زاريون 4 - Muslim Sindhi Bibleيروشلم جي گھيري ۽ برباديءَ جو بيان 1 آہ! ڪيئن نہ چمڪندڙ سون جھڪو ٿي ويو آهي! هائو، تمام نج سون ڪيئن نہ چمڪ وڃائي ويٺو آهي! قيمتي هيرا جواهر ڪيئن نہ گھٽين ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن! 2 آہ! صيئون جا رهاڪو، جيڪي تمام نج سون کان بہ وڌ هئا، سي ڪيئن نہ هاڻ ڪنڀر جي هٿان ٺهيل ٺڪر جي ٿانون جهڙا ٿي پيا آهن. 3 بگھڙ جهڙو جانور بہ پنهنجي ٻچن کي ڇاتيءَ سان لائي پنهنجو کير پيئاري ٿو، پر منهنجي قوم جي ماڻهن کي بياباني شتر مرغ وانگر پنهنجي ٻارڙن تي بہ رحم ڪونہ ٿو اچي. 4 گھڻيءَ اڃ سبب کير پياڪ ٻارڙن جي زبان سندن تارونءَ سان وڃي لڳي آهي. ننڍا ٻارڙا مانيءَ ڳڀي لاءِ پيا رڙن، پر ڪو مانيءَ جو ٽڪرو بہ سندن وات ۾ نہ ٿو وجھي. 5 جيڪي ڪڏهن عمدا طعام کائيندا هئا، سي هاڻي گھٽين ۾ بک پيا مرندا وتن. جيڪي عمدين پوشاڪن ۾ پلجي وڏا ٿيا، سي هاڻي گند جي ڍيرن مان ٽڪر ڳڀو پيا ڳولين. 6 منهنجي قوم وارن کي سندن گناهن جي سزا سدوم وارن جي سزا کان بہ وڌيڪ ڏني ويئي آهي. انهن جي شهر کي تہ هڪ پل ۾ ئي اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪو انساني دشمن انهيءَ تي چڙهائي ڪري نہ آيو هو. 7 يروشلم جا اڳواڻ برف کان وڌيڪ شفاف، ۽ کير کان وڌيڪ اڇا هئا. سندن بدن لعلن کان وڌيڪ ڳاڙها هئا، ۽ هو نيلم کان وڌيڪ تجليدار هئا. 8 پر هاڻي سندن شڪليون ڏامر کان بہ وڌيڪ ڪاريون ٿي ويون آهن، ۽ ڪوبہ کين سڃاڻي نہ ٿو سگھي. هنن جي کل سندن هڏين کي چنبڙي پيئي آهي، ۽ ڪومائجي سڪي ڪاٺيءَ جهڙي ٿي پيئي آهي. 9 سڀاڳا هئا اهي جيڪي جنگ ۾ قتل ٿي ويا. ويل آهي انهن باقي بچيلن لاءِ! جيڪي بک وگھي آهستي آهستي مريو وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ کين کاڌو نہ ملڻ ڪري اهي سڙندا ڳرندا پيا وڃن. 10 منهنجي قوم تي آيل مصيبت ماڻهن ۾ اهڙي تہ وحشت وجھي ڇڏي، جو مامتا رکندڙ عورتن بہ پنهنجي ٻارڙن کي پنهنجن هٿن سان اوٻاري خوراڪ ٿي بڻايو. 11 خداوند پنهنجي قهر وچان، ايترو تہ سخت غضب نازل ڪيو، جو سڄي يروشلم شهر کي ان جي بنيادن تائين ساڙي رک ڪري ڇڏيائين. 12 غير قوم جي ڪنهن بہ بادشاهہ توڙي دنيا جي ڪنهن بہ رهاڪوءَ کي اهو يقين ئي نہ ٿي آيو، تہ ڪو حملو ڪندڙ دشمن يروشلم جا دروازا ڀڃي شهر اندر گھڙي سگھندو. 13 يروشلم کي اها سزا نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن جي بدڪارين جي ڪري ملي، جن بيگناهہ ماڻهن جو رت وهرايو هو. 14 سو اهي نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن انڌن وانگر گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻندا رهيا. اهي رت ۾ ٻڏي ايترا تہ پليت ٿي ويا، جو ڪنهن بہ کين پنهنجي ڪپڙن کي هٿ لائڻ نہ ٿي ڏنو. 15 يروشلم وارن رڙيون ڪري کين چيو ٿي تہ ”پري ٿيو، اي پليتؤ! پري ٿيو. اسان کي هٿ نہ لايو، اوهين ناپاڪ آهيو.“ پوءِ اهي اتان نڪري ڪري مختلف قومن ۾ رلندا رهن ٿا، ڇالاجو ڪوبہ ماڻهو کين پاڻ وٽ رهڻ نہ ٿو ڏئي. 16 خداوند پنهنجي غضب وچان نبي سڏائيندڙن ۽ ڪاهنن کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي. هو هاڻي سندن ڪابہ سار نہ ٿو لهي. بلڪ هو اسان جي ڪاهنن کي ڪا عزت نہ ٿو ڏئي، نڪي اسان جي اڳواڻن جو ڪو لحاظ ٿو رکي. 17 اسان اهڙيءَ قوم جو انتظار ڪندا رهياسين، جيڪا اسان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿي سگھي. هائو، اسان جون اکيون انهن جي مدد لاءِ نهاري نهاري ٿڪجي پيون، پر انهن اسان جي ڪا مدد نہ ڪئي. 18 دشمن اسان جي پٺيان لڳا ٿي وتيا، سو اسين گھٽين ۾ بہ گھمي ڦري نہ ٿي سگھياسين. اسان جا ڏينهن اچي پورا ٿيا هئا، هائو، اسان جي پڇاڙي اچي پهتي هئي. 19 اسان جو پيڇو ڪندڙ دشمن بازن جي اُڏام کان بہ وڌيڪ تکا هئا. هنن جبلن تي بہ اسان جو پيڇو ڪيو، ۽ بيابان ۾ اسان جي تاڙ ۾ ويٺا هئا. 20 اسان جي بچاءَ جي اميد، يعني خداوند جي چونڊيل بادشاهہ کي بہ هنن پنهنجي ڦندي ۾ ڦاسائي وڌو، جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هو اسان کي هر حملي ڪندڙ کان محفوظ رکندو. 21 ڀلي کِلو، اي پيارا ادوم وارؤ! هائو، عُوض جا رهاڪؤ! اوهين ڀلي خوش ٿيو. پر اوهان تي بہ مصيبت جو وقت اچڻ وارو آهي. اوهين بہ سزا جو اهو پيالو پي مدهوش ٿي ويندا، ۽ اگھاڙا ڪيا ويندا. 22 اي پياري صيئون جا رهاڪؤ! اوهان جي بدڪاريءَ جي سزا اچي پوري ٿي آهي. خداوند هاڻ جلد اوهان کي جلاوطنيءَ کان موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندو. پر اي ادوم جا رهاڪؤ! خداوند اوهان جا گناهہ کولي ظاهر ڪري اوهان کي انهن بدڪارين جي سزا ڏيندو. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society