لاوي سرشتو 21 - Muslim Sindhi Bibleڪاهنن جي پاڪائي 1 خداوند موسيٰ کي هارون جي پٽن، جيڪي ڪاهن آهن، تن لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”جڏهن اوهان جي قوم ۾ ڪو مري وڃي تہ انهيءَ جي ڪفن دفن ڪرڻ لاءِ ڪوبہ ڪاهن پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري. 2 البت هو پنهنجي ويجھن مائٽن جهڙوڪ پنهنجي ماءُ، پيءُ، پٽ، ڌيءَ، ڀاءُ، 3 يا پنهنجيءَ اڻپرڻيل ڀيڻ جيڪا سندس گھر ۾ رهي ٿي، تنهن جي لاءِ هو پاڻ کي ناپاڪ ڪري سگھي ٿو. 4 هو پنهنجي زال جي مائٽن جي ڪري پاڻ کي ناپاڪ ڪري پنهنجي بيحرمتي نہ ڪري. 5 ڪوبہ ڪاهن پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجو مٿو هِتان هُتان نہ ڪوڙائي، نڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ جا پاسا بگاڙي ۽ نہ وري پنهنجي جسم کي زخم رسائي. 6 هو مون پنهنجي خدا جي لاءِ مخصوص رهي ۽ منهنجي نالي جي بيحرمتي نہ ڪري. جيئن تہ هو مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ٿو ڪري، تنهنڪري هو مخصوص رهي. 7 ڪوبہ ڪاهن ڪنهن اهڙيءَ عورت سان شادي نہ ڪري جيڪا ڪسبياڻي ٿي بيعزت بڻي هجي يا جنهن کي طلاق ڏني ويئي هجي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڪاهن منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل آهي. 8 تنهنڪري منهنجي قوم ڪاهن کي مخصوص ٿيل ڪري ڄاڻي، ڇاڪاڻ تہ هو انهن جي طرفان مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪري ٿو. سو انهيءَ کي اهي مخصوص ٿيل سمجھن، ڇو تہ آءٌ خداوند جيڪو کين پاڪ ٿو ڪريان سو پاڪ آهيان. 9 جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ ڪسبياڻي ٿي پاڻ کي پليت ڪري، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ کي بيحرمت ٿي ڪري، تنهنڪري انهيءَ کي ساڙي ڇڏڻ جي سزا ڏني وڃي. 10 جيڪو پنهنجي ڀائرن ۾ سردار ڪاهن هجي، جنهن جي مٿي تي مسح ڪرڻ جو تيل پئٽي پاڪ پوشاڪ پائڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هجيس، سو ڪنهن جي مرڻ تي پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙي، نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي 11 ۽ نہ وري مُڙدي جي ويجھو وڃي. ايتري قدر جو پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي لاءِ بہ پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري. 12 هائو، جيئن تہ هو مسح ڪرڻ واري تيل سان مون لاءِ وقف ٿيل آهي، سو هو مقدس خيمي کان ٻاهر نڪري ائين ڪرڻ سان پاڻ کي ناپاڪ ڪري منهنجي مقدس خيمي جي بيحرمتي نہ ڪري. آءٌ خداوند آهيان. 13 هو رڳو ڪنواريءَ سان شادي ڪري. 14 هو ڪنهن رنزال، طلاق ڏنل، يا ڪسبياڻي ٿي بيعزت بڻيل سان شادي نہ ڪري، بلڪ پنهنجي ئي قبيلي مان ڪنهن ڪنواريءَ سان شادي ڪري. 15 تنهنڪري هو پنهنجي اولاد کي پنهنجيءَ قوم ۾ بيآبرو نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند آهيان، جيڪو هن کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪريان ٿو.“ 16 خداوند موسيٰ کي 17 هارون لاءِ هي فرمايو تہ ”تنهنجي اولاد مان سندن سڀني پيڙهين ۾، جيڪڏهن ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو عيب هجي تہ اهو مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪرڻ واسطي ويجھو نہ اچي. 18 ڪير بہ هجي جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو منهنجي ويجھو نہ اچي، يعني جيڪو انڌو، منڊو، ڦريل عضون وارو يا جنهن جو ڪو عضوو گھٽ وڌ هجي، 19 يا جنهن جو پير يا هٿ جڏو هجي، 20 نڪي وري ڪو ڪُٻڙو، بِندرو يا جنهن جي اک ۾ ڪو عيب هجي، يا جنهن کي ڪا چمڙيءَ جي بيماري هجي يا جنهن جا آنورا ڦٿل هجن. 21 مطلب تہ هارون ڪاهن جي اولاد مان جنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو جسماني عيب هجي، سو مون خدا جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪرڻ واسطي ويجھو نہ اچي. 22 البت هو منهنجي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ کائي سگھي ٿو، پوءِ اها خوراڪ ڪاهنن لاءِ مخصوص ٿيل هجي توڙي مون لاءِ ئي مخصوص هجي. 23 پر جيئن تہ هن ۾ جسماني عيب آهي تنهنڪري هو نہ مقدس جاءِ ۾ داخل ٿئي ۽ نڪي قربانگاهہ جي ويجھو اچي. هو منهنجي مقدس خيمي جي بيحرمتي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند آهيان جيڪو انهن کي مخصوص ٿو ڪريان.“ 24 سو موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي اهي ڳالهيون چئي ٻڌايون. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society