Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 4 - Muslim Sindhi Bible


يادگيريءَ وارا پٿر

1 جڏهن سڄي قوم اردن درياءُ پار ڪري ڪنعان ملڪ ۾ پهتي تڏهن خداوند يشوع کي چيو تہ

2 ”مردن مان ٻارهن ڄڻا چونڊي ڪڍ، يعني هر هڪ قبيلي مان هڪڙو ڄڻو.

3 انهن کي حڪم ڏي تہ اردن درياءَ جي وچ ۾ جنهن هنڌ ڪاهن بيٺا آهن، تنهن هنڌان ٻارهن پٿر کڻي اچن. کين ٻڌاءِ تہ اهي پٿر پاڻ سان کڻي ڪنعان جي انهيءَ هنڌ رکن جتي اوهين اڄ رات وڃي رهندا.“

4 پوءِ يشوع ٻارهن ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽

5 کين چيائين تہ ”اوهين اردن درياءَ جي وچ ۾ واپس وڃو جتي ڪاهن عهد واري صندوق جھليو بيٺا آهن. بني اسرائيل جي قبيلن جي شمار مطابق اوهان مان هر ڪو ماڻهو اتان هڪڙو هڪڙو پٿر پنهنجي ڪلهي تي کڻي اچو،

6 انهيءَ لاءِ تہ اهي پٿر اوهان سڀني جي لاءِ هڪڙي يادگيري ٿين. جڏهن ايندڙ وقت ۾ اوهان جا ٻار اوهان کان پڇن تہ ’هنن پٿرن جو ڪهڙو مطلب آهي؟‘

7 تڏهن اوهين انهن کي اهو جواب ڏجو تہ ’جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق اردن درياءَ منجھان گذري تہ درياءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو هو.‘ سو اهي پٿر بني اسرائيل جي لاءِ هميشہ جي واسطي انهيءَ ڳالهہ جي يادگيريءَ جي نشاني ٿي رهندا.“

8 تڏهن هنن ائين ئي ڪيو جيئن يشوع کين حڪم ڏنو. جهڙيءَ طرح خداوند يشوع کي فرمايو هو، تهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي قبيلن جي شمار موجب هنن ٻارهن پٿر اردن درياءَ جي وچ مان کنيا. اُهي پٿر پاڻ سان کڻي انهيءَ هنڌ آندائون جتي بني اسرائيل رهيا ۽ اتي اهي رکي ڇڏيائون.

9 يشوع پڻ ٻيا ٻارهن پٿر اردن درياءَ جي وچ ۾ انهيءَ هنڌ کوڙي ڇڏيا جتي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا ڪاهن بيٺا هئا. اهي پٿر اڄ ڏينهن تائين اتي ئي موجود آهن.

10-13 جيڪي جنگي جوان بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي مان جنگ جي لاءِ آيا هئا سي موسيٰ جي چوڻ مطابق هٿيار ٻڌي ٻين ماڻهن کان اڳ ۾ جلدي جلدي عهد واري صندوق جي اڳيان لنگھي پار ويا ۽ يريحو شهر جي ويجھو ميدان تي لڙائيءَ لاءِ آيا. اهي اٽڪل چاليهہ هزار ماڻهو هئا. پوءِ جيستائين سڀ ماڻهو پار لنگھي نہ ويا ۽ اهو سمورو ڪم پورو نہ ٿيو جنهن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ ۽ يشوع کي حڪم ڏنو هو، تيستائين ڪاهن عهد جي صندوق سميت اردن درياءَ جي وچ ۾ بيٺا رهيا.

14-18 پوءِ خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارن ڪاهنن کي حڪم ڏي تہ هو اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر اچن.“ سو يشوع ڪاهنن کي حڪم ڏنو تہ ”اوهين اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر اچو.“ تڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کڻي هلڻ وارا ڪاهن بہ اردن درياءَ مان نڪري ٻاهر آيا ۽ جيئن ئي انهن پنهنجا پير سڪيءَ زمين تي رکيا، تہ اردن درياءَ جو وهڪرو وري شروع ٿي ويو ۽ اڳي وانگر پاڻي ڪنارن کان ٻاهر وهڻ لڳو. انهيءَ ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي نظرن ۾ يشوع کي سرفراز ڪيو ۽ بني اسرائيل سندس سڄي حياتيءَ تائين کانئس اهڙو ڊڄندا رهيا جهڙو موسيٰ کان ڊڄندا هئا.

19 انهن ماڻهن پهرئين مهيني جي ڏهين تاريخ اردن درياءُ پار ڪري، يريحو شهر جي اوڀر واري سرحد تي جِلجال ۾ اچي منزل ڪئي.

20 هنن جيڪي ٻارهن پٿر اردن درياءَ مان ڪڍي آندا هئا سي يشوع اتي جِلجال ۾ کوڙي ڇڏيا.

21 پوءِ يشوع بني اسرائيل کي چيو تہ ”ايندڙ وقت ۾ جڏهن اوهان جا ٻار اوهان کان پڇن تہ ’هنن پٿرن جو مطلب ڇا آهي؟‘

22 تڏهن اوهين پنهنجن ٻارن کي ٻڌائجو تہ ’بني اسرائيل هن وهندڙ اردن درياءَ وچان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار آيا هئا.‘

23 جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اسان جي اڳيان ڳاڙهو سمنڊ سڪايو هو، جيستائين اسين لنگھي پار نہ ٿيا هئاسين، تهڙيءَ طرح هن اوهان جي اڳيان اردن درياءَ جو پاڻي پڻ سڪائي ڇڏيو، جيستائين اوهين لنگھي پار نہ ٿيا.

24 هن اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ دنيا جون سڀ قومون ڄاڻي وٺن تہ خداوند ڪيڏي نہ وڏيءَ قدرت وارو آهي ۽ انهيءَ لاءِ بہ تہ اوهين هميشہ خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan