Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 7 - Muslim Sindhi Bible


عڪن جي خيانت

1 بني اسرائيل مخصوص ڪيل شين ۾ خيانت ڪئي. هائو، يهوداہ جي قبيلي مان عڪن نالي هڪ شخص، جيڪو ڪرميءَ جو پٽ، زبديءَ جو پوٽو ۽ جيڪو زارح جي گھراڻي مان هو، تنهن مخصوص شين مان ڪا شيءِ کنئي. انهيءَ ڪري خداوند جي ڪاوڙ بني اسرائيل تي ڀڙڪي.

2 يشوع يريحو مان عئي شهر ڏانهن ڪجھہ ماڻهو موڪليا، جيڪو بيت‌ايل جي اوڀر طرف بيت‌آون جي ويجھو آهي. هن کين چيو تہ ”اوهين وڃي انهيءَ علائقي جي جاسوسي ڪري اچو.“ سو اهي ماڻهو ويا ۽ عئي شهر جي جاسوسي ڪيائون.

3 پوءِ انهن موٽي اچي يشوع کي چيو تہ ”عئي شهر تي حملي ڪرڻ لاءِ سڀني ماڻهن جي وڃڻ جي ضرورت نہ آهي. رڳو ٻہ يا ٽي هزار ماڻهو وڃي اهو شهر هٿ ڪن. سو سڀني ماڻهن کي اوڏانهن وڃڻ جي تڪليف نہ ڏيو، ڇو تہ اتي ٿورا ماڻهو آهن.“

4 تڏهن اٽڪل ٽي هزار ماڻهو اوڏانهن ويا. پر انهن کي عئيءَ جي رهاڪن ڀڄائي ڪڍيو

5 ۽ منجھائن اٽڪل ڇٽيهہ ماڻهو ماري وڌائون. هنن شهر جي دروازي کان وٺي پٿرن جي کاڻين تائين انهن جو پيڇو ڪيو ۽ لاهيءَ تائين کين ماريندا آيا. پوءِ تہ بني اسرائيل جو ساهہ ئي سڪي ويو.

6 تڏهن يشوع ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن ڏک وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان شام تائين زمين تي منهن ڀر پيا رهيا. هنن پنهنجن مٿن ۾ مٽي پڻ وڌي.

7 پوءِ يشوع چوڻ لڳو تہ ”آہ! اي خداوند خدا! ڇو تو هن قوم کي اردن درياءَ جي پار آندو؟ ڇا انهيءَ لاءِ تہ اسان کي امورين جي حوالي ڪرين؟ يا انهيءَ لاءِ تہ اسين ناس ٿي وڃون؟ جيڪر اسين اردن درياءَ جي هُن ڀر ئي راضي ٿي رهي پئون ها!

8 اي مالڪ! بني اسرائيل جي پنهنجي دشمنن جي اڳيان پٺ ڏيئي ڀڄڻ کان پوءِ آءٌ ڇا چوان؟

9 ڪنعاني ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري وڪوڙي ويندا ۽ ڌرتيءَ تان اسان جو نالو ئي مِٽائي ڇڏيندا. پوءِ تون پنهنجي عظيم نالي لاءِ ڇا ڪندين؟“

10 تڏهن خداوند يشوع کي چيو تہ ”اُٿي کڙو ٿيءُ. تون ڇو ائين منهن ڀر پيو آهين؟

11 بني اسرائيل گناهہ ڪيو آهي. جنهن عهد تي قائم رهڻ جو مون کين حڪم ڏنو هو سو هنن ٽوڙي مخصوص شين مان ڪجھہ شيون کنيون آهن، يعني هنن چوري ڪئي آهي. انهن اهي شيون کڻي پنهنجي سامان سان گڏايون آهن ۽ انهيءَ ڳالهہ تي پردو بہ وڌو اٿن.

12 انهيءَ ڪري ئي بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگھن. هو انهن کي پٺي ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ کي تباهيءَ جي لائق بڻايو آهي. هاڻ جيستائين اوهين پاڻ منجھان انهن مخصوص شين کي ناس نہ ڪندا جيڪي ناس ڪرڻيون آهن، تيستائين آءٌ اوهان سان نہ هوندس.

13 سو تون اُٿ ۽ وڃي ماڻهن کي پاڪ ڪر. کين چئُہ تہ سڀاڻي منهنجي اڳيان اچڻ لاءِ هو پاڻ کي پاڪ ڪن. آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا هيئن چوان ٿو تہ ’اي بني اسرائيل! اوهان وٽ فنا ڪرڻ لاءِ ڪي مخصوص شيون آهن. جيستائين اوهين اهي پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي ڪين سگھندا.‘

14 سو سڀاڻي صبح جو هو پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب اچي حاضر ٿين. جنهن قبيلي کي آءٌ خداوند ڪڍي ڌار ڪريان سو پنهنجي پنهنجي گھراڻي موجب اڳتي وڌي اچي. جنهن گھراڻي کي آءٌ خداوند ڪڍي ڌار ڪريان، سو پنهنجي پنهنجي ڪٽنب موجب اڳتي وڌي اچي ۽ جنهن ڪٽنب کي آءٌ خداوند ڪڍي ڌار ڪريان، سو هڪ هڪ ڄڻو ٿي اڳتي وڌي اچي.

15 جيڪو ماڻهو انهن مخصوص ڪيل شين جي چوريءَ ۾ پڪڙيو ويندو سو ۽ سندس ڪٽنب ۽ سندن سمورو سامان باهہ ۾ ساڙيو ويندو، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جو عهد ٽوڙيو آهي ۽ بني اسرائيل ۾ شرمناڪ ڪم ڪيو اٿائين.“

16 سو يشوع صبح جو سوير اُٿي بني اسرائيل کي قبيلو قبيلو ڪري حاضر ڪيو، تڏهن يهوداہ قبيلو ڪڍي ڌار ڪيو ويو.

17 هن يهوداہ قبيلي کي گھراڻو گھراڻو ڪري اڳتي آندو تہ زارح جو گھراڻو ڪڍي ڌار ڪيو ويو. هن زارح جي گھراڻي کي ڪٽنب ڪٽنب ڪري اڳتي آندو تہ زبديءَ جو ڪٽنب ڪڍي ڌار ڪيو ويو.

18 هن زبديءَ جي ڪٽنب کي ماڻهو ماڻهو ڪري اڳتي آندو تہ ڪرميءَ جو پٽ، زبديءَ جو پوٽو ۽ زارح جي گھراڻي مان عڪن، جيڪو يهوداہ قبيلي جو هو سو ڪڍي ڌار ڪيو ويو.

19 تڏهن يشوع عڪن کي چيو تہ ”اي پٽ! خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ. جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ، اهو مون کان نہ لڪاءِ.“

20 تڏهن عڪن يشوع کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”بيشڪ مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو گناهہ ڪيو آهي. مون هيئن ڪيو هو جو

21 لُٽ جي مال ۾ مون بابل ملڪ جي هڪڙي سهڻي پوشاڪ، اٽڪل ٻہ ڪلوگرام چاندي ۽ تقريباً اڌ ڪلو تور جي هڪ سوني سر ڏٺي. مون کي انهن جي لالچ ٿي، سو مون اهي کڻي ورتيون. هاڻي اهي منهنجي تنبوءَ ۾ زمين اندر پوريل آهن، چاندي سڀني جي هيٺان آهي.“

22 تڏهن يشوع ڪجھہ ماڻهو موڪليا جيڪي عڪن جي تنبوءَ ۾ ڊوڙي ويا ۽ اهي شيون هن جي تنبوءَ ۾ پوريل لڌائون، چاندي سڀني جي هيٺان هئي.

23 هنن اهي شيون تنبوءَ مان ڪڍي ٻاهر آنديون ۽ يشوع ۽ سڄي بني اسرائيل جي اڳيان کڻي آيا ۽ آڻي خداوند جي حضور ۾ رکيائون.

24 پوءِ يشوع ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن زارح جي گھراڻي واري عڪن کي کڻي سوگھو ڪيو ۽ اها چاندي، پوشاڪ، سوني سر، عڪن جا پٽ، ڌيئر، ڍور ڍڳا، گڏهہ، رڍون، سندس تنبو ۽ ٻيو جيڪي بہ وٽس هو سو هٿ ڪيو ۽ انهن کي هڪ ماٿريءَ ۾ آندائون.

25 يشوع چيو تہ ”تو اسان تي هيءَ مصيبت ڇو آندي آهي؟ اڄ خداوند تو تي مصيبت آڻيندو.“ پوءِ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن هن کي ۽ سندس خاندان کي سنگسار ڪيو ۽ بعد ۾ ملڪيت سميت کين ساڙي ڇڏيائون.

26 هنن انهيءَ جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين اتي موجود آهي. انهيءَ ڪري اها ماٿري اڄ ڏينهن تائين عڪور جي نالي سان سڏجي ٿي. پوءِ خداوند بني اسرائيل تان پنهنجو غضب هٽايو.

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan