زاريون 3 - Muslim Sindhi Bibleسزا ۽ خداوند آڏو فرياد 1 آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان، جن تي خدا پنهنجي غضبناڪ لٺ سان عذاب نازل ڪيو. 2 هن مون کي ڊوڙائي ڊوڙائي اهڙي اونداهي هنڌ پهچايو، جتي روشني داخل ٿي ئي نہ ٿي سگھي. 3 آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان، جن کي بنا ڪنهن ساهيءَ جي خدا بار بار سزا ڏيندو رهي ٿو. 4 خدا منهنجي بدن جو ماس ۽ چمڙي ڳاري ڇڏيا آهن، ۽ منهنجا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا اٿس. 5 هن مون تي حملو ڪري مون کي سخت مشڪلاتن جي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. 6 جيڪي گھڻي مدت کان مري ويا آهن، تن وانگر هن مون کي اونداهيءَ ۾ بند رکيو آهي. 7 خدا مون کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي، آءٌ هڪ اهڙي قيديءَ جيان آهيان، جنهن کي نڪري ڀڄي وڃڻ جي ڪا اميد ڪانهي. 8 توڙي جو آءٌ دانهون ڪندي کيس مدد لاءِ پڪاريان ٿو، تڏهن بہ هو منهنجي دعائن تي ڪو ڌيان نہ ٿو ڏئي. 9 منهنجي هر ڪوشش ناڪام ٿي وڃي ٿي. هائو، خدا وڏا وڏا پٿر رکي منهنجيون راهون بند ڪري ڇڏيون آهن. 10 هن رڇ وانگر منهنجي تاڙ ۾ ويهي، هائو، شينهن وانگر ڳجھيءَ جڳهہ مان نڪري مون تي حملو ڪيو. 11 هن مون کي منهنجي راهہ تان گهلي چيري ڦاڙي ڇڏي ڏنو آهي. 12 هن پنهنجو تيرڪمان ڇڪي مون کي پنهنجي تيرن جو نشانو بڻائي ڇڏيو. 13 هن پنهنجي ترڪش جي تيرن سان، منهنجي اندر کي پروڻ ڪري ڇڏيو آهي. 14 سڀيئي ماڻهو مون تي کل ٺٺولي پيا ڪن. سڄو ڏينهن هر ڪو مون سان چرچو مسخري ڪندو پيو رهي. 15 خدا منهنجي زندگيءَ ۾ ڏک ئي ڏک ڏيئي ڇڏيا آهن. هائو، هن منهنجي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي. 16 خدا مون کي خاڪ ۾ ليٿڙايو آهي، بلڪ پٿريلي زمين تي منهن ڀر اڇلائي ڇڏيو اٿس جنهن ڪري منهنجا ڏند ڀڄي پيا آهن. 17 هاڻ مون کي امن وَ سلامتي جي ڪا اميد نہ رهي آهي، ۽ مون کان وسري ويو آهي تہ خوشحالي ڇا ٿيندي آهي. 18 سو مون سمجھي ڇڏيو آهي تہ منهنجي جيڪا اميد خداوند ۾ قائم وَ دائم هئي، سا بلڪل ختم ٿي ويئي آهي. 19 پنهنجي مشڪلاتن ۽ بيگھر هجڻ تي سوچڻ سان ايترو تہ ڏک ٿو ٿئي جو ڄڻ تہ آءٌ زهريلو پاڻي ٿو پيئان. 20 بلڪ آءٌ انهن سڀني ڳالهين بابت هميشہ سوچيندو ٿو رهان، تنهنڪري منهنجي دل سدائين اداس پيئي رهي. 21 تنهن هوندي بہ جڏهن آءٌ خدا جي باري ۾ هيءَ ڳالهہ ياد ڪريان ٿو، تڏهن مون ۾ آس ۽ اميد وري موٽيو اچي. 22 خداوند جي شفقت ابدي آهي، ۽ سندس رحم ڪرڻ ڪڏهن بہ بند نہ ٿو ٿئي. 23 جيئن روزانو نئين سر صبح جو تازگي هوندي آهي تيئن ئي سندس شفقت قائم وَ دائم آهي. بيشڪ خداوند جي وفا ڪيڏي نہ گھڻي آهي! 24 سو منهنجي دل چوي ٿي تہ جيئن تہ خداوند پنهنجي لاءِ مون کي وقف ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري منهنجي اميد آسرو انهيءَ ۾ ئي آهي. 25 جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن ۽ سندس ئي طالبو آهن، تن سڀني تي هو ڏاڍو مهربان آهي. 26 اسان لاءِ اهو ڪافي آهي جو اسين صبر سان انتظار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اسان کي مصيبتن کان بچائيندو. 27 بلڪ انسان لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي، جو هو پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي صبر ڪرڻ سکي. 28 جڏهن جوانيءَ ۾ مشڪلاتون اچن، تڏهن بجاءِ ٻين کي ٻڌائڻ جي خاموشيءَ سان صبر ڪري. 29 هن کي ٻاڏائيندي زمين تائين منهن جھڪائڻ گھرجي، تہ من اميد آسري جي ڪا صورت نڪري. 30 توڙي جو جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڳلن تي چماٽون هنيون وڃن، يا بيعزت ڪيو وڃي، تہ بہ هن کي اهو سڀ ڪجھہ برداشت ڪرڻ گھرجي. 31 پروردگار اسان کان هميشہ لاءِ منهن نہ موڙيندو. 32 جيتوڻيڪ هو اسان کي گھڻا ئي ڏک ڏئي ٿو، تہ بہ پنهنجي واعدي وفائي ڪندي هو رحم بہ ڪري ٿو. 33 پروردگار ڏک ڏيڻ پسند نہ ٿو ڪري، نڪي هو انسان کي ايذائڻ ٿو چاهي. 34 پروردگار ڄاڻي ٿو تہ قيد ۾ اسان کي روحاني اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون. 35 خدا تعاليٰ کي اهو بہ معلوم آهي تہ اسان جي حقتلفي ڪئي ٿي وڃي. 36 هو اهو بہ ڏسي ٿو تہ عدالت ۾ انصاف کي بگاڙيو ٿو وڃي. 37 هاڻ ڀلا پروردگار جي مرضيءَ کان سواءِ، ڪنهن کي طاقت آهي جو اهو سڀ ڪجھہ ڪري سگھي؟ 38 نيڪي هجي توڙي بدي، سڀ خدا تعاليٰ جي حڪم سان ئي ٿئي ٿو. 39 هاڻ جڏهن تہ اسان جي جيئري ئي اسان کي پنهنجي گناهن جي سزا ملي ٿي، تہ پوءِ ڇو اسين شڪايت ڪريون؟ 40 انهيءَ جي بجاءِ اچو تہ اسين پنهنجي چال چلت بابت سوچ ويچار ڪريون، ۽ پوءِ وري خداوند آڏو توبهہتائب ٿيون. 41 اچو تہ اسين پنهنجي دل جي گھراين سان خدا جي حضور ۾ دعا لاءِ آسمان ڏانهن هٿ کڻي چئون تہ 42 ”اي خداوند! بيشڪ اسان گناهہ ڪندي تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي، ۽ تو اسان کي معافي نہ ڏني. 43 تو اسان جي پٺيان پئي اسان کي قتل ڪري ڇڏيو. تو پنهنجي غضب وچان اسان تي قياس نہ ڪيو. 44 تو پاڻ کي ڪڪرن پٺيان لڪائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اسان جون دعائون تو تائين نہ پهچي سگھن. 45 تو ٻين قومن منجھہ اسان کي گند ڪچري جهڙو ڪنو ڪري ڇڏيو. 46 اسين پنهنجي سڀني دشمنن آڏو، بيعزت ۽ کل ٺٺوليءَ جو سبب بڻياسين. 47 اسان تي مصيبت ۽ تباهي نازل ڪئي ويئي، ۽ اسان خوف ۽ دهشت ۾ زندگي پيا گذاريون.“ 48 آءٌ وڌيڪ ٻاڏائيندي چوان ٿو تہ اي خداوند! منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم وارا تباهہ وَ برباد ٿي رهيا آهن. 49 تيستائين لڳاتار وهندڙ واهيءَ جيان، منهنجي اکين مان سدائين لڙڪ وهندا رهندا، 50 جيستائين تون خداوند عرش عظيم کان هيٺ نهاري اسان جي مدد ڪرين. 51 جڏهن آءٌ ڏسان ٿو تہ يروشلم جي عورتن سان ڇا ٿو ٿئي، تڏهن منهنجي دل غم سان ڀرجيو وڃي. 52 جيڪي بنا ڪنهن سبب جي منهنجا دشمن بڻيا، تن مون کي پکين وانگر شڪار ڪيو. 53 هنن مون کي جيئرو ئي اونهي کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جي منهن کي پٿر سان بند ڪري ڇڏيو. 54 پاڻي منهنجي سر کان مٿي ايترو تہ چڙهي ويو آهي، جو آءٌ سمجھان ٿو تہ هاڻ آءٌ ٻڏي مرڻ وارو آهيان. 55 سو اي خداوند! کوهہ جي تري مان آءٌ تنهنجو نالو وٺي پڪاريان ٿو. 56 تون منهنجيون دانهون ٻڌڻ کان پنهنجو منهن نہ موڙ، پر اچي منهنجي مدد ڪر ۽ مون کي بچاءِ. 57 اڄ ئي منهنجو فرياد ٻڌ، ۽ ويجھو اچي مون کي دلاسو ڏيئي چئُہ تہ ”گھٻراءِ نہ.“ 58 هائو، اي پروردگار! تون مون کي اچي ڇڏاءِ، ۽ منهنجي حياتي بچائي وٺ. 59 اي خداوند! تون مون تي ظلم ٿيندي ڏسين ٿو. هاڻي تون منهنجي حق ۾ فيصلو ڏي. 60 جيڪي بہ سازشون هنن وير وٺڻ لاءِ جوڙيون آهن، تن سڀني تي غور ڪر. 61 هائو، اي خداوند! جيڪي ملامتون اهي مون تي ڪن ٿا، ۽ جيڪي بڇڙائيءَ وارا منصوبا اهي منهنجي خلاف جوڙين ٿا، سي سڀ تون ڄاڻين ٿو. 62 اهي مون کي گھٽ وڌ پيا ڳالهائين، ۽ سڄو ڏينهن پاڻ ۾ منهنجي خلاف سازشون پيا جوڙين. 63 صبح کان وٺي رات تائين اٿندي ويهندي اهي مون تي ٽوڪ ٺٺولين وارا راڳ ڳائين ٿا. 64 سو اي خداوند! اهي جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا، تنهن موجب کين سزا ڏي. 65 هائو، تون انهن تي ملامت ڪر. ۽ کين غمن ۾ مبتلا ڪري ڇڏ. 66 اي خداوند! پنهنجي غضب وچان سندن پيڇو ڪندي روءِزمين تان سندن نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏ. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society