لاوي سرشتو 14 - Muslim Sindhi Bibleچمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض کان پاڪائي 1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2 ”جنهن ڏينهن چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض وارو ماڻهو پاڪ قرار ڏيڻو هجي تنهن ڏينهن سندس لاءِ هي قاعدو آهي، تہ اهو معاملو ڪاهن وٽ آندو وڃي. 3 ڪاهن خيميگاهہ کان ٻاهر وڃي انهيءَ ماڻهوءَ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض ڇڏي ويو هجي، 4 تہ پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ ٻہ جيئرا حلال پکي، چندن جي ڪاٺي، لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو ۽ زوفا جي ٽاري آندي وڃي. 5 پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ انهن مان هڪڙو پکي کڻي انهيءَ کي ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ جي مٿان جنهن ۾ تازو پاڻي ڀريل هجي ذبح ڪيو وڃي. 6 تڏهن ڪاهن باقي بچيل جيئري پکيءَ کي کڻي، انهيءَ کي چندن جي ڪاٺيءَ، لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳي ۽ زوفا جي ٽاريءَ سميت انهيءَ پکيءَ جي رت ۾ ٻوڙي جيڪو پاڻيءَ جي مٿان ذبح ڪيو ويو هو. 7 اهو هو ست دفعا چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض کان پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿان ڇٽڪاري ۽ انهيءَ کي پاڪ قرار ڏئي. پوءِ هو انهيءَ جيئري پکيءَ کي کُليل ميدان ۾ اڏاري ڇڏي. 8 ان کان علاوہ جيڪو ماڻهو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ سمورا وار ڪوڙائي وهنجي، تڏهن هو پاڪ ٿيندو. انهيءَ کان پوءِ هو خيميگاهہ ۾ اچي، پر ستن ڏينهن تائين هو پنهنجي خيمي کان ٻاهر رهي. 9 ستين ڏينهن هو پنهنجي مٿي جا سڀ وار، ڏاڙهي، ڀرؤن ۽ پنهنجي سڄي بدن جا باقي وار ڪوڙائي. پوءِ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، تڏهن هو پاڪ ٿيندو. 10 پوءِ اٺين ڏينهن هو ٻن بيعيب گھيٽن ۽ هڪڙي بيعيب هڪسالي گھيٽيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ لاءِ زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل ٽي ڪلوگرام ميدو ۽ اڌ ليٽر زيتون جو تيل کڻي اچي. 11 پوءِ جيڪو ڪاهن هن کي پاڪ قرار ڏئي سو انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ کي انهن شين سميت مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي مون خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري. 12 تڏهن ڪاهن هڪڙو گھيٽو ۽ اهو اڌ ليٽر تيل کڻي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هٿن تي بلند ڪري نذراني طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري. 13 پوءِ هو انهيءَ گھيٽي کي انهيءَ مخصوص جاءِ ۾، جتي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ذبح ڪبي آهي، اتي ذبح ڪري. جهڙيءَ طرح پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪاهن جي آهي تهڙيءَ طرح هيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني بہ ڪاهن جي آهي. اها مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي. 14 ڪاهن انهيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ مان ڪجھہ رت کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائي. 15 پوءِ ڪاهن انهيءَ اڌ ليٽر تيل مان ڪجھہ کڻي پنهنجي کاٻي هٿ جي تريءَ تي وجھي. 16 ان بعد هو انهيءَ تيل مان پنهنجي ساڄي آڱر ٻوڙي ۽ ست ڀيرا مون خداوند جي حضور ڪجھہ تيل ڇٽڪاري. 17 باقي جيڪو تيل سندس هٿ جي تريءَ تي بچيل هجي تنهن مان ڪاهن ڪجھہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي، قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ واري رت جي مٿان لڳائي. 18 تريءَ تي باقي بچيل تيل هو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي ۾ وجھي ڇڏي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري. 19 پوءِ ڪاهن پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪري ۽ ناپاڪيءَ کان پاڪ ٿيندڙ جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. ان بعد هو ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪري. 20 ڪاهن اها ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قربانيءَ سان گڏ قربانگاهہ تي پيش ڪري. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هو پاڪ ٿيندو.“ غريب جي لاءِ رعايت 21 ”جيڪڏهن اهو ماڻهو غريب هجي ۽ ايترو آڻي نہ سگھي، تہ پوءِ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هٿن تي بلند ڪرڻ واسطي هڪڙو گھيٽو آڻي، تہ جيئن ڪفارو ادا ڪيو وڃي. اناج جي قربانيءَ لاءِ هو رڳو هڪ ڪلوگرام ميدو زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل ۽ اڌ ليٽر زيتون جو تيل آڻي. 22 هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر، جيڪي بہ آڻي سگھي سي پڻ آڻي. انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هجي. 23 اهو ماڻهو پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ اٺين ڏينهن تي اهي شيون مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي حضور ۾ ڪاهن کي آڻي ڏئي. 24 ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وارو گھيٽو ۽ اڌ ليٽر تيل کڻي، انهن کي مون خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪري نذراني طور پيش ڪري. 25 پوءِ هو اهو گھيٽو ذبح ڪري ۽ انهيءَ جو ڪجھہ رت کڻي پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳائي. 26 تڏهن ڪاهن انهيءَ اڌ ليٽر تيل مان ڪجھہ پنهنجي کاٻي هٿ جي تريءَ تي پئٽي. 27 پوءِ هو انهيءَ تيل مان ڪجھہ، پنهنجي ساڄيءَ آڱر سان ست ڀيرا مون خداوند جي حضور ڇٽڪاري. 28 انهيءَ تيل مان ڪجھہ کڻي پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي، هنيل رت واري جاءِ جي مٿان لڳائي. 29 باقي جيڪو تيل سندس تريءَ ۾ بچيل هجي سو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي ۾ وجھي ڇڏي. اهڙيءَ طرح هو مون خداوند جي حضور ۾ هنن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. 30 پوءِ جيڪي ڳيرا يا ڪبوتر اهو ماڻهو آڻي سگھيو هجي، 31 تن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، اناج جي قربانيءَ سميت پيش ڪري. اهڙيءَ طرح ڪاهن پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري. 32 اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ ماڻهوءَ جي لاءِ جنهن کي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض لڳو هجي ۽ جنهن کي پاڪ ٿيڻ لاءِ گھربل شين جي آڻڻ جي طاقت نہ هجي.“ گھر ۾ سينور جو مرض 33 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ 34 ”جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آءٌ اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيڻ وارو آهيان ۽ جڏهن اوهان جي انهيءَ ملڪ جي ڪنهن گھر ۾ آءٌ سينور جو مرض وجھان، 35 تڏهن انهيءَ گھر جو مالڪ اچي ڪاهن کي ٻڌائي تہ ’آءٌ ڀانئيان ٿو تہ منهنجي گھر ۾ سينور جهڙو ڪو مرض آهي.‘ 36 تنهن تي ڪاهن حڪم ڪري تہ انهيءَ مرض کي ڏسڻ لاءِ سندس اتي وڃڻ کان اڳ ۾ اهو گھر بلڪل خالي ڪري ڇڏين، انهيءَ لاءِ تہ گھر ۾ موجود سامان ناپاڪ قرار نہ ڏنو وڃي. ان کان پوءِ ڪاهن گھر کي ڏسڻ لاءِ وڃي 37 ۽ انهيءَ مرض کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو مرض گھر جي ڀتين ۾ هئڻ ڪري انهن ۾ سائيرا ۽ ڳاڙهيرا داغ ٿي پيا هجن ۽ اهي ڀتين ۾ اونها ڏسڻ ۾ اچن، 38 تہ پوءِ ڪاهن گھر مان ٻاهر نڪري اچي ۽ انهيءَ گھر کي ستن ڏينهن تائين بند ڪري ڇڏي. 39 ستين ڏينهن ڪاهن وري اچي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو مرض گھر جي ڀتين تي پکڙجي ويو هجي، 40 تہ پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ جن پٿرن ۾ اهو مرض آهي سي ڪڍي شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ جاءِ تي اڇلايا وڃن. 41 پوءِ هو گھر اندر ڀتين کي چوڌاري کرڙائي ۽ اها کرڙيل مٽي ڪڍائي شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ جاءِ تي اڇلائي. 42 ان کان پوءِ ڪڍيل پٿرن جي جاءِ تي ٻيا پٿر لڳايا وڃن ۽ نئون گارو ٺاهي گھر کي ليپو ڏياريو وڃي. 43 جيڪڏهن پٿرن جي نڪرڻ، گھر جي کرڙجڻ ۽ ليپي ڏيارڻ کان پوءِ بہ اهو سينور جو مرض گھر ۾ وري ظاهر ٿي پوي، 44 تہ پوءِ ڪاهن وڃي انهيءَ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو مرض گھر ۾ پکڙجي ويو هجي، تہ پوءِ اهو خراب قسم جو سينور آهي. سو اهو گھر ناپاڪ آهي. 45 اهو گھر ڀڃي ڊاٺو وڃي ۽ انهيءَ جا پٿر، ڪاٺ ۽ مٽي شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ جاءِ تي اڇلايا وڃن. 46 انهيءَ کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهيءَ گھر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهيءَ ۾ داخل ٿيو هجي، تہ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو. 47 جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ گھر ۾ سمهيو هجي يا جنهن اتي ڪجھہ کاڌو هجي تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي. 48 پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي ڏٺو هجي تہ گھر کي ليپو ڏيارڻ کان پوءِ انهيءَ ۾ سينور جو مرض ٻيهر ڪونہ پکڙيو آهي، تڏهن هو انهيءَ گھر کي پاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اهو مرض نڪري ويو آهي. 49 پوءِ هو انهيءَ گھر کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ٻہ پکي، چندن جي ڪاٺي، لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو ۽ زوفا جي ٽاري آڻي. 50 انهن پکين مان هڪڙو پکي کڻي انهيءَ کي هو ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ جي مٿان جنهن ۾ تازو پاڻي ڀريل هجي ذبح ڪري. 51 پوءِ هو چندن جي ڪاٺي، لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو، زوفا جي ٽاري ۽ جيئرو پکي کڻي، انهن کي ذبح ڪيل پکيءَ جي رت ۽ تازي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ست ڀيرا انهيءَ گھر تي ڇٽڪاري. 52 اهڙيءَ طرح هو پکيءَ جي رت، تازي پاڻيءَ، جيئري پکيءَ، چندن جي ڪاٺيءَ، زوفا جي ٽاريءَ ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳي سان انهيءَ گھر کي پاڪ ڪري. 53 پوءِ هو جيئري پکيءَ کي شهر کان ٻاهر کُليل ميدان ۾ اڏاري ڇڏي. اهڙيءَ طرح هو گھر جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ اهو گھر پاڪ ٿي ويندو. 54 اهو ئي قاعدو آهي هر قسم جي چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض ۽ خراب قسم جي مَلي جي لاءِ، 55-56 ان کان سواءِ سوڄ، ڏڍ، چمڪندڙ داغ ۽ ڪپڙن ۽ گھر جي سينور جي مرض لاءِ پڻ. 57 انهيءَ قاعدي مان معلوم ٿيندو تہ انهن شين کي ڪڏهن پاڪ قرار ڏجي ۽ ڪڏهن ناپاڪ. سو چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض ۽ سينور بابت اهو ئي قاعدو آهي.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society