Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يشوع 23 - Muslim Sindhi Bible


يشوع جو آخري خطاب

1 گھڻو عرصو گذري چڪو هو ۽ خداوند بني اسرائيل کي آس‌پاس وارن دشمنن کان آرام ڏنو هو. تنهن وقت ڌاري يشوع پيرسن ۽ وڏيءَ عمر جو ٿي ويو هو.

2 تڏهن يشوع سڄي بني اسرائيل کي يعني انهن جي سردارن، اڳواڻن، ججن ۽ عملدارن کي سڏائي چيو تہ ”هاڻ آءٌ پيرسن ٿي ويو آهيان.

3 جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان خاطر هنن سڀني قومن سان ڪيو آهي سو سڀ اوهان پاڻ ڏٺو آهي. اهو خداوند اوهان جو خدا ئي آهي جيڪو اوهان جي پاران وڙهيو آهي.

4 هي قومون جيڪي باقي بچيون آهن تن جي زمين ۽ پڻ انهن قومن جي زمين جن کي مون فتح ڪيو آهي، اردن درياءَ کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين، سا اوهان جي قبيلن کي مون ورثي طور ورهائي ڏني آهي.

5 خداوند اوهان جو خدا پاڻ انهن کي اتان ڀڄائي ڪڍندو. هو انهن کي اوهان کان پوئتي ڌڪيندو ۽ اوهين انهن جي زمين تي قبضو ڪري ويندا، جيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان سان واعدو ڪيو آهي.

6 تنهنڪري جيڪي موسيٰ جي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تنهن جي سڀني حڪمن تي خبرداريءَ ۽ گھڻي همت سان عمل ڪجو، انهيءَ کان ساڄي يا کاٻي پاسي نہ مڙجو.

7 جيڪي قومون اوهان منجھہ باقي وڃي بچيون آهن، تن سان رِلي‌مِلي نہ وڃجو، نڪي انهن جي معبودن جو نالو زبان تي آڻجو ۽ نہ وري سندن قسم کڻجو. اوهين انهن جي معبودن جي پوڄا نہ ڪجو، نڪي انهن کي سجدو ڪجو.

8 پر خداوند پنهنجي خدا سان چهٽيل رهجو جيئن اڄ ڏينهن تائين رهيا آهيو.

9 خداوند اوهان جي اڳيان وڏيون ۽ طاقتور قومون ڀڄائي ڪڍيون آهن ۽ اوهان جي اڳيان اڄ ڏينهن تائين ڪوبہ ماڻهو بيهي نہ سگھيو آهي.

10 اوهان مان هڪڙو ئي ماڻهو هزار کي ڀڄائي سگھي ٿو، ڇوجو خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پاران وڙهي ٿو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي.

11 سو اوهين خداوند پنهنجي خدا سان ئي محبت رکڻ ۾ خبردار رهو.

12 پر جيڪڏهن اوهين ڦري ويندا ۽ اهي باقي بچيل قومون جيڪي اوهان منجھہ رهن ٿيون تن سان گڏجي ويندا ۽ جيڪڏهن اوهين انهن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ ڪندا ۽ انهن سان رِلي‌مِلي ويندا،

13 تہ پوءِ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا اڳي وانگر انهن قومن کي اوهان وٽان وري ڀڄائي نہ ڪڍندو. اٽلندو اهي اوهان جي لاءِ ڦاهي ۽ دام ٿيندا. اهي اوهان جي پٺيءَ تي ڦٽڪا ۽ اوهان جي اکين ۾ ڪنڊا ٿيندا. تيستائين ائين ٿيندو رهندو جيستائين اوهين انهيءَ سٺيءَ زمين تان مري کپي نہ وڃو جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي.

14 هاڻ آءٌ اوڏانهن وڃڻ وارو آهيان جتي دنيا جي هر ماڻهوءَ کي وڃڻو آهي. اوهين سڀيئي پنهنجين دلين ۾ ڄاڻو ٿا تہ خداوند خدا اهي سڀ چڱيون ڳالهيون پوريون ڪيون آهن، جن جو هن اوهان سان واعدو ڪيو هو. هر هڪ واعدو پورو ٿيو آهي، ڪوبہ نہ گُٿو آهي.

15 جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا جو هر سٺو واعدو پورو ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح هو اهي سڀ خراب ڳالهيون بہ اوهان تي آڻيندو جنهن جي هن ڌمڪي ڏني آهي، جيستائين هو اوهان کي هن چڱيءَ زمين تان ناس نہ ڪري ڇڏي، جيڪا هن اوهان کي ڏني آهي.

16 جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهد جي ڀڃڪڙي ڪندا، جنهن تي قائم رهڻ جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي ۽ وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ کين سجدو ڪندا، تہ پوءِ خداوند جي ڪاوڙ اوهان تي ڀڙڪندي ۽ اوهين انهيءَ چڱي ملڪ مان جلد ناس ٿي ويندا جيڪو هن اوهان کي ڏنو آهي.“

Muslim Sindhi Bible © The Pakistan Bible Society, 2022

مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف 

Bible text may be quoted in any form (written, visual, electronic or audio) up to and inclusive of five hundred (500) verses without express written permission of the publisher, provided the verses quoted do not amount to a complete book of the Bible nor do the verses quoted account for 25% of the total text of the work in which they are quoted. Notice of copyright must appear on the copyright page of the work as follows:

Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi,

Copyright © 2022 The Pakistan Bible Society.

Used by permission. All rights reserved.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan