Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يهوداہ 1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي خدا پيءُ جي پيار ۽ عيسيٰ مسيح جي حفاظت ۾ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.

2 شل اوهان تي رحم، سلامتي ۽ پيار جھجھي انداز ۾ ٿيندو رهي.


ڪوڙي تعليم ڏيندڙ

3 اي عزيزؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ لکڻ لاءِ تمام گھڻو سرگرم آهيان، جنهن ۾ اسين سڀ شريڪ آهيون. پر مون پهريائين اهو لکڻ ضروري سمجھيو تہ اوهان کي تاڪيد ڪريان تہ انهيءَ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪريو، جيڪو خدا هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن کي سونپيو آهي.

4 منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پاڪ ڪلام مطابق قديم زماني کان گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌دين ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي خدا جي فضل کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند، يعني عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.

5 جيتوڻيڪ اوهين اڳي ئي گنهگار قرار ڏيڻ وارا هي سڀ مثال ڄاڻو ٿا، تنهن هوندي بہ آءٌ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان تہ خداوند پنهنجي قوم کي مصر ملڪ مان ڪڍي بچائي ورتو، پر پوءِ وري انهن مان ئي جن مٿس ڀروسو نہ رکيو تن کي تباهہ ڪيائين.

6 اهڙيءَ طرح جن ملائڪن پنهنجي مليل اختيار واري حيثيت قائم نہ رکندي پنهنجي مقرر جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري فيصلي لاءِ عظيم ڏينهن، يعني عدالت واري ڏينهن تائين اونداهيءَ ۾ رکيو آهي.

7 ساڳئي نموني سدوم، عموراہ ۽ انهن جي آس‌پاس جي شهرن وارا انهن ملائڪن وانگر زناڪاري ۽ حرامڪاريءَ جي پٺيان پئجي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ جي سزا پيا ڀوڳين ۽ اهو ٻين لاءِ عبرت جو مثال آهي.

8 انهيءَ طرح هي بي‌دين ماڻهو بہ پنهنجن خوابن جي پٺيان لڳي بدڪاريءَ واري زندگي ٿا گذارين، خداوند جي اختياريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن ۽ آسماني هستين جي بي‌حرمتي ٿا ڪن.

9 اهڙي جرئت تہ ملائڪن جي سردار ميڪائيل کي بہ ڪونہ ٿي جو ابليس تي ڦٽ لعنت ڪري، جڏهن موسيٰ جي لاش بابت هن سان بحث ۽ تڪرار پئي ڪيائين. هن ابليس کي رڳو ايترو چيو تہ ”خداوند تو تي ملامت ڪري.“

10 پر هي ماڻهو جن ڳالهين کي ڄاڻن ئي نہ ٿا، تن تي ڦٽڪار ٿا ڪن ۽ جن ڳالهين کي هو بي‌عقل جانورن وانگر فطري طور ٿا ڄاڻن، تن جي پٺيان لڳي پاڻ کي تباهہ ٿا ڪن.

11 مصيبت آهي هنن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هي قابيل جي واٽ تي ٿا هلن، نفعي جي خاطر بلعام جهڙي گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ قورح وانگر بغاوت ڪري برباد ٿا ٿين.

12 هي ماڻهو اوهان جي محبت وارين رفاقتي دعوتن لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بي‌آب ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بي‌ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن.

13 اِهي سمنڊ جون بي‌قابو ڇوليون آهن، جيڪي پنهنجي بي‌شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. هو آسمان جا ڀٽڪندڙ تارا آهن، جن لاءِ هميشہ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي.

14 حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙهيءَ مان هو، تنهن بہ انهن ماڻهن جي باري ۾ اڳڪٿي ڪندي چيو هو تہ ”ياد رکو، خداوند پنهنجي لکين ملائڪن سان ايندو.

15 هو انهيءَ لاءِ ايندو تہ جيئن سڀني ماڻهن جي عدالت ڪري ۽ انهن سڀني کي گنهگار قرار ڏئي، جن بي‌دينيءَ جو طريقو اختيار ڪري بي‌دينيءَ وارا ڪم ڪيا آهن. هو انهن سڀني سخت ڳالهين لاءِ بہ هنن بي‌دين گنهگارن کي ڏوهاري قرار ڏيندو، جيڪي سندس برخلاف ڪيون اٿائون.“

16 اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.


تاڪيد ۽ نصيحتون

17 سو اي عزيزؤ! اوهين هنن ڳالهين کي ياد رکو، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جا رسول اڳي ئي اوهان کي ٻڌائيندا ٿي رهيا تہ

18 ”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بي‌دينيءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“

19 هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي اوهان منجھہ تفرقا وجھي رهيا آهن. هي پاڪ روح کان محروم دنياوي سوچ رکندڙ ماڻهو آهن.

20-21 پر اي عزيزؤ! جيئن اوهين دائمي زندگيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي رحم جا منتظر رهو ٿا، تيئن پنهنجي نهايت ئي پاڪ ايمان ۾ هڪٻئي کي مضبوط ڪندي ۽ پاڪ روح جي مدد سان دعا گھرندي گڏجي پنهنجو پاڻ کي خدا جي پيار ۾ قائم رکو.

22 ڪليسيا ۾ جيڪي ماڻهو ايمان جي باري ۾ شڪ شبهو رکن ٿا، تن تي رحم ڪجو.

23 ڪن کي باهہ جي سزا ۾ پوڻ کان ڇڪي ڪڍي بچائجو، جڏهن تہ ڪن تي رحم ڪجو پر خوف رکندي سندن بڇڙن ڪمن کان پاسو ڪجو، ايتري قدر جو سندن پليت ٿيل ڪپڙن کان بہ نفرت ڪجو.


خدا جي واکاڻ

24 خدا، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري حضور ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان معمور ڪري بيهاري سگھي ٿو

25 ۽ جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، تنهن واحد خدا کي عظمت، قدرت، اختيار ۽ واکاڻ سونهي، جيئن ازل کان هو، هاڻي آهي ۽ هميشہ تائين هوندو. آمين.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan