Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

لاوي سرشتو 12 - Muslim Sindhi Bible


ويم کان پوءِ عورت جي پاڪائي

1 خداوند موسيٰ کي

2 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪا عورت پيٽ سان ٿئي ۽ پٽ ڄڻي تہ اها ماهواريءَ جي ڏينهن وانگر ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندي.

3 اٺين ڏينهن ڇوڪر جو طهر ڪيو وڃي.

4 ان کان پوءِ اها خون کان پاڪ ٿيڻ تائين وڌيڪ ٽيٽيهہ ڏينهن ڇِلي ۾ رهي. جيستائين سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا نہ ٿين تيستائين ڪنهن بہ مخصوص شيءِ کي هٿ نہ لائي، نڪي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ اچي.

5 پر جيڪڏهن هوءَ ڌيءَ ڄڻي تہ پوءِ ٻن هفتن تائين ناپاڪ رهندي، جيئن ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ رهندي آهي. ان کان پوءِ هوءَ خون کان پاڪ ٿيڻ تائين ڇاهٺ ڏينهن وڌيڪ ڇِلي ۾ رهي.

6 پوءِ جڏهن سندس پاڪ ٿيڻ لاءِ پٽ يا ڌيءَ جا مقرر ڏينهن پورا ٿين، تڏهن هوءَ هڪڙو هڪسالو گھيٽو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو ڪبوتر يا هڪڙو ڳيرو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي.

7 ڪاهن مون خداوند جي حضور ۾ اها قرباني پيش ڪري ۽ هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي خون اچڻ کان پاڪ ٿيندي. ويم واري عورت لاءِ اهو ئي قاعدو آهي، پوءِ هوءَ پٽ ڄڻي يا ڌيءَ.

8 پر جيڪڏهن انهيءَ عورت کي گھيٽي ڏيڻ جيتري طاقت نہ هجي تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هوءَ پاڪ ٿي ويندي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan