Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 22 - Muslim Sindhi Bible


مخصوص قربانين بابت قانون

1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

2 ”تون هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ جيڪي مخصوص قربانيون بني اسرائيل جا ماڻهو منهنجي لاءِ وقف ڪن ٿا تن کي هو احتياط سان هٿ لائين، تان‌تہ منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي نہ ٿئي. آءٌ خداوند آهيان.

3 تون انهن کي چئُہ تہ ’اوهان جي سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ناپاڪيءَ واري حالت ۾ انهن مخصوص قربانين جي ويجھو ويندو، جيڪي بني اسرائيل جي ماڻهن مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيون هونديون، تہ انهيءَ کي منهنجي خدمت واري ڪم مان خارج ڪيو ويندو. آءٌ خداوند آهيان.‘

4 هارون جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض يا جريان جي مرض وارو هجي، تہ اهو جيستائين پاڪ نہ ٿئي تيستائين انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي. جيڪڏهن ڪو اهڙو ڪاهن آهي جو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهي جيڪا ڪنهن مُڙدي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا ڪاهن انزال ٿيو هجي،

5 يا جيڪڏهن هو ڪنهن اهڙي ناپاڪ جانور يا ماڻهوءَ کي ڇهي جنهن جي ڪري هو ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو جنهن بہ طرح ناپاڪ ٿيو هجي،

6 تہ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو. پر جيستائين هو نہ وهنجي تيستائين مخصوص قربانين مان نہ کائي.

7 سج لهڻ کان پوءِ هو پاڪ ٿي انهن مخصوص قربانين مان ڀلي کائي، ڇاڪاڻ تہ اها سندس خوراڪ آهي.

8 جيڪو جانور پنهنجي موت مري وڃي يا جنهن کي جھنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، تنهن جو گوشت کائي هو پاڻ کي پليت نہ ڪري. آءٌ خداوند آهيان.

9 سڀيئي ڪاهن منهنجي انهن حڪمن تي عمل ڪن، انهيءَ لاءِ تہ متان انهن تي عمل نہ ڪرڻ سان انهن جي بي‌حرمتي ڪرڻ ڪري قصوروار ٿين ۽ مري پون. آءٌ خداوند آهيان جيڪو کين مخصوص ٿو ڪريان.

10 ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو، پوءِ اهو ڪاهن وٽ رهندڙ مهمان هجي يا ڪو مزدور، سو انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي.

11 پر جنهن غلام کي هن پئسن سان خريد ڪيو هجي يا جيڪو غلام سندس گھر ۾ ڄائو هجي سو ڀلي سندس کاڌي مان کائي.

12 جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ، ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻيل هجي تہ اها انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي.

13 پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ رن‌زال يا طلاق ڏنل هجي ۽ کيس اولاد نہ هجي، پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي اچي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مليل کاڌي مان کائي. پر ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي.

14 پر جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو ڀل مان انهيءَ مخصوص قربانيءَ منجھان کائي، تہ پوءِ هو اهڙي پوري مخصوص قرباني ۽ انهيءَ جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ انهيءَ ۾ گڏي ڪاهن کي موٽائي ڏئي.

15-16 بني اسرائيل جيڪي مخصوص قربانيون مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن، ڪاهن ٻين ماڻهن کي تن جي کائڻ جي اجازت ڏيئي انهن مخصوص قربانين جي بي‌حرمتي نہ ڪن. انهيءَ سان گناهہ انهن ماڻهن جي سر تي پوندو. آءٌ خداوند آهيان جيڪو انهن قربانين کي مخصوص ٿو ڪريان.“


قبول نہ پوندڙ قربانيون

17 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

18 ”تون هارون، سندس پٽن ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چئُہ تہ بني اسرائيل قوم مان يا وٽن رهندڙ ڌارين مان جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي باس واري توڙي خوشيءَ جي قرباني، مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري،

19 تہ هو قبول پوڻ واسطي ڍڳن، رڍن يا ٻڪرين مان ڪو بي‌عيب نر پيش ڪري.

20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪو عيب وارو جانور پيش ڪري تہ مون خداوند وٽ اهو هن جي طرفان قبول نہ پوندو.

21 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي باس واري توڙي خوشيءَ جي قربانيءَ واسطي پنهنجي ڍورن ڍڳن يا رڍن ٻڪرين مان مون خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني طور پيش ڪري، تہ اهو جانور قبول پوڻ لاءِ بلڪل ئي بي‌عيب هجي.

22 انڌو، منڊوٽنڊو، زخمي، وهندڙ ڦٽ وارو يا چمڙيءَ جي بيماريءَ وارو جانور مون خداوند جي لاءِ پيش نہ ڪيو وڃي، نڪي انهن مان ڪنهن کي قربان‌گاهہ تي آڻي، مون خداوند جي لاءِ قربانيءَ طور ساڙيو وڃي.

23 جنهن ڍڳي يا گھيٽي جو ڪو عضوو گھٽ وڌ هجي، سو خوشيءَ جي قربانيءَ طور ڀلي پيش ڪيو وڃي، پر ڪنهن باس جي لاءِ اهو قبول نہ پوندو.

24 جنهن جانور جا آنورا چٿيل، چيريل، ڌڪيل يا وڍيل هجن سو بہ مون خداوند جي لاءِ قربانيءَ طور پيش نہ ڪيو وڃي. هو پنهنجي ملڪ ۾ اهڙي ڪابہ قرباني نہ ڪن.

25 نڪي هو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جي هٿان انهن مان ڪو وٺي مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ طور پيش ڪن. اهڙن عيبدار جانورن ۾ خرابي آهي ۽ اهي هنن جي طرفان قبول نہ پوندا.“

26 خداوند موسيٰ کي بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ هي فرمايو تہ

27 ”جڏهن ڪنهن ڳئونءَ، رڍ يا ٻڪريءَ کي ڦر ڄمي تہ اهو ست ڏينهن پنهنجيءَ ماءُ وٽ رهي، انهيءَ کان پوءِ اهو مون خداوند وٽ قبول پوڻ جي لائق ٿيندو تہ انهيءَ کي ساڙي قرباني ڪئي وڃي.

28 اوهين ڳئن يا رڍن ٻڪرين کي سندن ڦرن سميت هڪڙي ئي ڏينهن تي قربانيءَ لاءِ ذبح نہ ڪجو.

29 جڏهن اوهين مون خداوند جي شڪراني لاءِ قربانيءَ جو جانور ذبح ڪريو، تڏهن اهڙي قرباني پيش ڪجو جا اوهان جي طرفان قبول پوي.

30 اها قرباني ساڳئي ڏينهن تي ئي کائي ڇڏجو. انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ نہ بچائجو. آءٌ خداوند آهيان.

31 سو اوهين منهنجا حڪم مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان.

32 اوهين منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو ضرور مون کي پاڪ ڪري ڄاڻن. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي مخصوص ٿو ڪريان.

33 مون ئي اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو خدا هجان. آءٌ خداوند آهيان.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan