يشوع 9 - Muslim Sindhi Bibleجِبعونين جي چالاڪي 1 هوڏانهن اهي بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٽڪرين ۾، هيٺاهن ڍورن ۾ ۽ وڏي سمنڊ جي ڪناري سان لبنان ملڪ تائين حتين، امورين، ڪنعانين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جا بادشاهہ هئا، تن جڏهن بني اسرائيل جي ڪاميابين جون اهي ڳالهيون ٻڌيون، 2 تڏهن هو سڀ پاڻ ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ هڪ صلاح ٿي يشوع ۽ بني اسرائيل سان جنگ ڪن. 3 پر جڏهن جِبعون شهر ۾ رهندڙ حوين ٻڌو تہ يشوع يريحو ۽ عئي شهرن سان ڇا ڇا ڪيو آهي، 4 تڏهن هنن هڪ چالاڪي ڪئي ۽ ڪجھہ ماڻهو چونڊي کين ايلچين جو ويس ڍڪرايائون. هنن پنهنجن گڏهن تي پراڻا ٻورا ۽ مئي جون پراڻيون، ڦاٽل ۽ ٽوپو ڏنل سانداريون رکيون. 5 هنن پراڻيون ۽ چتيون لڳل جتيون پيرن ۾ پاتيون ۽ پراڻا ڪپڙا پهريائون. جيڪا ماني پاڻ سان هنن کنئي سا سڀ سڪل ۽ سينواريل هئي. 6 پوءِ هو جِلجال واري خيميگاهہ ۾ يشوع وٽ آيا ۽ هن کي ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن کي چيائون تہ ”اسين هڪڙي ڏورانهين ملڪ کان آيا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اسان سان عهد ڪريو.“ 7 پر بني اسرائيل جي ماڻهن انهن حوين کي چيو تہ ”ٿي سگھي ٿو تہ اوهين اسان جي ويجھڙائيءَ ۾ رهندا هجو، تہ پوءِ اسين ڪيئن اوهان سان عهد ڪريون؟“ 8 تڏهن هنن يشوع کي چيو تہ ”اسين تنهنجا ٻانها آهيون.“ تنهن تي يشوع کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيو؟“ 9 هنن وراڻيس تہ ”اسين تنهنجا ٻانها ڏورانهين ملڪ کان خداوند اوهان جي خدا جي هاڪ ٻڌي آيا آهيون. اسان اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو آهي جيڪو اوهان جي خدا مصر جي ملڪ ۾ ڪيو هو 10 ۽ جيڪي هن اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر امورين جي ٻنهي بادشاهن سان ڪيو، يعني حشبون جي بادشاهہ سيحون سان ۽ بسن جي بادشاهہ عوج سان جيڪو عستارات ۾ رهندو هو. 11 سو اسان جي اڳواڻن ۽ اسان جي ملڪ جي سڀني رهاڪن اسان کي چيو تہ ’اوهين سفر جي لاءِ سمر کڻي وڃي هنن سان ملو ۽ کين ٻڌايو تہ اسين سندن ٻانها آهيون، تنهنڪري هو اسان سان سلامتيءَ وارو عهد ڪن.‘“ 12 پوءِ هنن يشوع کي چيو تہ ”جنهن ڏينهن اسين اوهان وٽ اچڻ لاءِ روانا ٿياسين تنهن ڏينهن هيءَ ماني گرم هئي جيڪا اسان پنهنجي گھران ٻڌي کنئي هئي، پر هاڻي ڏسو تہ اُها سڪي، سينوارجي ويئي آهي. 13 جڏهن اسان هي مئي جون سانداريون ڀريون هيون تڏهن اهي نيون هيون، پر هاڻي ڏسو تہ اهي ڦاٽي پيون آهن. هي اسان جا ڪپڙا ۽ اسان جون جتيون تمام ڊگھي سفر ڪرڻ ڪري پراڻيون ٿي ويون آهن.“ 14 تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن انهن جي کاڌي مان رسمي طور ڪجھہ کائيندي هنن کي قبول ڪيو، پر انهيءَ باري ۾ خداوند کان صلاح نہ پڇيائون. 15 پوءِ يشوع ساڻن صلح ڪري کين جيئدان ڏيڻ جو عهد ڪيو ۽ قوم جي اڳواڻن قسم کڻي انهيءَ عهد جي تائيد ڪئي. 16 انهيءَ عهد ڪرڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ بني اسرائيل کي خبر پيئي تہ اهي تہ سندن پاڙيسري آهن ۽ سندن ويجھڙائيءَ ۾ ئي رهن ٿا. 17 سو بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن ماڻهن جي شهرن ۾ اچي پهتا. انهن جا شهر هي هئا: جِبعون، ڪفيرہ، بيروت ۽ قريتيعريم. 18 پر بني اسرائيل انهن تي حملو نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ قوم جي اڳواڻن انهن سان خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو هو. انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو انهيءَ بابت اڳواڻن خلاف ڪُرڪڻ لڳا. 19 پر انهن اڳواڻن کين وراڻيو تہ ”اسان هنن سان خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو آهي، انهيءَ ڪري هاڻي اسين هنن کي هٿ لائي نہ ٿا سگھون. 20 اسان کي ضرور کين جيئدان ڏيڻ گھرجي انهيءَ لاءِ تہ اسان ساڻن جيڪو قسم کنيو هو تنهن جي ٽوڙڻ ڪري اسان تي غضب نازل نہ ٿئي. 21 سو کين جيئرو رهڻ ڏيو، پر هو سڄيءَ قوم لاءِ ڪاٺير ۽ ماشڪي ٿي رهندا.“ اهڙيءَ طرح اڳواڻن جي قسم جو ڀرم رکيو ويو. 22 پوءِ يشوع انهن جِبعون ۾ رهندڙن کي گھرايو ۽ کين چيائين تہ ”ڇو اوهان هي چئي اسان سان دوکو ڪيو آهي تہ ’اسين اوهان کان پري ٿا رهون،‘ جڏهن تہ حقيقت ۾ اوهين اسان جي ويجھڙائيءَ ۾ رهو ٿا؟ 23 تنهنڪري هاڻي اوهين لعنتي آهيو. اوهين سڀ هميشہ غلاميءَ هيٺ رهندا ۽ منهنجي خدا جي پاڪ گھر لاءِ ڪاٺيون وڍيندا رهندا ۽ پاڻي ڀريندا رهندا.“ 24 هنن يشوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان توهان جن ٻانهن کي پڪيءَ طرح اِها خبر پيئي هئي تہ خداوند توهان جي خدا پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ هو اوهان کي هي سڄو ملڪ ڏيندو ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي اوهان جي اڳيان ماري ڇڏيندو. سو اسان کي اوهان کان پنهنجي جان جو ڏاڍو خوف ٿيو، انهيءَ ڪري ئي اسان ائين ڪيو. 25 هاڻي اسين اوهان جي هٿ ۾ آهيون. جيئن توهان کي چڱو ۽ مناسب ڏسڻ ۾ اچي تيئن ڀلي اسان سان ڪريو.“ 26 سو يشوع هيئن ڪيو جو انهن کي بني اسرائيل جي هٿن مان ڇڏايائين ۽ هنن کين قتل نہ ڪيو. 27 انهيءَ سان گڏوگڏ يشوع انهن کي قوم جي لاءِ ۽ خداوند جي قربانگاهہ جي لاءِ ڪاٺير ۽ ماشڪيءَ جي ڪم تي مقرر ڪيو. اڄ ڏينهن تائين هو انهيءَ قربانگاهہ واري جاءِ ۾ اهو ڪم ڪندا ٿا اچن، جا خدا پنهنجي لاءِ چونڊي هئي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society