لاوي سرشتو 16 - Muslim Sindhi Bibleڪفاري جو ڏينهن 1 هارون جا ٻہ پٽ، جيڪي مقدس جاءِ اندر خداوند جي حضور ۾ ويجھو آيا ۽ مري ويا تن جي وفات کان پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2 ”تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي، تہ متان مري نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحمت جي پوش مٿان ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندو آهيان. 3 هارون مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هن طرح تياري ڪري جو پاڻ سان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو گھٽو عبادتگاهہ وٽ آڻي. 4 هارون ڪاهنن وارو هي لباس پائي: سڻيءَ جو پهراڻ، سڻيءَ جي سٿڻ، سڻيءَ جو پٽو ۽ سڻيءَ جي پڳ. اهو مخصوص لباس آهي، تنهنڪري هو وهنجي پوءِ اهو پائي. 5 هو بني اسرائيل مان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ٻہ ٻڪر ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو گھٽو آڻي. 6 پوءِ هارون پنهنجي لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور وهڙو پيش ڪري تہ جيئن پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. 7 تنهن بعد هو ٻئي ٻڪر مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪري. 8 هارون انهن ٻنهي ٻڪرن لاءِ پُکا وجھي، هڪڙو پُکو ’خداوند جي لاءِ‘ ۽ ٻيو ’ڇڏي ڏيڻ جي لاءِ.‘ 9 جنهن ٻڪر لاءِ مون خداوند جي نالي جو پُکو نڪري تنهن کي هارون پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري. 10 پر جنهن ٻڪر لاءِ ڇڏي ڏيڻ جو پُکو نڪري، تنهن کي ڪفاري جي لاءِ جيئرو ئي مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ پوءِ انهيءَ کي ڇڏي ڏيڻ جي لاءِ بيابان ۾ هڪليو وڃي. 11 جڏهن هارون پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي کي آڻي، پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ڪفاري لاءِ انهيءَ کي ذبح ڪري، 12 تڏهن هو هڪڙو لوباندان کڻي، انهيءَ کي ان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري جيڪا مون خداوند جي آڏو لوبان ساڙڻ لاءِ قربانگاهہ تي ٻري ٿي. پوءِ هو پنهنجو ٻڪ سنهي ڪٽيل خوشبودار لوبان سان ڀري کڻي ۽ اهي ٻيئي کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي. 13 تڏهن هو اهو لوبان اتي مون خداوند جي حضور ۾ ٽانڊن تي وجھي، ايتري قدر جو لوبان جو دونهون عهد واري صندوق تي رکيل رحمت جي پوش کي ڍڪي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ هو مري نہ پوي. 14 پوءِ هارون انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش جي اڳئين حصي تي اوڀر طرف ڇٽڪاري ۽ اتي عهد واري صندوق جي اڳيان بہ ست دفعا ڇٽڪاري. 15 ان بعد هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ ٻڪر کي ذبح ڪري، جيڪو قوم جي واسطي آهي. انهيءَ جو رت کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي ۽ وهڙي جي رت وانگر انهيءَ جو رت بہ رحمت جي پوش جي اڳئين حصي تي ۽ صندوق جي اڳيان ڇٽڪاري. 16 اهڙيءَ طرح هو مقدس ترين جاءِ جي لاءِ بني اسرائيل جي ناپاڪين، سندن نافرمانين ۽ سڀني گناهن جي ڪري ڪفارو ادا ڪري. سو هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي لاءِ ائين ڪري، ڇوجو اهو خيميگاهہ اندر سندن ناپاڪين جي وچ ۾ کوڙيو وڃي ٿو. 17 جڏهن هارون ڪفارو ادا ڪرڻ جي لاءِ مقدس ترين جاءِ اندر وڃي، تڏهن جيستائين هو پنهنجي لاءِ، پنهنجي خاندان جي لاءِ ۽ بني اسرائيل جي سڄي قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري ٻاهر نہ اچي، تيستائين ڪوبہ ماڻهو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اندر نہ هجي. 18 پوءِ هو ٻاهر نڪري انهيءَ قربانگاهہ وٽ اچي جيڪا مون خداوند جي آڏو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. هو وهڙي ۽ ٻڪر جي رت مان ڪجھہ کڻي قربانگاهہ جي چئني ڪنڊن وارن سڱن تي لڳائي. 19 پوءِ هو انهيءَ رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان ست دفعا قربانگاهہ تي ڇٽڪاري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ کي بني اسرائيل جي ناپاڪين کان پاڪ ڪري ۽ مون خداوند جي لاءِ مخصوص بڻائي.“ ڇڏي ڏيڻ وارو ٻڪر 20 ”جڏهن هارون مقدس ترين جاءِ، قربانگاهہ ۽ مون خدا سان ملاقات واري پوري خيمي جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري وٺي، تڏهن هو اهو جيئرو ٻڪر آڻي پيش ڪري. 21 هارون انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا ٻئي هٿ رکي ۽ بني اسرائيل جي سڀني بدڪارين، نافرمانين ۽ سڀني گناهن جو انهيءَ جي مٿان قبولدار ٿي اهي سڀ ٻڪر جي سر تي رکي. پوءِ انهيءَ ٻڪر کي تنهن ماڻهوءَ جي هٿان بيابان ڏانهن روانو ڪري ڇڏي جنهن کي انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو هجي. 22 اهو ٻڪر سندن سڀ بدڪاريون پاڻ تي کڻي ڪنهن ويران پٽ ۾ ويندو. جڏهن اهو ماڻهو انهيءَ ٻڪر کي بيابان ۾ ئي ڇڏي موٽي اچي 23 تڏهن هارون مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ اچي ۽ اهي سڻيءَ جا ڪپڙا، جيڪي مقدس ترين جاءِ ۾ وڃڻ وقت پاتا هئائين، سي لاهي اتي ئي رکي ڇڏي. 24 ان بعد هو پاڻ ڪنهن پاڪ جڳهہ تي ويهي وهنجي ۽ پنهنجا عام ڪپڙا پائي ٻاهر اچي. پوءِ هو پنهنجي ۽ قوم جي ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري ۽ قوم جي طرفان بہ اهڙي قرباني پيش ڪري. 25 هو پاڪ ٿيڻ واسطي ڪيل قربانيءَ واري چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي. 26 جيڪو ماڻهو ڇڏي ڏيڻ واري ٻڪر کي بيابان ۾ ڇڏي اچي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، پوءِ هو ڀلي خيميگاهہ ۾ داخل ٿئي. 27 پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو وهڙو ۽ ٻڪر، جن جو رت ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ مقدس ترين جاءِ ۾ آندو ويو هو، تن جي جسمن کي خيميگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي انهن جي کلن، گوشت ۽ اوجھہ سميت ساڙي ڇڏجي. 28 جيڪو ماڻهو انهن کي ساڙي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، پوءِ هو ڀلي خيميگاهہ ۾ داخل ٿئي.“ ڪفاري جو ڏينهن ملهائڻ 29 ”اوهان جي لاءِ هي هميشہ جو قانون ٿيندو تہ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي اوهان مان هر ڪو ماڻهو، پوءِ اهو اوهان جي قوم مان هجي توڙي ڌاريو، پنهنجي پنهنجي نفس کي ماري ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪري. 30 انهيءَ ڏينهن اوهان کي پاڪ ٿيڻ جي لاءِ ڪفارو ادا ڪرڻو پوندو، تڏهن اوهين پنهنجن سڀني گناهن کان مون خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيندا. 31 اهو اوهان جي لاءِ آرام جو مخصوص ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن اوهين پنهنجي پنهنجي نفس کي مارجو، اهو ئي هميشہ جي لاءِ قانون آهي. 32 جنهن بہ ڪاهن کي مسح ڪري کيس پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي سردار ڪاهن ٿيڻ لاءِ مخصوص ڪيو وڃي، سو ڪفارو ادا ڪري. انهيءَ واسطي هو سڻيءَ جا مخصوص ڪپڙا پائي 33 مقدس ترين جاءِ، قربانگاهہ، بلڪ مون خدا سان ملاقات واري پوري خيمي ۽ ڪاهنن ۽ سڄي قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. 34 اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو تہ بني اسرائيل جي سڀني گناهن جي لاءِ سال ۾ هڪڙو دفعو ڪفارو ادا ڪيو وڃي.“ سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society