Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

زاريون 1 - Muslim Sindhi Bible


يروشلم تي ارمان

1 آہ! يروشلم جي وسندي ڪڏهن تہ ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي، پر هاڻ اها ڪيڏي نہ خالي ۽ ويران ٿي پيئي آهي! اها وسندي، جيڪا قومن ۾ عظمت رکندي هئي، سا ڪيئن نہ رن‌زال جهڙي ٿي پيئي آهي! هائو، جيڪا ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ٻانهين وانگر مجبور ٿي پيئي آهي!

2 اها هر رات زاروزار روئي ٿي، ۽ سندس ڳلن تان ڳوڙها وهندا ٿا رهن. هن جي ناجائز چاهڻ وارن مان ڪوبہ ناهي، جيڪو کيس دلاسو ڏئي. سندس سڀني دوستن ساڻس دغا ڪئي آهي، ۽ سندس دشمن ٿي پيا آهن.

3 وسنديءَ جي سڀني ماڻهن يعني يهوداہ وارن قبضي هيٺ اچي ڪري ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ پوءِ جلاوطن ڪيا ويا آهن. هو غير قومن منجھہ ڏکي زندگي پيا گھارين، ۽ کين ڪو اهڙو گھر نہ ٿو ملي جتي هو آرام سان رهي سگھن. هر طرف کين دشمن ئي دشمن نظر پيا اچن، ۽ اتان ڀڄي نڪرڻ جو کين ڪو رستو ئي نہ ٿو ملي.

4 صيئون جبل جا رستا ويران پيا آهن، ۽ يروشلم شهر جا دروازا سڃا لڳا پيا آهن، ڇاڪاڻ تہ هاڻي ڪوبہ ماڻهو عبادت ڪرڻ لاءِ هيڪل ڏانهن نہ ٿو اچي، بلڪ وڏن ڏينهن تي بہ ڪو ڪونہ ٿو اچي. سو ڪاهن ٿڌا ساهہ پيا ڀرين، ۽ شهر جون نوجوان ڇوڪريون ڏک ۾ آهن. هائو، صيئون جي سڄي وسندي غمگين آهي.

5 دشمن هاڻي شهر تي حڪمران آهن، ۽ اهي امن وَ سلامتيءَ سان پيا گذارين. بيشڪ يروشلم جي گھڻن گناهن سبب، خداوند انهيءَ کي سزا ڏني آهي. شهر جي رهاڪن کي قيدي بڻائي جلاوطن ڪيو ويو آهي.

6 پياري يروشلم جو سڄو شان وَ شوڪت، ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪو آهي. انهيءَ جا اڳواڻ اهڙن هرڻن وانگر ٿي پيا آهن، جن لاءِ ڪوبہ چراگاهہ ڪونہ آهي. سو اهي بک وگھي ايتري قدر پاهہ ٿي پيا آهن، جو شڪارين کان توڙي جو هو جان بچائڻ لاءِ ڀڄڻ چاهين تہ بہ ڀڄي نہ ٿا سگھن.

7 يروشلم جي وسندي انهن ڏينهن کي ياد پيئي ڪري، جڏهن اها خوشحال هئي. پر هاڻي اها ڏکن ۾ وڪوڙجي ويئي آهي. ان جي رهاڪن تي دشمنن قبضو ڪري کين جلاوطن ڪيو آهي. هاڻي اتي ڪوبہ ڪونهي جيڪو سندس مدد ڪري، ۽ مخالف سندس برباديءَ تي ٽهڪ ڏيئي رهيا آهن.

8 يروشلم جي وسندي اگھاڙي ٿي پيئي آهي، ۽ اڳ جيڪي ماڻهو کيس عزت ڏيندا هئا سي هاڻي کيس ڌڪارين ٿا. سو اها هاڻ آهون ڀريندي رهي ٿي، ۽ پنهنجو منهن ڍڪي ٿي. اها انهيءَ ڪري خوار خراب ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن سخت گناهہ ڪيو آهي.

9 جيتوڻيڪ سندس دامن گناهن جي گندگيءَ سان ڀريل هو، تڏهن بہ هن کي پنهنجي انجام بابت ڪو فڪر ڪونہ هو. پر هاڻ اها وسندي نهايت هيبتناڪ نموني سان هيٺ ڪيرائي ويئي آهي. کيس دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونهي، توڙي جو هوءَ دانهون ڪري چوي ٿي تہ ”اي خداوند! آءٌ مصيبت ۾ آهيان، منهنجي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ دشمن مون تي غالب پئجي ويا آهن.“

10 هن جي دشمنن ساڻس زوري ڪئي آهي، جو سندس سموري خزاني تي پنهنجا هٿ ڊگھيريا اٿن. بلڪ جن غير قوم وارن بابت خداوند حڪم فرمايو هو تہ کين بني اسرائيل قوم جي فردن ۾ هرگز شامل نہ ڪيو وڃي، سي هاڻ تہ کُليو کُلايو سندس مقدس هيڪل ۾ گھڙي آيا آهن.

11 وسنديءَ جو هر ڪو ماڻهو آهون ڀريندي کاڌي جي ڳولا ڪندو پيو وتي. اهي پنهنجيون قيمتي شيون بہ مانيءَ جي چند ٽڪرن لاءِ ڏيو ڇڏين، انهيءَ لاءِ تہ جيئن پنهنجي حياتي بچائي سگھن. سو يروشلم جي وسندي خداوند کي پڪاري ٿي تہ ”اي خداوند! مون تي نگاهہ ڪري ڏس تہ آءٌ ڪيتري نہ ذليل بڻجي ويئي آهيان!“

12 هائو، اها هر واٽهڙوءَ کي پڪاري چوي ٿي تہ ”اي واٽهڙؤ! ڏسو، ڇا اوهان جي نظر ۾ هي ڪجھہ بہ ناهي؟ غور سان ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪنهن ٻئي جو ڏک آهي ڇا؟ هائو، اهو ئي ڏک، جيڪو خداوند پنهنجي سخت قهر واري وقت مون کي رسايو.

13 هُن آسمان منجھان اهڙي باهہ موڪلي، جنهن منهنجي هڏين کي بہ ساڙي ڇڏيو. مون کي ڦندي ۾ ڦاسائي زمين تي ڪيرائي ڇڏيو اٿس. مون کي اهڙي عذاب ۾ وجھي ڇڏيو اٿس، جيڪو منهنجي جان ئي نہ ٿو ڇڏي.

14 هن منهنجي گناهن کي پاڃاريءَ جيان، منهنجي ڳچيءَ ۾ وجھي ڇڏيو آهي. انهن گناهن جو وزن ايترو تہ ڳرو آهي، جو آءٌ بلڪل نستي ٿي پيئي آهيان. هائو، ڌڻيءَ مون کي زورآور دشمنن جي حوالي ڪيو آهي، جن جي مقابلي ڪرڻ جي مون ۾ سگھہ ئي ڪانهي.

15 پروردگار منهنجي سڀني بهادر سپاهين کان منهن موڙي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي انهن جنگي جوڌن کي چِٿڻ لاءِ هڪڙو وڏو لشڪر موڪليو اٿس. آءٌ يهوداہ جي پياري ۾ پياري وسندي هئس، پر ڌڻيءَ مون کي ائين لتاڙي ڇڏيو آهي، جيئن چيچڙي ۾ انگورن کي لتاڙبو آهي.

16 اهو ئي سبب آهي جو آءٌ روئان رڙان پيئي ۽ منهنجي اکين مان ڳوڙها بس ئي نہ ٿا ڪن. ڪوبہ اهڙو ڪونهي جيڪو مون کي دلاسو ڏئي، نڪي وري ڪو همتائڻ وارو ئي آهي. دشمنن مون تي فتح حاصل ڪري منهنجي رهاڪن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.

17 ڏسو، آءٌ هر هڪ جي اڳيان پنهنجا هٿ ڊگھيڙيان ٿي، پر ڪوبہ دلاسو ڏيڻ وارو ڪونهي. اٽلندو آس‌پاس وارين سڀني قومن کي خداوند منهنجي سڀني ماڻهن جي خلاف ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ انهن جي نظرن ۾ پليت ٿي ويئي آهيان.

18 تنهن هوندي بہ خداوند عادل آهي. مون ئي سندس حڪمن جي نافرماني ڪئي هئي، جنهن جي مون کي سزا ملي رهي آهي. هاڻي اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! منهنجي ٻڌو ۽ منهنجي مصيبتن تي غور ڪريو. منهنجيون ڪنواريون ڇوڪريون توڙي جوان مرد قيد ڪري جلاوطن ڪيا ويا آهن.

19 مون پنهنجي چاهيندڙن کي مدد لاءِ سڏيو، پر هنن مون سان دغا ڪئي. منهنجا بکايل ڪاهن توڙي اڳواڻ بہ مون ۾ ٽڪر ڳڀي جي ڳولا ڪندي ڪندي موت جي منهن ۾ هليا ويا.

20 اي خداوند! ڏس، مون تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي، جنهن ڪري منهنجي گھرن اندر موت ئي موت، ۽ ٻاهر منهنجي ماڻهن جو قتلام ڪيو پيو وڃي. آءٌ ڪيڏي نہ تڪليف ۾ آهيان. منهنجي آنڊن ۾ وٽ ٿا پون، منهنجي دل ڏکويل آهي، ۽ آءٌ ڏاڍي پشيمان آهيان.

21 هر ڪو ماڻهو منهنجيون آهون تہ ٻڌي ٿو، پر اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو مون کي دلاسو ڏئي. اٽلندو مون تي تنهنجي آندل مصيبت بابت ٻڌي منهنجا دشمن خوش ٿا ٿين. سو اي خداوند! جيئن تو واعدو فرمايو آهي، تيئن تون جلدي مون وانگر انهن کي بہ سزا ڏي.

22 شل هنن جون بڇڙايون تو کان ڳجھيون نہ رهن! منهنجي سمورن گناهن جي ڪري جهڙي سزا تو مون کي ڏني آهي، تهڙي انهن کي بہ ڏي. سچ پچ تہ آءٌ اهڙي مايوس ٿي پيئي آهيان، جو منهنجيون آهون رڪجن ئي نہ ٿيون.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan