Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 13 - Muslim Sindhi Bible


چمڙيءَ جي وچڙندڙ بيمارين بابت قانون

1 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ

2 ”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي جسم جي چمڙيءَ تي سوڄ، ڏڍ يا ڪو اڇو چمڪندڙ داغ ٿئي ۽ اهو وڌي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض معلوم ٿئي، تہ پوءِ انهيءَ معاملي کي هارون ڪاهن وٽ يا سندس پٽ، جيڪي ڪاهن آهن تن مان هڪڙي وٽ آندو وڃي.

3 اهو ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ جي جسم جي چمڙيءَ تي ٿيل مرض کي چڪاسي. جيڪڏهن مرض واري هنڌ جا وار اڇا ٿي ويا هجن ۽ اهو مرض هن جي چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ پوءِ اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي ۽ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي.

4 پر جيڪڏهن هن جي جسم جي چمڙيءَ تي اهو اڇو چمڪندڙ داغ هن جي چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي ۽ انهيءَ جا وار بہ اڇا نہ ٿيا هجن، تہ پوءِ ڪاهن اهڙي مرض واري ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.

5 ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي. جيڪڏهن سندس نظر ۾ اهو مرض هڪڙي ئي هنڌ بيٺل هجي ۽ چمڙيءَ تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ کي وري ٻيا بہ ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.

6 ستين ڏينهن وري ٻيهر ڪاهن هن کي چڪاسي، جيڪڏهن اهو داغ ٿورو جھڪو ٿيو هجي ۽ چمڙيءَ تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي پاڪ قرار ڏئي، جو اها رڳو ڏڍ آهي. سو اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي.

7 پر جيڪڏهن ڪاهن جي ڏسڻ ۽ پاڪ قرار ڏيڻ کان پوءِ اها ڏڍ چمڙيءَ تي پکڙجي وڃي تہ پوءِ هن کي وري بہ ڪاهن وٽ ڏيکارڻ لاءِ آندو وڃي.

8 ڪاهن انهيءَ کي چڪاسي، جيڪڏهن ڏڍ چمڙيءَ تي پکڙجي ويئي آهي تہ پوءِ هو کيس ناپاڪ قرار ڏئي جو اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي.

9 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض ٿئي تہ انهيءَ معاملي کي ڪاهن وٽ آندو وڃي.

10 ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن سندس چمڙيءَ تي اڇي سوڄ هجي، انهيءَ جا وار بہ اڇا ٿي ويا هجن ۽ سوڄ واري هنڌ جو ماس ڏکندڙ ۽ ڪچو ٿي پيو هجي،

11 تہ پوءِ انهيءَ جي جسم جي چمڙيءَ ۾ اهو پراڻو وچڙندڙ مرض آهي. سو ڪاهن هن کي ناپاڪ قرار ڏئي. کيس بند ڪري نہ ويهاري، ڇاڪاڻ تہ هن جي ناپاڪي ظاهر ٿي ويئي آهي.

12 پر جيڪڏهن مريض جي جسم جي سڄي چمڙيءَ تي مٿي کان پيرن تائين ڪاهن کي مرض پکڙيل ڏسڻ ۾ اچي،

13 تہ پوءِ ڪاهن کيس چڱيءَ طرح چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن مرض هن جي سڄي جسم تي پکڙجي ويو آهي، تہ هو انهيءَ مريض کي پاڪ قرار ڏئي. جيئن تہ هو سڄو ئي اڇو ٿي ويو آهي تنهنڪري هو پاڪ آهي.

14 پر جنهن وقت بہ انهيءَ جو ماس ڪچو ٿي پوي، تنهن وقت اهو ناپاڪ ٿيندو.

15 جڏهن ڪاهن ڪچو ماس ڏسي تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ ڪچو ماس ناپاڪ آهي. اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي.

16 پر جيڪڏهن اهو ڪچو ماس ڦري اڇو ٿي پوي تہ هو وري ڪاهن وٽ اچي

17 ۽ ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن مرض واري جاءِ ڦري اڇي ٿي ويئي هجي تہ پوءِ هو پاڪ آهي ۽ ڪاهن انهيءَ مريض کي پاڪ قرار ڏئي.

18 جيڪڏهن ڪنهن جي جسم جي چمڙيءَ تي ڪا ڦرڙي هجي جا ڇٽي ويئي هجي

19 ۽ انهيءَ ڦرڙيءَ واري جاءِ تي اڇي سڄيل جڳهہ هجي يا اڇو ڳاڙهيرو چمڪندڙ داغ هجي تہ اهو ڪاهن کي ڏيکاريو وڃي.

20 ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو هنڌ چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي ۽ انهيءَ هنڌ جا وار بہ اڇا ٿي ويا هجن، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي. اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي جيڪو ڦرڙيءَ مان پيدا ٿيو آهي.

21 پر جيڪڏهن ڪاهن ڏسي تہ انهيءَ هنڌ جا وار اڇا نہ ٿيا آهن ۽ اهو هنڌ چمڙيءَ کان اونهو بہ نہ آهي بلڪ داغ جھڪو ٿي ويو آهي، تہ پوءِ ڪاهن هن کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.

22 پوءِ جيڪڏهن اهو داغ چمڙيءَ تي پکڙجي وڃي، تہ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي.

23 پر جيڪڏهن اهو چمڪندڙ داغ پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺو هجي ۽ پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ اهو رڳو ڦرڙيءَ جو داغ آهي ۽ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي پاڪ قرار ڏئي.

24 جيڪڏهن ڪنهن جي جسم جي چمڙيءَ تي سڙي پوڻ واري جاءِ تي چمڪندڙ داغ ٿيو هجي ۽ انهيءَ سڙيل هنڌ جو ڪچو ماس ڳاڙهيرو اڇو يا صفا اڇو ٿي پوي،

25 تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن انهيءَ چمڪندڙ داغ جا وار اڇا ٿي ويا هجن ۽ اهو مرض چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي تہ اهو وچڙندڙ مرض آهي جيڪو انهيءَ داغ ۾ پيدا ٿيو آهي، سو ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي.

26 پر جيڪڏهن ڪاهن ڏسي تہ انهيءَ چمڪندڙ داغ جا وار اڇا نہ ٿيا آهن ۽ اهو داغ چمڙيءَ کان اونهو نہ آهي بلڪ جھڪو آهي، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.

27 ستين ڏينهن ڪاهن هن کي وري چڪاسي. جيڪڏهن اهو داغ چمڙيءَ تي وڌيڪ پکڙيو هجي تہ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي.

28 پر جيڪڏهن اهو چمڪندڙ داغ پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺو هجي ۽ چمڙيءَ تي پکڙيو نہ هجي بلڪ جھڪو ٿيو هجي، تہ اهو رڳو سڙڻ جو داغ آهي. سو ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي پاڪ قرار ڏئي.

29 جيڪڏهن ڪنهن مرد يا عورت جي مٿي ۾ يا کاڏيءَ تي ڦٽ هجي،

30 تہ ڪاهن انهيءَ ڦٽ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو ڦٽ چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي ۽ انهيءَ ۾ ڪي پيلا سنها وار هجن، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اهو خراب قسم جو مَلو آهي، جيڪو مٿي يا کاڏيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي.

31 پر جيڪڏهن ڪاهن کي مَلي جو اهو مرض چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي پر انهيءَ ۾ وار بہ ڪارا نہ هجن، تہ پوءِ ڪاهن مَلي واري مريض کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.

32 ستين ڏينهن ڪاهن انهيءَ ڦٽ کي وري چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو مَلو پکڙيو نہ هجي ۽ انهيءَ ۾ پيلا وار بہ نہ هجن، نڪي اهو مَلو چمڙيءَ کان اونهو هجي،

33 تہ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ جي ڏاڙهيءَ توڙي مٿي جا وار ڪوڙائجن، سواءِ انهن وارن جي جيڪي ملي واري جاءِ تي آهن. پوءِ ڪاهن انهيءَ مَلي واري ماڻهوءَ کي ٻيا بہ ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.

34 ستين ڏينهن وري ڪاهن انهيءَ مَلي واري ماڻهوءَ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن سندس مَلو چمڙيءَ تي پکڙيو نہ هجي ۽ نڪي چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ پوءِ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي پاڪ قرار ڏئي ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي.

35 پر جيڪڏهن هن کي پاڪ قرار ڏيڻ کان پوءِ مَلو سندس چمڙيءَ تي پکڙجي وڃي،

36 تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن مَلو چمڙيءَ تي پکڙجي ويو هجي تہ پوءِ ڪاهن ڀلي پيلن وارن جي ڳولا نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهو ماڻهو ناپاڪ آهي.

37 پر جيڪڏهن ڪاهن ڏسي تہ مَلو اتي جو اتي بيٺو آهي ۽ انهيءَ مان ڪارا وار ڄمي نڪتا آهن، تہ پوءِ مَلو ڇٽي ويو آهي. هو پاڪ آهي، سو ڪاهن هن کي پاڪ قرار ڏئي.

38 جيڪڏهن ڪنهن مرد يا عورت جي جسم جي چمڙيءَ تي اڇا چمڪندڙ داغ هجن،

39 تہ ڪاهن اهي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن هن جي جسم جي چمڙيءَ وارا داغ جھڪا اڇا هجن تہ اهي معمولي داغ آهن جيڪي چمڙيءَ ۾ نڪتا آهن. سو اهو ماڻهو پاڪ آهي.

40-41 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي مٿي يا پيشانيءَ جا وار کُسي ويا آهن تہ اهو گنجو تہ آهي، مگر ناپاڪ نہ آهي.

42 پر جيڪڏهن انهيءَ جي گنجي مٿي تي يا گنجي پيشانيءَ تي ڳاڙهيرو اڇو ڦٽ هجي تہ اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي، جيڪو کيس انهن جاين تي نڪتو آهي.

43 پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو داغ ڳاڙهيرو اڇو هجي جيئن وچڙندڙ مرض جسم جي چمڙيءَ تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي،

44 تہ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جي مٿي تي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي.

45 جنهن ماڻهوءَ کي اهڙو مرض هجي سو ڦاٽل ڪپڙا پائي ۽ مٿي جا وار ڇوڙي گھمي. هو پنهنجي منهن جو هيٺيون حصو ڍڪي ڇڏي ۽ وڏي واڪي پنهنجي لاءِ چوندو وتي ’ناپاڪ، ناپاڪ.‘

46 جيترا ڏينهن هن کي اهو مرض هوندو اوترا ڏينهن هو ناپاڪ ئي رهندو. سو هو اڪيلو رهي ۽ هن جي رهڻ جي جاءِ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هجي.“


لباس تي سينور جي مرض بابت

47 ”جنهن ڪپڙي تي سينور جو داغ هجي، پوءِ اهو ڪپڙو اوني هجي توڙي سڻيءَ جو

48 ۽ اهو داغ ڪپڙي جي تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾، چم ۾ هجي توڙي چم مان ٺهيل ڪنهن شيءِ ۾،

49 جيڪڏهن اهو داغ سائيرو يا ڳاڙهيرو هجي تہ اهو سينور جو مرض آهي ۽ اهو ڪاهن کي ڏيکاريو وڃي.

50 ڪاهن انهيءَ داغ کي چڪاسي ڏسي ۽ جنهن شيءِ تي اهو داغ آهي تنهن کي ستن ڏينهن تائين بند ڪري رکي.

51 ستين ڏينهن هو وري داغ کي چڪاسي، جيڪڏهن اهو داغ ڪپڙي يا چم مان ٺهيل ڪنهن بہ شيءِ تي پکڙيو هجي تہ پوءِ اهو خراب قسم جي سينور جو مرض آهي، سو اها شيءِ ناپاڪ آهي.

52 ڪاهن انهيءَ شيءِ کي ساڙي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ اهو خراب قسم جو سينور آهي تنهنڪري انهيءَ کي ساڙيو وڃي.

53 پر جيڪڏهن ڪاهن ڏسي تہ اهو داغ انهيءَ شيءِ ۾ پکڙيو نہ آهي،

54 تہ پوءِ هو انهيءَ شيءِ کي ڌوئي ڇڏڻ لاءِ چوي ۽ پوءِ ست ڏينهن ٻيا بہ انهيءَ شيءِ کي بند ڪري رکي.

55 ان بعد ڪاهن انهيءَ کي وري چڪاسي ڏسي، جيڪڏهن داغ جو رنگ نہ بدليو هجي، پوءِ توڙي اهو داغ پکڙيو نہ بہ هجي تڏهن بہ اها شيءِ ناپاڪ آهي. اها ساڙي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اهو داغ اڳيان هجي يا پٺيان خراب قسم جو سينور آهي.

56 پر جيڪڏهن ڪاهن ڏسي تہ ڌوئڻ کان پوءِ داغ جھڪو ٿي پيو آهي تہ پوءِ هو اهو داغ ڪپڙي يا چم مان ڦاڙي ڪڍي وٺي.

57 پوءِ جيڪڏهن اڃا بہ اهو ڪپڙي ۾ يا چم جي انهيءَ شيءِ ۾ وري ظاهر ٿئي، تہ اهو پکڙجڻ وارو سينور آهي. سو جنهن شيءِ ۾ اهو داغ هجي سا ساڙي ڇڏجي.

58 پر جيڪڏهن داغ واري انهيءَ ڪپڙي يا چم جي شيءِ کي ڌوئڻ سان اهو داغ منجھانئس نڪري وڃي تہ انهيءَ کي ٻيهر بہ ڌوئجي، تڏهن اهو پاڪ ٿيندو.

59 سينور جي انهيءَ مرض بابت، جيڪو اوني يا سڻيءَ جي ڪپڙي تي، پوءِ تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾ يا چم جي ڪنهن بہ شيءِ تي هجي، تنهن کي پاڪ يا ناپاڪ قرار ڏيڻ لاءِ اهو ئي قاعدو آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan