Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 15 - Muslim Sindhi Bible


ٻيون شرعي ناپاڪيون

1 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي

2 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪنهن مرد ماڻهوءَ کي جريان جي بيماري آهي تہ اهو جريان ناپاڪ آهي.

3 ڪنهن ماڻهوءَ جي مرداڻي عضوي مان گند وهندو هجي يا ان جي ڪري سندس نيڪال جي نالي بند ٿي ويئي هجي تڏهن بہ هو ناپاڪ آهي.

4 جنهن پلنگ تي هو سمهندو يا جنهن شيءِ تي ويهندو، سا ناپاڪ ٿيندي.

5 جيڪو ماڻهو انهيءَ جي پلنگ کي ڇهندو،

6 يا انهيءَ شيءِ تي ويهندو جنهن تي جريان وارو ويٺو هو، تہ اهڙو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.

7 جيڪو جريان واري ماڻهوءَ جي بدن کي ڇهندو، اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.

8 جيڪڏهن جريان وارو ماڻهو ڪنهن پاڪ ماڻهوءَ تي ٿڪ اڇلائي تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.

9 سواريءَ دوران جنهن بہ شيءِ تي جريان وارو ويهي ٿو سا ناپاڪ ٿيندي.

10 جيڪڏهن ڪو اهڙيءَ شيءِ کي ڇهندو جا جريان واري جي هيٺان پيئي هئي، تہ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو. جيڪڏهن ڪو اهڙيءَ شيءِ کي کڻندو تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو.

11 جريان وارو ماڻهو پنهنجا هٿ ڌوئڻ کان سواءِ، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي هٿ لائي تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو.

12 جريان وارو ماڻهو ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ کي ڇهي، تہ اهو ڀڃي ڇڏجي. جيڪڏهن اهو ٿانءُ ڪاٺيءَ جو هجي تہ انهيءَ کي آگھاري ڇڏجي.

13 جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جريان واري بيماريءَ کان ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي، تڏهن هو ستن ڏينهن تائين ترسي ۽ ستين ڏينهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ تازي پاڻيءَ ۾ وهنجي، پوءِ هو پاڪ ٿيندو.

14 اٺين ڏينهن تي هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر کڻي، مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن کي ڏئي.

15 ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ ماڻهوءَ خاطر سندس جريان جي بيماريءَ لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.

16 جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ انزال ٿئي تہ هو پنهنجو سڄو بدن ڌوئي ڇڏي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو.

17 جنهن بہ ڪپڙي يا چم تي مني ڪري هجي سو ڌوئي ڇڏجي. ان هوندي بہ شام تائين اهو ناپاڪ رهندو.

18 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت سان هم‌بستر ٿيو هجي ۽ انزال ڪيو هجائين تہ ٻيئي وهنجن. ان هوندي بہ ٻئي شام تائين ناپاڪ رهندا.

19 جڏهن ڪنهن عورت کي ماهواري اچي، تہ اها ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندي ۽ جيڪو بہ کيس ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.

20 ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ هوءَ جنهن بہ شيءِ تي سمهندي يا ويهندي سا ناپاڪ ٿيندي.

21-23 جيڪو بہ سندس پلنگ يا انهيءَ شيءِ کي ڇهندو جنهن تي هوءَ ويٺي هجي تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو.

24 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ماهواريءَ دوران ساڻس هم‌بستر ٿيو هجي، تہ انهيءَ جي حيض جو رت لڳڻ ڪري هو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو. پوءِ اهو ماڻهو جنهن بہ پلنگ تي سمهندو سو ناپاڪ ٿيندو.

25 جيڪڏهن ڪنهن عورت کي ماهواريءَ وارن ڏينهن کان علاوہ گھڻن ڏينهن تائين رت اچي يا ماهواريءَ جا ڏينهن گذرڻ کان پوءِ بہ رت وهندو رهي، تہ پوءِ جيستائين اهو رت ايندو رهندو تيستائين هوءَ ماهواريءَ جي ڏينهن وانگر ئي ناپاڪ رهندي.

26 انهن ڏينهن ۾ جنهن بہ پلنگ تي هوءَ سمهندي ۽ جنهن بہ شيءِ تي ويهندي، سا سندس ماهواريءَ جي ناپاڪيءَ وانگر ناپاڪ ٿيندي.

27 جيڪو بہ انهن شين کي ڇهندو سو ناپاڪ ٿيندو. سو اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو.

28 جڏهن عورت جو اهو رت بند ٿي وڃي تڏهن کان ستن ڏينهن تائين هوءَ ترسي، تنهن کان پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي.

29 اٺين ڏينهن هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر کڻي، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي.

30 ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. اهڙيءَ طرح هو عورت جي وهندڙ رت لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.

31 تنهنڪري اوهين بني اسرائيل کي اهڙين ناپاڪيءَ جي حالتن کان دور رکجو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي مقدس خيمي، جيڪو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون.

32 اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ مرد جي واسطي جنهن کي جريان جي بيماري هجي يا جيڪو انزال ٿئي ٿو، جنهن سان هو ناپاڪ ٿئي ٿو.

33 اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ عورت جي واسطي جيڪا ماهواريءَ جي حالت ۾ هجي. يعني هر انهيءَ مرد يا عورت جي واسطي اهو ئي قاعدو آهي جيڪو جريان جي حالت ۾ هجي ۽ ان کان علاوہ هر انهيءَ مرد جي واسطي پڻ، جيڪو ڪنهن ناپاڪ عورت سان هم‌بستر ٿئي ٿو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan