Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 20 - Muslim Sindhi Bible


گناهن جون سزائون

1 خداوند موسيٰ کي

2 بني اسرائيل لاءِ فرمايو تہ ”اوهان مان يا اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي ٻارن مان ڪو مولڪ ديوتا کي نذر ڪري ڏيندو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. سڀيئي ماڻهو انهيءَ کي سنگسار ڪري ڇڏين.

3 آءٌ پاڻ بہ انهيءَ ماڻهوءَ جو مخالف ٿيندس ۽ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجو اولاد مولڪ کي ڏيئي منهنجي مقدس خيمي کي پليت ڪيو آهي ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي ڪئي اٿائين.

4 پر جيڪڏهن قوم وارا انهيءَ ماڻهوءَ کان، جنهن پنهنجو اولاد مولڪ کي ڏنو، چشم‌پوشي ڪندا ۽ انهيءَ کي قتل نہ ڪندا،

5 تہ پوءِ آءٌ پاڻ انهيءَ ماڻهوءَ ۽ سندس گھراڻي جو مخالف ٿيندس ۽ انهيءَ کي ۽ جيڪي مولڪ جي پٺيان لڳي مون سان بي‌وفائي ڪندا، تن سڀني کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.

6 جيڪو ماڻهو مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ۽ ڀوپن ڏانهن مائل ٿيندو ۽ انهن جي پيروي ڪري مون سان بي‌وفائي ڪندو، تہ آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.

7 اوهين پاڻ کي منهنجي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ مخصوصيت واري حالت ۾ رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

8 اوهين منهنجا حڪم مڃجو ۽ انهن تي عمل ڪجو. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي مخصوص ٿو ڪريان.

9 جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪندو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. جيئن تہ هن پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪئي تنهنڪري سندس خون سندس ئي سر تي هوندو.

10 جيڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ يعني پنهنجي ڪنهن پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ انهيءَ زناڪار مرد ۽ عورت ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.

11 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي ڪنهن بہ زال جي اوگھڙ ڏسي پنهنجي پيءُ جي عزت لُٽي ٿو، تہ کيس انهيءَ عورت سميت ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن جو خون سندن ئي سر تي هوندو.

12 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ نُنهن جي اوگھڙ ڏسي تہ انهن ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهن بدڪاري ڪئي آهي. سو سندن خون سندن ئي سر تي هوندو.

13 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مرد سان بدفعلي ڪندو، تہ انهن ٻنهي ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، سو انهن ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن جو خون سندن ئي سر تي هوندو.

14 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت ۽ سندس ماءُ ٻنهي جي اوگھڙ ڏسي تہ اها وڏي بڇڙائي آهي. سو انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻنهي عورتن سميت ساڙي ڇڏڻ جي سزا ڏني وڃي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان منجھہ اهڙي بڇڙائي نہ رهي.

15 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري تہ انهيءَ ماڻهوءَ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي ۽ انهيءَ جانور کي بہ ضرور ماريو وڃي.

16 جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن جانور وٽ وڃي انهيءَ کان بدفعلي ڪرائي، تہ اوهين انهيءَ عورت کي ضرور موت جي سزا ڏجو ۽ انهيءَ جانور کي بہ ضرور ماري ڇڏجو. بدفعلي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ جو خون سندن ئي سر تي آهي.

17 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڳيءَ يا ماٽيليءَ ڀيڻ کي پاڻ سان رهائيندو ۽ اُهي هڪٻئي جي اوگھڙ ڏسندا، تہ اها تمام شرم جهڙي ڳالهہ آهي. سو انهن ٻنهي کي پوريءَ قوم آڏو ظاهر ظهور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ماڻهوءَ پنهنجي ڀيڻ جي عزت ورتي آهي. سندس گناهہ سندس ئي سر تي هوندو.

18 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت جي ماهواريءَ وقت ساڻس هم‌بستر ٿئي ٿو ۽ خون واري انهيءَ حالت ۾ هو اهڙو ڪم ڪن ٿا تہ اهي ٻيئي ڏوهاري آهن، سو انهن ٻنهي کي قوم مان خارج ڪيو وڃي.

19 اوهين پنهنجي ماسيءَ يا پڦيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو. جيڪو ائين ڪري ٿو سو پنهنجي ويجھي مائٽياڻيءَ جي عزت وٺي ٿو ۽ انهيءَ جو گناهہ ٻنهي جي سر تي هوندو.

20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي چاچيءَ جي اوگھڙ ڏسندو، تہ انهيءَ پنهنجي چاچي جي عزت ورتي آهي. سو انهيءَ جو گناهہ انهن ٻنهي جي سر تي هوندو ۽ اهي بي‌اولاد مرندا.

21 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي جيئري سندس زال کي پاڻ سان رهائي ساڻس هم‌بستري ڪندو تہ اهو غليظ ڪم آهي. هن پنهنجي ڀاءُ جي عزت ورتي آهي، سو اهي ٻيئي بي‌اولاد مرندا.

22 اوهين منهنجي سڀني قانونن ۽ حڪمن کي مڃجو ۽ انهن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آءٌ اوهان کي موڪليان ٿو سو متان اوهان کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي.

23 جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان ڀڄائي ٿو ڪڍان تن جي ريتن رسمن تي اوهين نہ هلجو، ڇاڪاڻ تہ انهن اهي سڀيئي ڪم ڪيا آهن، تنهنڪري مون انهن کان ڪراهت ڪئي.

24 پر مون اوهان کي چيو آهي تہ اوهين انهيءَ ملڪ جا وارث ٿيندا. اهو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي ۽ آءٌ اوهان کي اهو ملڪيت ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.

25 تنهنڪري اوهين حلال ۽ حرام جانورن ۽ پکين جي وچ ۾ فرق ڪجو. جن جانورن، پکين ۽ ٻين زمين تي سرندڙ جيتن کي مون حرام قرار ڏيئي اوهان کان ڌار ڪيو آهي، تن کي کائڻ سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو.

26 اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان. مون اوهان کي ٻين قومن مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.

27 جيڪو بہ مرد يا عورت مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙ يا ڀوپو هجي، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن کي سنگسار ڪيو وڃي. سندن خون سندن ئي سر تي آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan