Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 23 - Muslim Sindhi Bible


خداوند جو وڏا ڏينهن مقرر ڪرڻ ( 23‏:1‏-44 )

1 خداوند موسيٰ سان ڳالهائيندي

2 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”مون خداوند جا مقرر ڪيل وڏا ڏينهن، جن تي اوهين عبادت لاءِ گڏ ٿيندا، سي هي آهن.“


(سبت، يعني آرام جو ڏينهن)

3 ”ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو، پر ستون ڏينهن سبت آهي، تنهن تي اوهين آرام ڪريو. انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو، بلڪ عبادت لاءِ گڏ ٿجو. سبت جو ڏينهن مون خداوند لاءِ مخصوص آهي، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.“


(عيد فصح ۽ بي‌خميري مانيءَ جي عيد)
( ڳاڻاٽو 28‏:16‏-25 )

4 ”مون خداوند جا مقرر ڪيل هي وڏا ڏينهن بہ اوهين انهن جي وقت تي ملهائجو.

5 پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو مون خداوند جي عيد فصح آهي.

6 ساڳئي مهيني جي پندرهين تاريخ مون خداوند جي لاءِ بي‌خميري مانيءَ جي عيد شروع ٿيندي. ستن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي.

7 پهرئين ڏينهن اوهين عبادت لاءِ گڏ ٿجو. انهيءَ ڏينهن اوهين ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.

8 ست ئي ڏينهن اوهين مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪندا رهجو ۽ ستين ڏينهن وري عبادت لاءِ گڏ ٿجو. انهيءَ ڏينهن بہ اوهين محنت مزدوريءَ جو ڪوبہ ڪم نہ ڪجو.“


(پهرين پيداوار)

9 خداوند موسيٰ کي

10 بني اسرائيل لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ”جيڪا زمين آءٌ خداوند اوهان کي ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ جو فصل لڻو، تڏهن اوهين هر سال پنهنجي فصل جو پهريون اناج جو گڏو ڪاهن وٽ آڻجو.

11 هو اهو گڏو سبت جي ٻئي ڏينهن مون خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪري تہ جيئن اوهين قبول پئو.

12 ساڳئي ئي ڏينهن تي اوهين مون خداوند جي لاءِ هڪڙو هڪسالو بي‌عيب گھيٽو بہ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو.

13 انهيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ طور ٻہ ڪلوگرام ميدو تيل ۾ ڳوهيل پيش ڪجو. اها مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي جا ساڙبي آهي. ان سان گڏ اوهين هڪ ليٽر مئي اوتڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪجو.

14 جيستائين اوهين مون پنهنجي خدا جي لاءِ اها قرباني پيش نہ ڪريو، ايستائين نئين اناج جي نہ ماني کائجو، نڪي ڀُڳل اناج ۽ نہ وري تازا سنگ کائجو. اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ جو قانون هوندو، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.“


(لاباري جي عيد)
( ڳاڻاٽو 28‏:26‏-31 )

15 ”اوهين سبت جي ٻئي ڏينهن کان، يعني جنهن ڏينهن اوهين هٿن تي بلند ڪرڻ لاءِ گڏو آڻيو تنهن ڏينهن کان وٺي پورا ست هفتا ڳڻجو،

16 يعني ستين سبت جي ٻئي ڏينهن تائين اوهين پنجاهہ ڏينهن شمار ڪجو. انهيءَ پنجاهين ڏينهن تي اوهين مون خداوند جي لاءِ نئين فصل مان اناج جي قرباني پيش ڪجو.

17 اوهين پنهنجن گھرن مان ٻہ ٻہ روٽ هٿن تي بلند ڪرڻ لاءِ آڻجو. هر هڪ روٽ ٻہ ٻہ ڪلوگرام ميدي جو ۽ خمير گڏي پچايل هجي، انهيءَ لاءِ تہ مون خداوند جي لاءِ اها پهرين پيداوار جي قرباني ٿئي.

18 انهن روٽن سان گڏ اوهين قوم جي طرفان ست هڪسالا بي‌عيب گھيٽا، هڪڙو وهڙو ۽ ٻہ گھٽا پيش ڪجو. اهي مون خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور هجن ۽ اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ سان گڏ پيش ڪجن. اها مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني ٿئي، جا ساڙبي آهي.

19 اوهين پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ ٻہ هڪسالا گھيٽا پيش ڪجو.

20 ڪاهن انهن ٻنهي گھيٽن کي پهرئين پيداوار جي روٽن سان گڏ مون خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪري پيش ڪري. اهي ڪاهن جو حصو آهن جيڪي مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهن.

21 اوهين انهيءَ ساڳئي ڏينهن عيد ملهائجو. ان ڏينهن اوهين عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ جو قانون هوندو، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.

22 جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو، بلڪ اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


(نفيلن وڄائڻ جي عيد)
( ڳاڻاٽو 29‏:1‏-6 )

23 خداوند موسيٰ کي

24 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”ستين مهيني جي پهرين تاريخ اوهان جي لاءِ خاص آرام جو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن جو اظهار نفيلون وڄائي ڪيو وڃي ۽ سڀيئي عبادت لاءِ گڏ ٿين.

25 اوهين ان ڏينهن ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو، بلڪ مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪجو.“


(ڪفاري جو ڏينهن)
( ڳاڻاٽو 29‏:7‏-11 )

26 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

27 ”انهيءَ ستين مهيني جو ڏهون ڏينهن، ڪفاري جو ڏينهن آهي. سو انهيءَ ڏينهن اوهين عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ پنهنجي نفس کي مارجو ۽ مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪجو.

28 انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪفاري جو ڏينهن آهي، جنهن تي مون خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ اوهان جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيو ويندو.

29 جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ ڏينهن پنهنجي نفس کي نہ ماريندو سو قوم مان خارج ڪيو ويندو.

30 جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ ڏينهن ڪنهن بہ قسم جو ڪم ڪندو، تہ انهيءَ کي آءٌ خداوند سندس قوم مان برباد ڪري ڇڏيندس.

31 انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو. اهو اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ جو قانون هوندو، پوءِ اوهين کڻي ڪٿي بہ رهندا هجو.

32 انهيءَ مهيني جي نائين تاريخ جي نماشام کان وٺي ڏهين تاريخ جي نماشام تائين اوهين مڪمل آرام وارو ڏينهن ملهائجو ۽ پنهنجي نفس کي مارجو.“


(تنبن واري عيد)
( ڳاڻاٽو 29‏:12‏-40 )

33 خداوند موسيٰ کي

34 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”انهيءَ ستين مهيني جي پندرهين تاريخ تي مون خداوند جي لاءِ تنبن واري عيد شروع ٿيندي جا ست ڏينهن جاري رهندي.

35 عيد جي پهرئين ڏينهن تي اوهين عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.

36 ست ئي ڏينهن اوهين مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪندا رهجو. اٺين ڏينهن اوهين وري عبادت لاءِ گڏ ٿجو ۽ مون خداوند جي حضور ۾ ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪجو. جيئن تہ اهو عبادت لاءِ گڏ ٿيڻ جو ڏينهن آهي سو اوهين ان ڏينهن ڪوبہ محنت مزدوريءَ جو ڪم نہ ڪجو.

37 اِهي آهن مون خداوند جا مقرر ڪيل وڏا ڏينهن، جن کي اوهين گڏجي عبادت ڪندي ملهائجو. اوهين مون خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون، اوتڻ واريون قربانيون ۽ ٻيون قربانيون پنهنجي پنهنجي مقرر ڏينهن تي ساڙي پيش ڪجو.

38 هي قربانيون هفتيوار سبت وارين قربانين ۽ اوهان جي نذرانن، اوهان جي باسيل قربانين ۽ اوهان جي خوشيءَ جي قربانين کان علاوہ آهن.

39 جڏهن اوهين پنهنجي ٻنيءَ جو فصل گڏ ڪري چڪو، تڏهن ستين مهيني جي پندرهين تاريخ کان وٺي ستن ڏينهن تائين مون خداوند جي لاءِ اها تنبن واري عيد ملهائجو. انهن ۾ پهريون ۽ اٺون ڏينهن خاص آرام جا ڏينهن آهن.

40 پهرئين ڏينهن اوهين پنهنجي وڻن جو عمدو ميوو، کجيءَ جون ڇڙهيون، گھاٽن پنن واريون ٽاريون ۽ نهرن جون ليون کڻجو ۽ ستن ڏينهن تائين مون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.

41 هر سال ستين مهيني ۾ اهي ست ڏينهن اوهين مون خداوند جي لاءِ عيد ملهائجو. اهو اوهان جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون آهي.

42 بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو اهي ست ڏينهن تنبن ۾ ئي گذارين.

43 انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي پيڙهين کي خبر پوي تہ جڏهن مون بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هو، تڏهن کين تنبن ۾ رهايو هئم. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“

44 سو اهڙيءَ ئي طرح موسيٰ بني اسرائيل کي خداوند جي مقرر ڪيل وڏن ڏينهن بابت ٻڌايو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan