يشوع 8 - Muslim Sindhi Bibleعئي شهر تي قبضو 1 پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ”ڊڄ نہ، نڪي بيهمت ٿيءُ. سڀ جنگي جوان پاڻ سان کڻ ۽ عئي شهر تي وڃي حملو ڪر. ڏس، مون عئيءَ جو بادشاهہ، سندس قوم، سندس شهر ۽ سندس علائقو تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. 2 تون عئي شهر ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان بہ ائين ئي ڪجانءِ جيئن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ، پر هن دفعي اوهين انهي جي لٽ جو مال ۽ چوپايو مال ڀلي پنهنجي لاءِ رکجو. شهر تي قبضي جي لاءِ اوهين انهيءَ جي پٺيان لڪي تيار ٿي ويهجو.“ 3 سو يشوع ۽ سندس سڀ جنگي مرد عئي شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا. يشوع ٽيهہ هزار بهادر جنگي جوان چونڊي ڪڍيا ۽ انهن کي رات جو روانو ڪيائين. 4 روانو ڪرڻ وقت هن کين حڪم ڏنو تہ ”اوهين شهر جي پٺيان لڪي ويهي رهجو. شهر کان گھڻو پري نہ وڃجو ۽ سڀ تيار ٿي ويهجو. 5 آءٌ ٻين سڀني ماڻهن کي ساڻ ڪري شهر جي اڳيان ايندس. پوءِ جڏهن هو اسان سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري ايندا تڏهن اسين اڳي وانگر انهن کي پٺي ڏيئي وٺي ڀڄنداسين. 6 هو اسان جو پيڇو ڪندا، تان جو اسين انهن کي شهر کان گھڻو پري ڪڍي وينداسين. انهيءَ مان هو ائين ئي سمجھندا تہ ’هي تہ اڳي وانگر اسان جي اڳيان ڀڳا ٿا وڃن.‘ سو جڏهن اسين هنن کان ڀڄون، 7 تڏهن اوهين پنهنجي لڪي ويهڻ واريءَ جاءِ مان نڪري شهر تي وڃي قبضو ڪجو. خداوند خدا اهو اوهان جي حوالي ڪندو. 8 جڏهن اوهين شهر تي قبضو ڪري وڃو، تڏهن انهيءَ کي باهہ ڏيئي ڇڏجو. ائين ئي ڪجو جيئن خداوند حڪم ڏنو آهي. ياد رکو، مون اوهان کي اهو حڪم ٻڌائي ڇڏيو آهي.“ 9 پوءِ يشوع انهن کي روانو ڪيو. هو لڪي ويهڻ واري جاءِ ڏانهن روانا ٿيا ۽ عئي شهر جي اولهہ طرف، عئي ۽ بيتايل جي وچ ۾ لڪي ويهي رهيا. يشوع اها رات خيميگاهہ ۾ پنهنجي قوم منجھہ گذاري. 10 ٻئي ڏينهن يشوع صبح جو سوير اٿيو ۽ سڀني ماڻهن کي سڏي گڏ ڪيائين. پوءِ هو ۽ بني اسرائيل جا اڳواڻ انهن جي اڳيان ٿي عئي شهر ڏانهن هليا. 11 سڀ جنگي جوان جيڪي يشوع سان گڏ هئا سي شهر کي آمهون سامهون اچي ويجھو پهتا. هنن عئيءَ شهر جي اتر واري پاسي پنهنجا تنبو کوڙيا. انهن تنبن ۽ عئي شهر جي وچ ۾ هڪڙي ماٿري هئي. 12 يشوع اٽڪل پنج هزار ماڻهن کي شهر جي اولهہ طرف، بيتايل ۽ عئيءَ جي وچ ۾ لڪائي ويهاريو. 13 اهڙيءَ طرح لشڪر کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. هڪڙو حصو شهر جي اتر واري پاسي کان ۽ باقي ٻيو حصو جيڪي لڪي ويهڻ وارا هئا سي اولهہ طرف کان. يشوع اها رات ماٿريءَ جي وچ ۾ گذاري. 14 جڏهن عئيءَ جي بادشاهہ کي اها خبر پيئي تڏهن هو پاڻ ۽ سندس شهر جا ماڻهو صبح جو سوير اُٿي تڙتڪڙ ۾ تياري ڪري اردن ماٿريءَ جي سامهون بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري آيا. پر کين اها خبر ڪانہ هئي تہ ڪي ماڻهو شهر جي پٺيان بہ لڪا ويٺا آهن. 15 تڏهن يشوع ۽ ٻيا بني اسرائيل هنن جي اڳيان شڪست کاڌل هجڻ جو ڍونگ ڪري بيابان جو رستو وٺي اُٿي ڀڳا. 16 عئي شهر وارن پنهنجي شهر جي سڀني ماڻهن کي هنن جو پيڇو ڪرڻ لاءِ سڏي گڏ ڪيو. پوءِ هنن يشوع جو پيڇو ڪيو، تان جو شهر کان پري نڪري ويا. 17 عئيءَ ۾ توڙي بيتايل ۾ هڪڙو بہ اهڙو ماڻهو ڪونہ رهيو جو بني اسرائيل جي پٺيان نہ ويو. انهن شهرن کي کُليل ئي ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ سمورا بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيا. 18 پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”جيڪو نيزو تنهنجي هٿ ۾ آهي سو عئيءَ شهر ڏانهن ڊگھيڙ، اهو شهر آءٌ تنهنجي حوالي ڪرڻ وارو آهيان.“ سو يشوع اهو نيزو عئيءَ شهر ڏانهن ڊگھيڙيو. 19 جيئن ئي هن هٿ ڊگھيڙيو تہ سڀ لڪل ماڻهو هڪدم پنهنجين جاين تان نڪري پيا ۽ ڊوڙي وڃي شهر تي قبضو ڪيائون ۽ فوراً انهيءَ کي باهہ ڏنائون. 20 عئيءَ جي ماڻهن جڏهن پوئتي نهاريو تہ ڇا ڏٺائون تہ شهر جو دونهون آسمان سان پيو ڳالهيون ڪري، تڏهن هنن کي ڪنهن بہ پاسي بچي نڪرڻ جو وجھہ ڪونہ مليو، ڇو تہ بيابان ڏانهن ڀڄندڙ بني اسرائيل پڻ پنهنجو پيڇو ڪندڙن تي حملو ڪرڻ لاءِ پوئتي ڦري پيا. 21 جڏهن يشوع ۽ سڄي بني اسرائيل ڏٺو تہ لڪل ماڻهن وڃي شهر تي قبضو ڪيو آهي ۽ شهر مان دونهون اُٿي رهيو آهي، تڏهن انهن ڦري عئيءَ جي ماڻهن کي مارڻ شروع ڪيو. 22 جيڪي بني اسرائيل شهر ۾ هئا سي پڻ جنگ ڪرڻ لاءِ شهر مان نڪري پيا، اهڙيءَ طرح عئي شهر جا ماڻهو بني اسرائيل جي وچ ۾ ڦاسي پيا. بني اسرائيل جي ماڻهن انهن سڀني کي ماري ڇڏيو. انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو ۽ نہ ئي وري ڪو ڀڄي نڪتو. 23 پر رڳو عئيءَ جي بادشاهہ کي هنن جيئرو پڪڙي ورتو ۽ کيس يشوع وٽ وٺي آيا. 24 بني اسرائيل بيابان ۾ ئي عئيءَ شهر جي انهن سڀني ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو جن سندن پيڇو ڪيو هو. پوءِ هو عئيءَ شهر ڏانهن موٽيا ۽ اتي باقي بچيل ماڻهن کي پڻ تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون. 25-26 جيستائين عئي شهر جو هر شخص ماريو نہ ويو تيستائين يشوع پنهنجو نيزو عئي شهر ڏانهن ڊگھيري رکيو. تنهن ڏينهن عئي شهر جا سڀ رهاڪو، يعني ٻارهن هزار مرد ۽ عورتون ماريا ويا. 27 بني اسرائيل چوپايومال ۽ انهيءَ شهر مان هٿ آيل ٻيو لٽ جو مال پنهنجي لاءِ رکيو، جيئن خداوند يشوع کي چيو هو. 28 يشوع عئيءَ شهر کي ساڙي هميشہ جي لاءِ رک جو ڍير ڪري ڇڏيو ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ويران آهي. 29 هن عئيءَ جي بادشاهہ کي وڻ ۾ ٽنگي ڦاسي ڏني ۽ انهيءَ جو لاش شام تائين اتي ٽنگيو پيو هو. سج لٿي مهل يشوع جي حڪم سان هنن انهيءَ جو لاش وڻ تان هيٺ لاهي شهر جي ٻاهرين دروازي جي منهن وٽ اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون جيڪو اڄ ڏينهن تائين اتي موجود آهي. عيبال جبل تي شريعت جو پڙهجڻ 30 پوءِ يشوع عيبال جبل تي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، 31 جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏنو هو. هن اها انهيءَ مطابق ٺاهي جيئن موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، يعني تہ ”هڪ اڻگھڙيل پٿرن واري قربانگاهہ، جنهن تي ڪوبہ لوهي اوزار استعمال نہ ٿيو هجي.“ انهيءَ تي هنن ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون. 32 هن موسيٰ جي لکيل شريعت جو هڪڙو نقل بني اسرائيل جي روبرو اتي پٿرن تي لکيو. 33 سڀ بني اسرائيل ڌارين سميت پنهنجن اڳواڻن، عملدارن ۽ ججن سان گڏ خداوند جي عهد واري صندوق جي ٻنهي پاسن کان انهيءَ صندوق جي کڻي هلندڙ لاوي ڪاهنن ڏانهن منهن ڪيو بيٺا هئا. ماڻهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا هئا ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون. خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي برڪت حاصل ڪرڻ جي وقت ائين ڪرڻ لاءِ اڳي ئي اهڙو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو. 34 تنهن کان پوءِ يشوع شريعت جون اهي سڀ ڳالهيون، برڪتون توڙي لعنتون، جيئن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل هيون تيئن پڙهي ٻڌايون. 35 سو جن ڳالهين جو موسيٰ حڪم ڏنو هو، تن مان هڪڙي بہ ڳالهہ اهڙي نہ رهي جيڪا يشوع بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم اڳيان نہ پڙهي هجي. اتي عورتون، ٻار ۽ قوم ۾ رهندڙ ڌاريا بہ موجود هئا. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society