Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زاريون 5 - Muslim Sindhi Bible


رحم لاءِ يروشلم وارن جي دعا

1 اي اسان جا خداوند! اسان تي جيڪي مصيبتون آيون، تن تي تون غور ڪر. اسان تي نظر ڪري ڏس تہ ڪيئن نہ اسان کي خوار خراب ڪيو پيو وڃي.

2 تنهنجي طرفان ڏنل ميراث تي ڌارين قبضو ڪيو آهي، ۽ اسان جي گھرن ۾ بہ ڌاريا ماڻهو ٿا رهن.

3 اسان جي پيئرن کي ماري اسان کي يتيم ڪيو ويو آهي، ۽ هاڻي اسان جون مائرون بي‌سهارا رنن‌زالن جيان آهن.

4 اسين پاڻي بہ ملهہ جو ٿا پيئون، ۽ ڪاٺيون بہ بها سان وٺي ٻاريون ٿا.

5 اسين ڏينهن رات لوڙيون ٿا ۽ ڪوبہ آرام ڪونہ اٿئون، تنهنڪري ڏاڍا ٿڪجي پيا آهيون.

6 اسان جيئري رهڻ ۽ کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي مصرين ۽ اشورين ڏانهن معاهدي لاءِ پنهنجو هٿ ڊگھيريون ٿا.

7 اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا، پر اهي مري کپي ويا. هاڻ انهن جي گناهن جي سزا اسان کي ڀوڳڻي ٿي پوي.

8 جيڪي اسان تي حڪمراني ٿا ڪن، سي ڪنهن ٻئي جا غلام آهن، ۽ اسان کي سندن هٿان ڇڏائڻ وارو ڪوبہ ڪونهي.

9 بيابان جي ڏڪار واري حالت ۾ رهندي اسين موت جي منهن ۾ وڃي کاڌو حاصل ڪريون ٿا.

10 بک جي ساڙيندڙ باهہ سبب، اسان جي کل تئي جهڙي ڪاري ٿي ويئي آهي.

11 صيئون ۾ توڙي سڄي يهوداہ ملڪ ۾، اسان جي زالن ۽ ڌيئرن کي بي‌حرمت ڪيو ويو آهي.

12 اسان جي حڪمرانن جا هٿ ٻڌي کين ٽنگيو ويو آهي، ۽ اسان جي بزرگن سان شرمناڪ سلوڪ ڪيو ٿو وڃي.

13 اسان جي نوجوانن کان غلامن وانگر پٿر پيهايا ٿا وڃن. ۽ اسان جي ٻارن کان ڪاٺين جو ايترو تہ ڳرو بار کڻايو ٿو وڃي جو اهي ٿاٻڙجي ٿا ڪرن.

14 اسان جي اڳواڻن کي شهر جي دروازي وٽ ويهي فيصلا ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، ۽ اسان جي نوجوانن مان ڳائڻ وڄائڻ ختم ٿي ويو آهي.

15 اسان جي دلين مان خوشيون ختم ٿي ويون آهن، ۽ اسان جو ناچ روڄ راڙي ۾ بدلجي ويو آهي.

16 اسان جي حڪمراني اسان کان کسي ويئي آهي. اسان جي اهڙي حالت اسان جي گناهن جي ئي ڪري ٿي آهي. ڪاش! اسان جي قوم گناهہ نہ ڪري ها.

17 انهيءَ ڪري اسان جون دليون ڏاڍيون غمگين آهن، ۽ اسان جي اکين اڳيان ڌنڌ ڇائنجي ويو آهي.

18 صيئون جبل ايترو تہ ويران ۽ کنڊر بڻجي ويو آهي، جو انهيءَ تي لومڙيون پيون گھمن ڦرن.

19 پر تون اي خداوند! هميشہ هميشہ تائين حڪمران رهندين. هائو، تنهنجو تخت پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو.

20 پوءِ تو اسان کي هيتري وقت کان ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ ڇو تو وڏي عرصي کان اسان کي ڇڏي ڏنو آهي؟

21 اي خداوند! تون اسان تي رحم ڪري وري اسان کي پنهنجو ڪر. تون اڳي وانگر اسان کي پنهنجيون نعمتون وري عطا ڪر.

22 ڀلا ڇا تون اسان کان ايتري قدر ناراض ٿي اسان کي هميشہ جي لاءِ ٺڪرائي ڇڏيندين؟

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan