انهن تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو. 44 باقي جيڪڏهن اوهين ٻانهيون ۽ ٻانها رکو تہ اهي اوهين پنهنجي آسپاس رهندڙ ٻين قومن مان خريد ڪري سگھو ٿا. 45 انهيءَ کان سواءِ جيڪي ڌاريا اوهان منجھہ رهندا هجن، تن جي ٻارن مان يا انهن جي خاندانن مان، جيڪي اوهان جي ملڪ ۾ پيدا ٿيا هجن، تن مان اوهين خريد ڪري ٿا سگھو. اهي اوهان جي ملڪيت ٿيندا. 46 اوهين ڀلي انهن کي پنهنجي لاءِ ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي ٻارن لاءِ ميراث ڪري ڇڏجو، جيئن اهي انهن جي ملڪيت ٿين. اوهين انهن کي هميشہ جي لاءِ غلام رکي سگھندا، پر پنهنجي قوم بني اسرائيل مان اوهين هڪٻئي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو. 47 جيڪڏهن اوهان ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو يا مسافر شاهوڪار ٿي وڃي ٿو ۽ بني اسرائيل مان اوهان جو ڪو همقوم غريب ٿي پاڻ کي انهيءَ ڌارئي يا مسافر وٽ يا انهيءَ جي خاندان مان ڪنهن ٻئي وٽ غلام طور وڪڻي ٿو، 48 تہ ان حالت ۾ کيس پاڻ ڇڏائڻ جو حق رهندو. سو سندس مائٽن مان ڪوبہ عيوضو ڏيئي انهيءَ کي ڇڏائي ٿو سگھي. 49 هن جو چاچو، ڪو سؤٽ يا سندس خاندان مان ڪوبہ ويجھو مائٽ هن کي ڇڏائي ٿو سگھي، يا وري جي هو پاڻ شاهوڪار ٿي وڃي تہ پاڻ کي ڇڏائي ٿو سگھي. 50 تڏهن سندس خريدار ۽ هو پاڻ وڪري جي وقت کان وٺي ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين سالن جو حساب ڪن ۽ باقي رهيل سالن لاءِ هڪ مزدور جي مزدوريءَ جي حساب سان ٺهندڙ رقم خريدار کي ڏيئي پاڻ کي ڇڏائي سگھي ٿو. 51-52 بحاليءَ جي سال تائين جيترا بہ سال باقي رهيل هجن، گھڻا توڙي ٿورا، مطلب تہ انهن سالن جي حساب موجب هو پنهنجي ڇڏائڻ جي قيمت موٽائي ڏئي جنهن ۾ هو وڪاڻو هجي. 53 تيستائين هو انهيءَ نوڪر وانگر پنهنجي مالڪ وٽ رهندو اچي، جنهن جي اجرت سال بسال مقرر ڪبي آهي. اوهان کي اهو خيال رکڻ گھرجي تہ هن جو مالڪ مٿس سختيءَ سان حڪم نہ هلائي. 54 جيڪڏهن هو انهن طريقن سان نہ ٿو ڇڏايو وڃي، تہ پوءِ بحاليءَ جي سال ۾ هو پنهنجي ٻارن سميت پاڻيهي ڇٽي ويندو. 55 جيئن تہ اوهين بني اسرائيل، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، سي منهنجا ئي ٻانها آهيو، تنهنڪري اوهين هميشہ غلام نہ ٿا رهي سگھو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society