يشوع 24 - Muslim Sindhi Bibleسڪم شهر وٽ تجديد عهد 1 يشوع بني اسرائيل جي سڀني قبيلن کي سڪم ۾ آڻي گڏ ڪيو. هن بني اسرائيل جي سردارن، اڳواڻن، ججن ۽ عملدارن کي گھرايو ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا. 2 تڏهن يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’اڳئين زماني ۾، اوهان جا ابا ڏاڏا توڙي تارح، ابراهيم ۽ نحور جي پيءُ جي وقت تائين فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر رهندا هئا، جتي هو ٻين معبودن جي پوڄا ڪندا هئا. 3 پوءِ مون اوهان جي ابي ابراهيم کي فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر کان ڪڍي آندو ۽ ڪنعان جي سڄي زمين ۾ مون هن جي رهنمائي ڪئي. مون سندس اولاد وڌائي. مون کيس اسحاق ڏنو 4 ۽ اسحاق کي يعقوب ۽ عيسو ڏنو. مون عيسوءَ کي ادوم جو جابلو علائقو ملڪيت ڪري ڏنو، پر يعقوب پنهنجي ٻارن سميت مصر ڏانهن ويو. 5 تنهن کان پوءِ مون موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو ۽ مصر تي مصيبتون موڪليم. پوءِ مون اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آندو. 6 جڏهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍيو ۽ هو سمنڊ وٽ پهتا، تہ مصرين پنهنجي جنگي گاڏين ۽ گھوڙي سوارن سان ڳاڙهي سمنڊ تائين سندن پيڇو ڪيو. 7 تڏهن اوهان جي ابن ڏاڏن مون خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو ۽ مون انهن ۽ مصرين جي وچ ۾ اونداهي آڻي ڇڏي. پوءِ مون سمنڊ کي اٿلائي مصرين جي مٿان وڌو تہ اهي ٻڏي ويا. جيڪي مون مصرين سان ڪيو سو اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺو. پوءِ اوهين گھڻو ئي وقت بيابان ۾ رهيا پيا هئا. 8 پوءِ مون اوهان کي امورين جي ملڪ ۾ آندو جنهن جا ماڻهو اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر اوڀر پاسي رهندا هئا. اهي اوهان سان وڙهيا پر مون اوهان کي انهن تي سوڀ ڏني. مون انهن کي اوهان جي اڳيان برباد ڪري ڇڏيو ۽ اوهان انهن جي زمين پنهنجي قبضي ۾ آندي. 9 پوءِ موآب جو بادشاهہ، بلق ولد صفور، اوهان سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ هن بعور جي پٽ بلعام کي اوهان تي لعنت وجھڻ لاءِ گھرايو. 10 پر مون بلعام جي ڳالهہ نہ ٻڌي ۽ هن لعنت وجھڻ جي بجاءِ گھڙيءَ گھڙيءَ اوهان کي دعا ٿي ڏني. اهڙيءَ طرح مون اوهان کي بلق جي هٿن کان بچايو. 11 پوءِ اوهين اردن درياءُ پار ڪري يريحو شهر ۾ آيا. انهيءَ شهر جي ماڻهن کان علاوہ اموري، فرزي، ڪنعاني، حتي، جِرجاشي، حوي ۽ يبوسي قوم وارن پڻ اوهان سان جنگ ڪئي. پر مون اوهان کي انهن سڀني تي فتح ڏني. 12 مون اوهان جي اڳيان اڳيان ٻن اموري بادشاهن ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيو ۽ اهي اوهان جي اڳيان وٺي ڀڳا. انهن کي اوهان جي تلوار يا تيرڪمان ڪونہ ڀڄايو هو. 13 مون اوهان کي زمين ڏني جنهن تي اوهان ڪابہ محنت ڪانہ ڪئي هئي ۽ اهي شهر بہ جيڪي اوهان نہ ٻڌا هئا. هاڻ اوهين انهن ۾ رهو ٿا ۽ انهن جي انگورن جي باغن ۽ زيتون جي وڻن مان کائو ٿا جيڪي اوهان نہ پوکيا هئا.‘“ 14 يشوع پنهنجي ڳالهہ جاري رکندي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻ اوهين خداوند جو خوف رکو ۽ سچي نيت ۽ وفاداريءَ سان سندس عبادت ڪريو. جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ۽ مصر ۾ پوڄا ڪندا هئا تن کي اوهين اڇلائي ڇڏيو ۽ رڳو خداوند جي عبادت ڪريو. 15 هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“ 16 تنهن تي ماڻهن وراڻيو تہ ”خدا نہ ڪري جو اسين خداوند کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا ڪريون. 17 اهو خداوند اسان جو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي غلاميءَ جي گھر يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ اسان جي سامهون وڏا وڏا معجزا ڪيائين. هن سڄي سفر دوران ۽ جن قومن مان ٿي لنگھياسين تن منجھہ اسان جي حفاظت ڪئي. 18 خداوند اسان جي اڳيان سڀني قومن کي امورين سميت، جيڪي هتي هن زمين تي رهندا هئا ڀڄائي ڪڍيو. سو اسين پڻ انهيءَ ئي خداوند جي عبادت ڪنداسين، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اسان جو خدا آهي.“ 19 تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ هو پاڪ خدا آهي. جيئن تہ هو غيرت وارو خدا آهي، سو هو اوهان جي حڪمعدولي ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو. 20 جيڪڏهن اوهين خداوند کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا ڪندا، تہ پوءِ هو، جنهن اوهان سان هيتري تائين چڱائي پئي ڪئي آهي، سو اوهان کان منهن ڦيرائي ويندو ۽ اوهان تي مصيبت آڻيندو. هو اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندو.“ 21 پر ماڻهن يشوع کي چيو تہ ”هرگز نہ، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.“ 22 تڏهن يشوع کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي مٿان انهيءَ ڳالهہ جا پاڻ شاهد آهيو تہ اوهان خداوند جي عبادت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ هنن وراڻيو تہ ”هائو، اسين شاهد آهيون.“ 23 تنهن تي هن کين چيو تہ ”چڱو هاڻي اهي ڌاريا معبود جيڪي اوهان وٽ آهن سي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي دل خداوند، بني اسرائيل جي خدا سان لڳايو.“ 24 ماڻهن يشوع کي چيو تہ ”اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪنداسين ۽ سندس فرمانبرداري ڪنداسين.“ 25 سو يشوع انهيءَ ڏينهن ماڻهن سان گڏ عهد اقرار ڪندي سڪم شهر ۾ هنن کي قاعدا قانون مقرر ڪري ڏنا. 26 يشوع اهي سڀ خدا جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيا. پوءِ هن هڪڙو وڏو پٿر کڻي، اتي واري خداوند جي پاڪ جاءِ ۾ شاهہبلوط وڻ جي هيٺان کوڙائي ڇڏيو. 27 پوءِ سڀني ماڻهن کي چيائين تہ ”هي پٿر اسان جو شاهد آهي. جيڪي ڳالهيون خداوند اسان سان ڪيون آهن سي سڀ هن ٻڌيون آهن. اهو اوهان تي شاهد ٿيندو، جيڪڏهن اوهين پنهنجي خدا جا انڪاري ٿيندءُ.“ 28 ان کان پوءِ يشوع ماڻهن کي روانو ڪيو ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي ورثي طور مليل زمين ڏانهن واپس هليو ويو. يشوع جي وفات ۽ کيس دفنائڻ 29 ڪجھہ وقت کان پوءِ خداوند جو ٻانهو يشوع ولد نون هڪ سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. 30 هنن کيس سندس ورثي طور مليل زمين ۾ تمنتسرح ڳوٺ ۾ دفن ڪيو، جيڪو جعس جبل جي اترئين پاسي افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آهي. 31 جيستائين يشوع جيئرو هو تيستائين بني اسرائيل خداوند جي عبادت ڪندا رهيا. يشوع جي وفات کان پوءِ بہ هو ائين ئي ڪندا آيا جيستائين اهي اڳواڻ جيئرا هئا جن اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي اکين سان ڏٺو هو جيڪي خداوند بني اسرائيل لاءِ ڪيو هو. 32 يوسف جا هڏا جيڪي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا سي بہ هنن سڪم ۾ زمين جي انهيءَ ٽڪري ۾ دفن ڪيا، جيڪو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي اولاد کان چانديءَ جي هڪ سؤ سڪن ۾ خريد ڪيو هو. اها زمين يوسف جي اولاد کي ورثي طور ملي هئي. 33 هارون جي پٽ اليعزر وفات ڪئي ۽ کيس انهيءَ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو، جيڪا سندس پٽ فينحاس کي افرائيم جي جابلو علائقي ۾ ڏني ويئي هئي. |
Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022
مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف
Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:
Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,
Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.
Used by permission. All rights reserved.
Pakistan Bible Society