لاوي سرشتو 18 - Muslim Sindhi Bibleحرام قرار ڏنل رشتا 1 خداوند موسيٰ کي 2 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 3 اوهين مصر جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم نہ ڪجو، جتي اوهين رهندا هئا، نڪي وري ڪنعان جي ملڪ وارن ماڻهن جهڙا ڪم ڪجو، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان. اوهين انهن جي رسمن تي نہ هلجو. 4 اوهين منهنجي حڪمن تي هلجو ۽ منهنجي قانونن تي عمل ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 5 اوهين ضرور منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو ائين ڪندو تنهن جي حياتي بچي ويندي. آءٌ خداوند آهيان. 6 اوهان مان ڪوبہ پنهنجي ويجھي مائٽياڻيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسي. آءٌ خداوند آهيان. 7 اوهان پنهنجي پيءُ جي ننگ يعني پنهنجي ماءُ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، هوءَ توهان جي ماءُ آهي. 8 اوهان پنهنجي پيءُ جي ٻين زالن جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان اوهين پنهنجي پيءُ جي بيعزتي ڪندا. 9 اوهان پنهنجيءَ ڀيڻ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، پوءِ اها توهان جي پيءُ جي ڌيءَ هجي يا رڳو ماءُ جي. توڙي اها گھر ۾ پلي هجي يا ڪٿي ٻاهر. 10 اوهان پنهنجي پوٽيءَ يا ڏوهٽيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ انهن جي عزت خود اوهان جي عزت آهي. 11 اوهان پنهنجي ماٽيليءَ ڀيڻ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها پڻ اوهان جي ڀيڻ آهي. 12 اوهان پنهنجي پڦيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي پيءُ جي ويجھي مائٽياڻي آهي. 13 اوهان پنهنجي ماسيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي ماءُ جي ويجھي مائٽياڻي آهي. 14 اوهان پنهنجي چاچيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي چاچي جي عزت آهي. 15 اوهان پنهنجيءَ نُنهن جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي پٽ جي زال آهي. 16 اوهان پنهنجي ڀاڄائيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي ڀاءُ جي عزت آهي. 17 جنهن عورت جي اوهان اوگھڙ ڏٺي هجي، تنهن عورت جي ڌيءَ، پوٽيءَ يا ڏوهٽيءَ مان ڪنهن جي بہ اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اهي انهيءَ عورت جون ويجھيون مائٽياڻيون آهن، سو اها وڏي بدڪاري آهي. 18 اوهان پنهنجيءَ زال جي جيئري ئي انهيءَ جي ڀيڻ کي سندس پهاڄ بڻائي انهيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو. 19 جيڪا عورت پنهنجي ماهواريءَ جي ڪري اڃا ناپاڪ هجي، تنهن جي اوگھڙ ڏسڻ لاءِ سندس ويجھو نہ وڃجو. 20 اوهان پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو. 21 اوهان پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ ديوتا جي واسطي باهہ سان ساڙي نذرانو نہ ڏجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بيحرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان. 22 اوهان ڪنهن مرد سان عورت وانگر صحبت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪراهت جهڙو ڪم آهي. 23 اوهان ڪنهن بہ جانور سان بدفعلي ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو، نہ وري ڪا عورت ڪنهن جانور وٽ وڃي انهيءَ کان بدفعلي ڪرائي، ڇاڪاڻ تہ اها بدڪاري آهي. 24 اوهين انهن مان ڪوبہ ڪم ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندس، سي سڀ انهن ڪمن جي ڪري ئي پليت ٿيون. 25 اها زمين بہ پليت ٿي ويئي آهي، تنهنڪري آءٌ خداوند انهيءَ کي سندس بدڪاريءَ جي اهڙي سزا ڏيندس جو اها پنهنجي رهاڪن کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏيندي. 26 تنهنڪري اوهين بني اسرائيل توڙي اوهان سان گڏ رهندڙ ڌاريا سڀيئي منهنجي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪجو ۽ انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ نہ ڪجو، 27 ڇو تہ اوهان کان اڳي جيڪي انهيءَ زمين جا رهاڪو هئا تن اهي سمورا مڪروهہ ڪم ڪيا، جنهن سبب اها زمين پليت ٿي. 28 سو ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين انهيءَ زمين کي پليت ڪريو، تڏهن اها اوهان کي بہ اهڙيءَ ئي طرح اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي، جهڙيءَ طرح اوهان کان اڳ ۾ رهندڙ قومن کي ڪڍي ڇڏيائين. 29 اوهان کي معلوم هجي تہ جيڪي بہ ماڻهو انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ ڪم ڪندا تہ انهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو. 30 تنهنڪري اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهجو ۽ انهن مڪروهہ رسمن تي عمل نہ ڪجو جيڪي اوهان کان اڳي ادا ڪيون وينديون هيون. اوهين پاڻ کي انهن جي ڪري پليت نہ ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society