زاريون 2 - Muslim Sindhi Bibleيروشلم لاءِ خداوند جي سزا 1 آہ! پروردگار پنهنجي غضب وچان، پياري صيئون کان ڪيڏي نہ سخت نفرت ٿو ڪري. جيتوڻيڪ اهو بني اسرائيل جي عظمت، ۽ پروردگار جي پنهنجي آرام جي جاءِ هو، تنهن هوندي بہ ڌڻيءَ انهيءَ جي شان وَ شوڪت کي پنهنجي غضب وچان آسمان کان زمين تي اڇلائي ڇڏيو. 2 آہ! پروردگار اسان بني يعقوب جي سڀني رهڻ وارين جاين کي ڪيڏو نہ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ۽ مٿن ڪو رحم نہ ڪيو اٿس. هائو، هن پنهنجي قهر وچان پياري يهوداہ ملڪ جا سمورا قلعي وارا شهر ڪيرائي برباد ڪري ڇڏيا آهن. هن سڄي بادشاهت ۽ سندس حڪمرانن کي خاڪ ۾ ملائي ذليل ڪري ڇڏيو آهي. 3 پروردگار ايترو تہ شديد غضب ۾ هو، جو هن بني اسرائيل جي سڄيءَ طاقت کي نيست وَ نابود ڪري ڇڏيو. هائو، جڏهن مٿن دشمنن حملو ڪيو، تڏهن هن سندن ڪابہ مدد ڪانہ ڪئي. ڌڻيءَ ڀڙڪندڙ باهہ جيان، بني يعقوب کي چئني پاسن کان ساڙي رک ڪري ڇڏيو. 4 هن تيرانداز دشمن وانگر حملو ڪري پنهنجي طاقت سان اسان جي پيارن کي قتل ڪري ڇڏيو. هن اسان جي وطن تي پنهنجو قهر باهہ جيان نازل ڪيو. هائو، هن سڄي پياري صيئون کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيو. 5 پروردگار دشمن بڻجي ويو آهي، ۽ اسان جي ملڪ کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو اٿس. هائو، هن اسان جا سڀيئي محلات ۽ قلعا ناس ڪري ڇڏيا آهن. هن يهوداہ جي پياري ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم ۽ روڄ راڙو وجھي ڇڏيو آهي، جيڪو ختم نہ ٿو ٿي سگھي. 6 هن پنهنجي هيڪل، جتي سندس ئي عبادت ڪئي ويندي هئي، تنهن کي ڊاهي ائين پَٽ ڪري ڇڏيو، جيئن ڪنهن باغ مان جھوپڙي ڊاهي پَٽ ڪئي وڃي. تنهنڪري پياري صيئون ۾ عيدون ۽ سبت جا ڏينهن نہ ٿا ملهايا وڃن. هن پنهنجي قهر ۽ غضب وچان، بادشاهہ توڙي ڪاهنن کي ڌڪاري ڇڏيو آهي. 7 پروردگار پنهنجي قربانگاهہ کان نفرت ڪري ٿو، بلڪ پنهنجي سڄي مقدس هيڪل کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. هن هيڪل جا در ۽ ڀتيون دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي اهي فاتح هيڪل ۾ وڏو گوڙ شور ڪري رهيا آهن، جتي ڪڏهن دل وَ جان سان عبادت ڪئي ويندي هئي. 8 خداوند پياري صيئون جي ڪوٽن کي ڪيرائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو. هن انهن ڪوٽن جي مڪمل تباهيءَ لاءِ اهڙي رٿ رٿي، جو انهيءَ مطابق سڀيئي ٺُلهہ توڙي ڀتيون ڪري چٽ ٿي ويون. 9 صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن، ۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن. صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن. بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن، شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي، ۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي. 10 پياري يروشلم جا سڀيئي ماڻهو، پوڙها مرد توڙي نوجوان ڇوڪريون، ڌرتيءَ تي خاڪ ۾ ماٺ ڪيو ويٺا آهن. اهي پنهنجي مٿن ۾ مٽي ٿا وجھن، ۽ پنهنجي بدن تي کٿا ڍڪيا اٿائون. اهي ايترو تہ بيحال ٿي پيا آهن جو سندن مٿا وڃي زمين سان لڳا آهن. 11 آہ! پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن جي ناس ٿيڻ ڪري، ڏک وچان آءٌ دل هاري ويٺو آهيان! منهنجيون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ساڻيون ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين. منهنجي قوم جا ٻار ۽ کير پياڪ شهر جي گھٽين ۾ بيهوش پيا آهن. 12 اهي ننڍڙا ٻار پنهنجي مائن کان کاڌو ۽ کير گھرن ٿا، پر نہ ملڻ ڪري اهي ساڻا ٿي ائين ڪري پيا آهن، جيئن ڪو زخمي سپاهي گھٽيءَ ۾ پيو هجي. اهڙيءَ طرح انهن ٻارڙن جو پنهنجي مائرن جي جھوليءَ ۾ آهستي آهستي ساهہ نڪريو ٿو وڃي. 13 اي منهنجا پيارا صيئون! اي منهنجا شهر يروشلم! آءٌ تنهنجي تباهيءَ جو ڪهڙو مثال ڏيان؟ آءٌ ڪهڙي واقعي سان ڀيٽ ڪري تو کي دلاسو ڏيان؟ تو جهڙيون تڪليفون تہ ڪڏهن بہ ڪنهن ڪونہ سٺيون هونديون. سمنڊ جيان تنهنجي مصيبت جي بہ ڪا حد ئي ڪانهي. آہ! تنهنجو بچاءُ ڪهڙيءَ بہ طرح ٿي نہ ٿو سگھي! 14 تنهنجي نبي سڏائيندڙن تو سان دوکو ڪري ڪوڙيون رويائون ۽ غلط پيغام ٻڌايا. کين تو کي تنبيهہ ڪرڻ گھربي هئي، تہ جيئن تون بدڪارين کان پري رهي ڪري اهڙي خوشحال ۽ صحيح سلامت رهين جهڙي اڳئين زماني ۾ هئينءَ. پر هنن تو کي ڪوڙيون ۽ گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري ٻڌايون. 15 هاڻ اي پيارا يروشلم! تو وٽان لنگھندڙ سڀيئي ماڻهو ڪنڌ لوڏي تو تي ٺٺوليون ٿا ڪن. اهي طعنا هڻندي ۽ تنهنجي برباديءَ تي کلندي چون ٿا تہ ”ڇا هي اهو ئي شهر نہ آهي، جنهن کي ماڻهو تمام سهڻو شهر، ۽ دنيا جو فخر ڪري سڏيندا هئا؟“ 16 تنهنجا سڀ دشمن تو تي ڦٽڪار ٿا ڪن، ۽ ڪتن وانگر تو تي گُرڪن ٿا. اهي ڏند ڪرٽي چون ٿا تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن جا اسين طلبگار هئاسين، تہ اسين پنهنجي اکين سان انهيءَ شهر جي بربادي ڏسون. هاڻ اسان پاڻ انهيءَ کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي.“ 17 بيشڪ اهو جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن بابت خداوند اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. هائو، هن پنهنجي انهيءَ قول کي پورو ڪري ڏيکاريو، جيڪو هن قديم زماني ۾ فرمايو هو. هن بنا ڪنهن رحم جي تو کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ تنهنجي دشمنن کي تو تي خوش ٿيڻ ڏنو. هن تنهنجي مخالفن جي لشڪرن جي طاقت کي وڌائي ڇڏيو. 18 اي پياري صيئون جا ڪوٽ! تون پروردگار آڏو دل جي گھراين سان فرياد ڪر. رات ڏينهن تنهنجا لڙڪ نديءَ وانگر وهندا رهن. هائو، بنا رڪجڻ جي تنهنجي اکين مان لڙڪ سدائين وهندا رهن. 19 اُٿ سجاڳ ٿيءُ، سڄي رات جاڳي پروردگار کي مدد لاءِ ٻاڏائيندو رهہ. هائو، رب آڏو پنهنجيءَ دل جا سڀيئي سور کولي بيان ڪر. جيڪي باقي بچي ويل تو اندر موجود آهن، تن جي حياتي بچائڻ لاءِ خداوند کان رحم جي دعا گھر. سندن ٻار شهر جي هر گھٽيءَ ۾ بک وگھي پيا مرن. 20 يروشلم جي وسندي دانهون ڪندي چوي ٿي تہ ”اي خداوند! غور ويچار ڪري ڏس تہ تو اڳ بہ ڪنهن تي اهڙو عذاب نازل ڪيو آهي؟ ايتري قدر جو مائرون پنهنجي پيارن ٻارڙن جا لاش پيون کائين، ۽ ڪاهن توڙي نبي تنهنجي پنهنجي هيڪل ۾ قتل ڪيا پيا وڃن. 21 منهنجا ماڻهو جوان توڙي پوڙها گھٽين ۾ مئا پيا آهن. هائو، تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري منهنجا جوان مرد توڙي عورتون تلوار سان قتل ڪيا ويا آهن. تو انهن جو ڪوس ڪرايو آهي، ۽ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪيو اٿيئي. 22 اي خداوند! جڏهن تون ڪاوڙيل هئين، تڏهن تو منهنجي دشمنن کي منهنجي چوڌاري ائين آڻي گڏ ڪيو، جيئن ڪنهن کي دعوت جو سڏ ڏبو آهي. دشمنن منهنجي رهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيو. هائو، منهنجي انهن ٻارڙن کي جن کي مون ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ بچي نہ سگھيو.“ |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society